ڌامراھو (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڌامراھو
يو سي 49 ڌامراھو
يونين ڪاؤنسل
نصيرآباد تعلقي جي يو سي 3
ڌامراھو is located in سنڌ
ڌامراھو
ڌامراھو
ڌامراھو is located in Pakistan
ڌامراھو
ڌامراھو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°20′43″N 67°50′11″E / 27.34528°N 67.83639°E / 27.34528; 67.83639مڪانيت: 27°20′43″N 67°50′11″E / 27.34528°N 67.83639°E / 27.34528; 67.83639
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 11,665


يو سي 49 ڌامراھو (انگريزي: 'UC 49 Dhamraho) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي نصيرآباد جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 11,665 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ڌامراھو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي ۽ ان جي آبادي 4,581 آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ کوکر، ڪانڌڙا، گوپانگ، بروھي ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ ڪرم خان ڪانڌڙو، ڳوٺ نبي بخش ڪانڌڙو، ڳوٺ سائينداد ڪانڌڙو، مصطفي آباد، اسماعيل آباد ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين منظور قادر ڪانڌڙو ۽ وائيس چيئرمين خدابخش بروهي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ فيض محمد کوکر جو فيض محمد کوکر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/