حيدر چانڊيو (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حيدر چانڊيو
يو سي 40 حيدر چانڊيو
يونين ڪاؤنسل
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 3
حيدر چانڊيو is located in سنڌ
حيدر چانڊيو
حيدر چانڊيو
حيدر چانڊيو is located in Pakistan
حيدر چانڊيو
حيدر چانڊيو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°50′11″N 68°06′51″E / 27.83639°N 68.11417°E / 27.83639; 68.11417مڪانيت: 27°50′11″N 68°06′51″E / 27.83639°N 68.11417°E / 27.83639; 68.11417
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو سجاول جوڻيجو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 14,778


يو سي 40 حيدر چانڊيو (انگريزي: U C 40 Hyder Chandio) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,778 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ حيدر چانڊيو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، جتوئي، ساريا، لغاري، جتوئي، ڀٽا، ڪورائي، لغاري، چوڍا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ حيدر چانڊيو، ڳوٺ بخشو ساريو، محمود آباد، ڳوٺ ميراڻي چانڊيو ڳوٺ بلاول خان لغاري، ڳوٺ دريا خان جتوئي ، شير محمد جي وانڍ، ڳوٺ ڪورائي،، ڳوٺ فتوحل چوڍو، ڳوٺ غلام محمد لغاري ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين سرفراز احمد ۽ وائيس چيئرمين محمد اعتبار بلوچ چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ درياء خان جتوئي جو سعيد احمد جتوئي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/