شاهه عقيق بابا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد اصغر علي شاھ بخاري
(اردو ۾: شاہ عقیق بابا خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
شاهه عقيق بابا
شاهه عقيق بابا

معلومات شخصيت
ڄم جمادي الثاني 835ھ/1432ع
اچ
موت جمادي الاول، 855ھ/1451ع
سنڌ
مدفن سجاول ضلعو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
ڌرم اسلام
والدين سيد محمد شريف الدين بخاري
عملي زندگي

سيد اصغر علي شاھ بخاري المعروف شاھ عقيق بابا (انگريزي ٻولي: Shah Aqeeq Babaروحاني جراح(اردو: روحانی سرجن). پاڻ سھرورديو جو ولي بزرگ ٿي گذريو آھي. کيس ھڪ ھندو شخص جنھن جو تعلق ھڪ ڌاڙيل ٽولي سان ھيو، سن 1451ع ۾ شھيد ڪيو ھو. [1]

زندگي[سنواريو]

شاھ عقيق بابا 1432ع کان 1451ع تائين زندھ رھيو.[1]شاھ عقيق کي سھروردیو ولي جي طور تي ياد ڪيو ويندو آھي.[2][1] جڏھن سندن والد مّحمد شريف الدين بخاري جي وفات ٿي تہ پاڻ 7 سال جي عمر ۾ پنھنجي ڀاءُ حضرت عبدالله شاھ بخاري سان گڏ اوچ شريف کان سنڌ لڏي آيو.

شاھ عقيق جي قبر مبارڪ

حضرت عبدالله شاھ بخاري المعروف جلالي، سيد ڪستوري شاھ بخاري، حضرت ڪبير الدين بخاري المعروف مسڪين شاھ ۽ شاھ موسيٰؒ تمام مشھور سھرورديو سلسلي جا وليءَ گذريا آھن ۽ شاھ عقيق بابا جا ڀائي گذريا آھن. ۽ بابا جا ٻيو جو ٻيو جيد ولي گذريو آھي.

شھادت جو ڪارڻ[سنواريو]

1451ع/855ھ جو زمانو ھو. گھڻو ڪري جمادي الاول جي نئين چنڊ جي ڇنڇر جي رات سومھڻي جي نماز کان بعد شاھ عقيق بابا جي نڪاح جي رسم ميين عثمان شاھ جي ڌيءُ سان ٿي رھي ھئي. ايتري ۾ پاڙي مان ھڪ عورت جيڪا رن زال ھئي، روئندي آئي ۽ بابا کي فرياد ڪيائين تہ ھن جي سڪيلڌي پٽ کي ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو آھي ۽ مقرر رقم ادا ڪرڻ جو چيو آھي. جيڪڏھن مھلت جي اندر رقم ادا نہ ڪئي وئي تہ منھنجي پٽ کي ماريو ويندو.

شاھ عقيق جي مزار جو ٻاھريون ڏيک

پاڻ رن زال مائي گڏ ڌاڙيلن وٽ وڃي پھتا. ڌاڙيلن کي ان ڳالھ جو علم ھو تہ سندن کي الله ايتري طاقت ڏني آھي تہ اجيڪڏھن پٽ ھنيائون تہ پورو جو پورو ڳوٺ تباھ ٿي ويندو. پر ھنن سندن کي ڏسندي ئي منڍي مبارڪ ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏي سندن جي منڍي پري وڃي ڪري. سندن جي منھن مبارڪ مان شھادت جي ڪلمي جون صدائون گونجي رھيون ھيون.[3]

عرس[سنواريو]

روحاني سرجن

سندن جو عرس ھر سال جمادي الاول جي نئين چنڊ تي ملھايو ويندو آھي. سندن جو عرس مبارج ھر سال ھن جي ڀاءُ جلالي جي عرس سان گڏ ملھايو ويندو آھي- ھنن جو عرس "شاھ عقيق ٽائون" ، چوھڙ جمالي ، سجاول ضلعي ۾ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويندو آھي جنھن ۾ سڄي ملڪ بھر کان لکين زائر ايندا آھن ۽ الله جي شان سان لکين زائرن شفا ماڻيندا آھن ۽ فيضياب ٿيندا آھن.[4] ۽ ڪيترائي زائر پنھنجي مرضن مان شفاياب ٿيندا آھن. ڀلي مرض ڪيترو ئي وڏو ڇو نہ ھجي. بس خواب ۾ ڏنل بشارت پتي عمل ڪرڻ عام طور تي ھڪ ضروري شرط مڃي وئي آھي ۽ ان ڪري سندن کيروحاني سرجن چيو ويندو آھي.[5][6] [1]

نسب جو شجرو[7][سنواريو]

  • علي ابن ابي طالب
  • حسين ابن علي
  • زين العابدين
  • محمد باقر
  • جعفر صادق
  • موسي ڪاظم
  • علي رضا
  • محمد تقي
  • سيد جعفرثاني
  • سيد علي اصغرؒ
  • سيد احمد ابن علي
  • سيد محمو دابن احمدؒ
  • سيد محمد ابن محمودؒ
  • سيد جعفر ابن محمدؒ
  • سيد الموئد ابن جعفرؒ
  • جلال الدين سرخ بخاري
  • سيد علي ابن جلال بخاري
  • سيد محمود ابن علي بخاري
  • سيد علي اصغر بخاري
  • سيد عبد المجيد بخاري
  • سيد عبدالحميدببخاري
  • سيد عبدالله بخاري
  • سيد شريف الدين بخاري
  • سيد اصغر علي بخاري المعروف شاھ عقيق الشھيدؒ

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 Accessions List, South Asia, Volume 7, Issues 1-6 E.G. Smith for the U.S. Library of Congress Office, New Delhi, 1987 accessed at https://books.google.com/books?id=UDlMAQAAIAAJ
  2. Ansari, Sarah FD. Sufi saints and state power: the pirs of Sind, 1843–1947. No. 50. Cambridge University Press, 992. p20
  3. shahadat,shaha aqeeq shaheed [1]. Spiritual Blog Shah Aqeeq Baba Shaheed
  4. Asghar Ahmad, Pakistan tourism directory, '86: everything about tourism. Holiday Weekly, 1986, p373, quote="URS OF SHAH YAQIQ, at Thatta, the historic town of Sind located about 80 kilometers from Karachi on the National Highway"، accessed at https://books.google.com/books?id=-x0zAAAAMAAJ
  5. سرجن بابا: روحاني آپريشن سان علاج، BBC Urdu, جون 3, 2009
  6. In 1986, a biography was written about him by Habibu Sindhi and published by the Anjuman-i-Ghulaman-i-Mustafa
  7. Family,Linage. [2]. Spiritual Blog Shah Aqeeq Baba Shaheed Family Lineage

پڻ ڏسو[سنواريو]

Sindhi, Habibu, Sawanah hayat Shah Yaqiq Shaheed* Bukhari (Biography of Saint Shah Yaqiq Bukhari)، Soshal Vailfe'ar Anjuman-i-Ghulaman-i-Mustafa (Cuhar Jamali, 1986)[1]]]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named AccessionsList