مصري خان چانڊيو (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مصري خان چانڊيو
يو سي 7 مصري خان چانڊيو
يونين ڪاؤنسل
مصري خان چانڊيو is located in سنڌ
مصري خان چانڊيو
مصري خان چانڊيو
مصري خان چانڊيو is located in Pakistan
مصري خان چانڊيو
مصري خان چانڊيو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°41′23″N 68°04′43″E / 27.68972°N 68.07861°E / 27.68972; 68.07861مڪانيت: 27°41′23″N 68°04′43″E / 27.68972°N 68.07861°E / 27.68972; 68.07861
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو ميروخان تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 17,328


يو سي 7 مصري خان چانڊيو(انگريزي: U C 7 Misri Khan Chandio ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ميروخان تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ميروخان جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 17,328 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا, گوپانگ، ڀنگر ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو، ڳوٺ علي شير گوپانگ، ڳوٺ ڪرم علي گوپانگ ، ڳوٺ صلاح الدين چانڊيو، ڳوٺ رپ چانڊيو، ڳوٺ منڌو چانڊيو، ڳوٺ جان محمد ڀنگر، ۽ ڳوٺ گاھي خان چانڊيو شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نثار احمد گوپانگ ۽ وائيس چيئرمين آفتاب علي چانڊيو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ گاھي خان چانڊيو جو شھبيگ چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

تعليم ۽ صحت[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھي يو سي ميروخان قمبر روڊ ۽ ميروخان لاڙڪاڻو روڊ جي وچ ۾ واقع آھي ۽ ن جون حدون ميروخان شھر سان ملن ٿيون. ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

مشھور شخصيتون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/