نور آباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نور آباد
يو سي 28 نور آباد
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 1
نور آباد is located in سنڌ
نور آباد
نور آباد
نور آباد is located in Pakistan
نور آباد
نور آباد
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°26′13″N 67°49′50″E / 27.43694°N 67.83056°E / 27.43694; 67.83056مڪانيت: 27°26′13″N 67°49′50″E / 27.43694°N 67.83056°E / 27.43694; 67.83056
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 16,644


يو سي 28 نور آباد(انگريزي: U C 28 Noorabad ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 16,644 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ جيئن ابڙو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ بروهي، تونيا، ماڇي، سولنگي، چانڊيا ، ڀنگر ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ نور آباد، ڳوٺ نھال تونيو، بڪيجاڻي، ڳوٺ ورند ماڇي، ڳوٺ جکر ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين علي حسن بروهي ۽ وائيس چيئرمين بخت علي سولنگي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ نور آباد جو محمد بخش بروهي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/