ڇڄڙا (يو سي)
ڇڄڙا
يو سي 15 ڇڄڙا | |
---|---|
قمبر تعلقي جي يو سي 4 | |
جاگرافي بيهڪ: 27°37′02″N 67°59′42″E / 27.61722°N 67.99500°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ٿاڻو | قمبر ٿاڻو |
يو سي 15 ڇڄڙا(انگريزي: U C 15 Chhjra ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 22,873 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ ڇڄڙا ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي جنھن جي آبادي 6416 آھي. ڇڄڙا ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ قمبر شھر واقع آهي ۽ اتر ۾ نور واھ وھي ٿو . ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا ، ڀثا، مغيري، ڇڄڙا، بروھي، حاصلا، وڌا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڇڄڙا ، ڏاتو جي وانڍ، ڪجلو خان مغيري، ڳوٺ جمعو خان بروهي، جمعو خان چانڊيو،
وڌا ڳوٺ شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نورالدين ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين ارشد علي ميمڻ چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڇڄڙا جو ياسر عرفات ڀٽو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھي يو سي قمبر شھر جي لاڙڪاڻي شھدادڪوٽ روڊ واري باء پاس لڳ واقع آهي. ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/