ڏيرا (يو سي)
ڏيرا يو سي 48 ڏيرا | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
نصيرآباد تعلقي جي يو سي 2 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°24′49″N 67°58′25″E / 27.41361°N 67.97361°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
ٿاڻو | ڏيرا ٿاڻو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 17,389 |
يو سي 48 ڏيرا (انگريزي: U C 48 Dera) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي نصيرآباد جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,389 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڏيرا ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. نصيرآباد کان لاڙڪاڻي ٻہ رستا وڃن ٿا ھڪ انڊس ھاء وي جيڪو وڱڻ کان گذري ٿو ۽ ٻيو اين-255 جيڪو سڌو لاڙڪاڻي وڃي ٿو. ھي يو سي ان اين-255
تي واقع آھي جيڪا ڏيرا ڳوٺ وچ مان گذري ٿو. ھنن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڏيرا، ڪلھوڙا، ٻٻر، لاھبڙ، سولنگي، جلباڻي، نچراڻي، جت، نوناري ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ ڏيرا، ڳوٺ بوٺ ڏيرا، ڳوٺ وسايو ڪلھوڙو، باغ لاھبڙ، ڳوٺ گنھور لاھبڙ، ڳوٺ دوست محمد جلباڻي، ڳوٺ وڌو ڪلھوڙو، ڳوٺ نچراڻي، ڳوٺ حاجي نوناري شامل آهن. ڳوٺ ڏيرا جي ڀر واري ڳوٺ ۾ جانڻ چن جي مريد صوفي فقير سوچ علي جو مقبرو آھي.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد علي ٻٻر ۽ وائيس چيئرمين شاھد حسين ڪلھوڙو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ باغ لاھبڙ جو حسين بخش لاھبڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/