لشڪري چانڊيو
لشڪري چانڊيو
يو سي 13 لشڪري چانڊيو | |
---|---|
قمبر تعلقي جي يو سي نمبر 2 | |
جاگرافي بيهڪ: 27°38′25″N 68°06′47″E / 27.64028°N 68.11306°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | ميروخان تعلقو |
ٿاڻو | مھي مڪول ٿاڻو |
يو سي 13 لشڪري چانڊيو(انگريزي: U C 13 Lashkari Chandio ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 20,640 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ لشڪري چانڊيو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾
ماھيون، پيروز ڀٽي ، ڀرمين، ڳوٺ دريا خان چانڊيو، ڳوٺ سوايو ڦل، ڳوٺ ڌڻي بخش مغيري، ڳوٺ سارنگ کھاوڙ، ڳوٺ بدواڻي، مھي مڪول ، ڳوٺ ھمير علي چانڊيو شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين سعيد احمد کھاوڙ ۽ وائيس چيئرمين اظھر چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ھمير علي چانڊيو جو پيپلز پارٽي جو مظھر علي چانڊيو بنا مقابلي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.
تعليم ۽ صحت جون سھولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/