مواد ڏانھن هلو

وحدت الوجود

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وحدت الوجود (Wahadat - ul- Wajood) صوفياءِ ڪرام جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن ۾ حق سبحان تعاليٰ جي توحيد ذاتي ۽ وجودي تي بحث ڪيو ويندو آهي. انهيءَ بحث جو خلاصو هي آهي، تہ وجود حقيقي فقط هڪ آهي، ۽ اهو حق تعاليٰ جو وجود آهي. ان حقيقت کي لاموجود الا الله چئي واضح ڪيو ويندو آهي. وجود حقيقي هڪ آهي، يعني فقط خدا ئي موجود آهي، ۽ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آهي. هر شيءِ انهيءَ مان آهي، ۽ انهيءَ ۾ آهي، جيئن سمنڊ ۾ لھرون ۽ موجون. هر شيءِ خدا جو مظهر آهي. اهي صوفي وحد ۾ ڪثر ۽ ڪثر ۾ وحد جي فلسفي کي مڃين ٿا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.