ڪفر
ڪفر جي اصل معني آھي لڪائڻ. ان مان انڪار جو مفھوم پيدا ٿيو ۽ اھو لفظ ايمان جي مقابلي ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. ايمان جي معني آھي مڃڻ، قبول ڪرڻ ۽ تسليم ڪرڻ آھي ۽ان جي ابتڙ ڪفر جي معني نہ مڃڻ، رد ڪرڻ ۽انڪار ڪرڻ آھي. [1] ڏوھ جي شريعت مطابق سزا کي ڪفارو سڏبو آهي ڇوتہ ڪفارو گناھ کي مٽائي ڇڏيندو آھي. ھڪ دوا کي ڪافور چوندا آهن اھا پنھنجي تيز خوشبو سان ٻين خوشبوئن کي لڪائي ڇڏيندي آهي.ڪنھن بہ شئي کي ڍڪڻ يا ڪنھن شئي کي لڪائڻ کي ڪفر چئبو آهي. قرآن ۾ ھاري يا کيتي ڪرڻ واري لاءِ بہ لفظ ڪافر استعمال ٿيو آهي.[2]:
"كَمَثَلِ غَيْثٍ أَعْجَبَ الْكُفَّارَ نَبَاتُهُ..." ان جو مثال بارش جيان آهي جنھن سان پيدا ٿيندڙ نباتات کيتي ڪندڙن کي سٺي لڳندي آهي
— سُورة الحدید، آیت 20
مسلمان ۽ ڪافر جي تميز ان مان ٿيندي آهي تہ ڪافر مطلق آزادي جو طلبگار ھوندو آھي ۽ مسلمان پاڻ کي خدا جي بندو يا غلام تصور ڪندي صرف اھا آزادي چاھيندو آھي جنھن لاء ھو سمجهندو آھي تہ کيس خدا ڏني آهي. مولانا مودودي تفھيم القرآن ۾ چوي ٿو تہ ڪافر پنھنجي سڀني معاملن جا فيصلا انسان جي ٺاھيل اصولن، قانون ۽ ضابطن تحت ڪندو آهي ۽ ان ۾ خدا جي ڪنھن بہ حڪم کي شامل نہ ڪندو آھي ان جي ابتڙ مؤمن پنھنجا سڀ معاملا خدا ۽ ان جي رسول طرف رجوع ڪندو آھي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ تفھيم القرآن؛ جلد 1، مولانا ابوالاعلي مودودي؛ صہ 129؛ اداره ترجمان القرآن، لاھور
- ↑ {{cite web|URL=http://forum.mohaddis.com/threads/کُفر-کیا-ہے-؟تعریف-و-اقسام-،-کِسی-کلمہ-گو-کی-تکفیر.34406/}[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ تفھيم القرآن؛ جلد 1، مولانا ابوالاعلي مودودي؛ صہ 365؛ اداره ترجمان القرآن، لاھور.