مواد ڏانھن هلو

يارو ديرو

يارو ديرو

يو سي 30 يارو ديرو
وارھ تعلقي جي يو سي 3
يارو ديرو is located in سنڌ
يارو ديرو
يارو ديرو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
يارو ديرو is located in پاڪستان
يارو ديرو
يارو ديرو
يارو ديرو (پاڪستان)
Coordinates: 27°30′23″N 67°55′42″E / 27.50639°N 67.92833°E / 27.50639; 67.92833
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقووارھ تعلقو
ٿاڻووڳڻ ٿاڻو
آبادي
 (2017)
• ڪل8,395
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


يو سي 30 يارو ديرو (انگريزي: U C 30 Yaro Dero ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 8,395 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ وڳڻ ھڪ ننڍڙو شھر ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تنيا، مغيري، تيوڻا، پنھور، ابڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ يارو ديرو، ڳوٺ جلال مغيري، وڳڻ، مزاري ڳوٺ، عالي ڳوٺ، ميھر ڳوٺ، معظم بستي، ڏاتو تيوڻو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين فدا حسين مغيري ۽ وائيس چيئرمين ذيشان پنھور چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڏاتو تيوڻو جو عبدالغفور شاھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. وڱڻ شھر ۾ ھڪ سرڪاري ھاء اسڪول واقع آهي. ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. وڱڻ ۾ ھڪ بنيادي صحت مرڪز پڻ آھي. انڊس ھاء وي پڻ ھن يو سي مان گذري ٿو.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.


حوالا

[سنواريو]
  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-08-12 تي محفوظ ڪيل, 2020-05-01 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)