نوشهرو فيروز ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نوشهروفيروز
ضلعو
ضلعه نوشھروفيروز
نوشھروفيروز ضلعو ۽ ان جا تعلقا
نوشھروفيروز ضلعو ۽ ان جا تعلقا
نوشهروفيروز is located in سنڌ
نوشهروفيروز
نوشهروفيروز
نوشهروفيروز is located in Pakistan
نوشهروفيروز
نوشهروفيروز
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°50′N 68°07′E / 26.833°N 68.117°E / 26.833; 68.117مڪانيت: 26°50′N 68°07′E / 26.833°N 68.117°E / 26.833; 68.117
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن شھيد بينظيرآباد ڊويزن
تعلقا 5

نوشهرو فيروز ضلعو پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو گاديءَ جو هنڌ نوشهرو فيروز شهر آهي.

تاريخ[سنواريو]

موجوده نوشھروفيروز ضلعو برٽش انڊيا دور کان وٺي حيدرآباد ضلعي ۾ واقع ھيو جيڪو بعد نوابشاھ ضلعي جو حصو ٿيو. 1990 م ان کي نوابشاھ کان ڌار ڪري ضلعي حيثيت ڏني وئي[1]۔. چچنامي جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھن ريت بيان ڪيو آھي : ”محمد بن قاسم ساوندري يعني ساوڙي (چچنامي ۾ سائوندي لکيل آھي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو ـ جيئن ته محمد بن قاسم اروڙ طرف وڃي رھيو ھو، تنھنڪري بھراور جي تلاش ساوڙيءَ کان اُتر طرف ڪرڻ گھرجي ـ ھن کان اڳ ڏٺو ويو آھي ته محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڏانھن ايندي ”جلوالي“ جي ڍوري تي اچي منزل انداز ٿيو ھو ۽ ساوندڙيءَ ۾ به وڪر بھار جي ڍنڍ تي اچي لٿو ـ انھيءَ مان گمان نڪري ٿو ته پاڻيءَ جي سھولت جي لحاظ کان محمد بن قاسم جي فوج اڪثر درياءَ جي ڦاٽن جو ڪنارو وٺي پئي ھلي ـ تنھنڪري قرين قياس آھي ته محمد بن قاسم ساوندڙي ڇڏڻ کانپوءِ مھراڻ جي ڪنھن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اُتر طرف ڪُوچ ڪيو ھجي ـ انھيءَ قديم ڍوري جا نشان ھن ساوڙيءَ کان اُتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي وانءِ، چيھي جي اولھه طرف ڀريا ۽ ھالاڻي بھلاڻيءَ وٽان اڃان تائين ظاھر بيٺا آھن ـ“[1] بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو : ”انھيءَ قديم ڍوري جي رُخ ۽ رستي جي لحاظ سان بھراور مان ڀريا ۽ بھلاڻي جو گمان نڪري ٿو ـ بھلاڻي ڪافي پراڻي بستي آھي ۽ جيئن ھالاڻي (ھالا قوم جي بستي) تي ھالا قوم جي پويان نالو پيل آھي، تيئن ممڪن آھي ته بھلاڻي (ڀلاڻي، ڀراڻي، ڀرياڻي) تي به ڀريا قوم جي پويان اھو نالو پيل ھجي ـ انھيءَ گمان موجب بھلاڻي توڙي ڀريا ، اھي ٻئي نالا ڀريا قوم جي بستين پويان پيل ٿا ڀائنجن ـ ڀريا قوم به سھتن ۽ لاکن وانگر شايد سنڌ جي آڳاٽي قوم ھئي ـ ٿي سگھي ٿو ته بھراور (ڀراور _ ڀريا) ڀريا قوم جي ڏاکڻي بستي ھجي جيڪا موجوده ڀريا شھر جي آسپاس ھئي ـ “[1]

تعلقا[سنواريو]

هن ضلعي ۾ پنج تعلقا آهن.

  1. نوشھرو فيروز تعلقو
  2. ڪنڊيارو تعلقو
  3. ڀريا تعلقو
  4. مورو تعلقو
  5. محراب پور تعلقو

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

نوشھرو فيروز ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[2]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 محبت ديرو سيال 2 ڪوڙو خشڪ 3 شيخاڻي
4 موريا 5 ڄام نورالله 6 گھانگھرا
7 ڪنڍڙ 8 غلام شاھ 9 [[]]
10 [[]] 11 سومر چنڙ 12 ڪمال ڏيرو
13 [[]] 14 [[]] 15 [[]]
16 جيئندو راجپوت 17 ميھار حاجي 18 لاکا روڊ
19 سعيد پور 20 نئون آباد 21 ھوت خان جلباڻي
22 ڊالي 23 راجو ڪيريو 24 دريا خان جلباڻي
25 چاھين 26 بيلا واھ 27 غير گاجو
28 خاني قاسم 29 خاني ميمڻ 30 ڪوٽ بھادر
31 [[]] 32 [[]] 33 داليپوٽا
34 [[]] 35 دانگيجا 36 چيھو
37 ڀنڀري 38 چناري 39 مسرور جي واھ
40 ويسر، نوشھروفيروز 41 ڦل 42 نورپور
43 وڳڻ 44 ابران 45 ڪور حسن
46 سرھال 47 ڀرنڊ 48 ٺاٺ
49 ڪينچي جاگير 50 ڪاھر واھ 51 لنڊڪي
52 ڪيھڪٽ 53 خالصو 54 پراڻو ڳچيرو
55 ليلئا 56 فتو بلال 57 درس
58 ڪوٽ ستابو 59 مناھين 60 صالح پور
61 جتوئي 62 دلو شاھ 63 ڏيپارجا
64 ليٺ - - - -

درگاهون[سنواريو]

هن ضلعي ۾ هيٺيون مشهور درگاهون موجود آهن.

  1. درگاهه الله آباد شريف، ڪنڊيارو

مشھور شخصيتون[سنواريو]

هتي جو مشهور شخصيتون هيٺيون آهن

  1. جلال چانڊيو
  2. غلام مرتضي جتوئي
  3. غلام مصطفي جتوئي
  4. راشد مورائي
  5. سڄڻ سائين
  6. سيد الھندو شاھ
  7. حافظ غلام قادر ڀٽو

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 [ بَھراوَر کان ڀِريا تائين تاريخ جو سفر:ڪاوش اخبار 29 جولاءِ 2018ع، پھرين قسط، ڪالم نويس: نصير اعجاز]
  2. [ https://www.politicpk.com/naushehro-feroz-district-uc-list-mna-mpa-seats-%d9%86%d9%88%d8%b4%db%81%d8%b1%d9%88%d9%81%db%8c%d8%b1%d9%88%d8%b2-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%da%a9%db%8c-%db%8c%d9%88%d9%86%db%8c%d9%86-%da%a9%d9%88%d9%86/] نوشھرو فيروز، پوليٽيڪو. ڪام