مواد ڏانھن هلو

لشڪري چانڊيو

لشڪري چانڊيو

يو سي 13 لشڪري چانڊيو
قمبر تعلقي جي يو سي نمبر 2
لشڪري چانڊيو is located in سنڌ
لشڪري چانڊيو
لشڪري چانڊيو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
لشڪري چانڊيو is located in پاڪستان
لشڪري چانڊيو
لشڪري چانڊيو
لشڪري چانڊيو (پاڪستان)
Coordinates: 27°38′25″N 68°06′47″E / 27.64028°N 68.11306°E / 27.64028; 68.11306
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقوميروخان تعلقو
ٿاڻومھي مڪول ٿاڻو
آبادي
 (2017)
• ڪل20,640
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


يو سي 13 لشڪري چانڊيو(انگريزي: U C 13 Lashkari Chandio ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 20,640 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ لشڪري چانڊيو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ماھيون، پيروز ڀٽي ، ڀرمين، ڳوٺ دريا خان چانڊيو، ڳوٺ سوايو ڦل، ڳوٺ ڌڻي بخش مغيري، ڳوٺ سارنگ کھاوڙ، ڳوٺ بدواڻي، مھي مڪول ، ڳوٺ ھمير علي چانڊيو شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين سعيد احمد کھاوڙ ۽ وائيس چيئرمين اظھر چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ھمير علي چانڊيو جو پيپلز پارٽي جو مظھر علي چانڊيو بنا مقابلي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.


تعليم ۽ صحت جون سھولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]


ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا

[سنواريو]
  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-08-12 تي محفوظ ڪيل, 2020-04-30 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)