هومر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

قديم يونان جو مشهور شاعر هومر جا لڳ ڀڳ 850 قبل مسيح ۾ زندهه هجڻ جا نشان ملن ٿا. ڪجهه اهل علم ان تاريخ کي 1200 ق م تائين ڊگهو ڪري وٺندا آهن. سندس مشهور رزميه داستانون اليئڊ ۽ آڊيسي آهن. جرمني جي مشهور عالم فريڊريش آگسٽ وولف 1795ع ۾ هي خيال ظاهر ڪيو ته اليئڊ ۽ آڊيسي جي مختلف حَسن کي ڪيترن ئي ڳائڻ وارن شاعرن تصنيف ڪيو آهي. بعد ۾ انهن کي ايڊيٽر سهڙي ڪري ڪتابي صورت ڏني.

هن جي لکيل نظمن کي جيڪي هيڏي هوڏي پکڙيل هئا، انهن کي سڀ کان پهريان اربستا ڪورس ڳڏ ڪيو. جيڪو ساموٿريس جو رهاڪو هو ۽ اسڪندريه ڪتب خاني جو مهتمم هو. 150 ق م ۾ ٻه ايڊيشن شايع ڪيائون هن جي ڪلام جو سڀني مهذب ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.