ماسٽر منظور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


ماسٽر منظور (انگريزي ٻولي: Master Manzoor) سنڌ جو ھڪ مشھور راڳي هئو جنهن بيشمار سنڌي گيت ڳايا. ماسٽر منظور 8 جولاءِ 1974ع تي نئون ٺارو تعلقو ميرو خان ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو قدر حسين وڌو ھيو ۽ منظور سندس عرفيت ھئي. ابتدائي تعليم بہ ان ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سندس والد مکڻو فقير پڻ مشھور راڳي ھيو جنھن يڪتاري ۽ چپڙي تي راڳ ٻڌايا . پنھجي پيءُ کان ئي کيس راڳ جو شوق پيو ۽ ھن راڳ جي ابتدائي سکيا پڻ پنھنجي پيءُ کان ورتي. سندس شادي پنھنجي عزيزن مان افشان[1] نالي عورت سان ٿي جنھن مان کيس پنج ٻار پيدا ٿيا. ھن ننڍي عمر ۾ ئي ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ جلد ئي مشھوري ماڻي[1]. سندس گيت " ھر جاء پرين ھر محفل ۾ " کيس پوري سنڌ ۾ مشھور ڪري ڇڏيو[1]. ماسٽر منظور جا ڪيترائي البم جاري ٿيا. سندس پھريون آڊيو البم 1992 ۾ جاري ٿيو ھو جنھن ۾ ڪيسٽ واري ڪمپني پاران کيس ماسٽر منظور جو نالو ڏئي متعارف ڪرايو جنھن بعد مٿس ان نالي سان معروف ٿي ويو. ٽي وي تي پھريون ڀيرو پي ٽي وي جي ڪچھري پروگرام ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. ھن سنڌي گانن ۾ وڏي مشھوري ماڻي[2]. ھن اردو ۾ پڻ گانا ڳاتا. ھن ملڪ جي اندر ۽ ملڪ کان ٻاھر بيشمار پروگرامن ۾ پنهجي فن جو مظاهرو ڪيو. ھن 500 جي لڳ ڀڳ آڊيو البم ڏنا. ھن 2003 ۾ حيدرآباد ۾ تعلقي قاسم آباد ۾ رھائش اختيار ڪئي.

سندس مشھور گانا[سنواريو]

  • ڇني ڀلا مان ڪيئن ڇڏيان ، ڇنڻ جو ھي نہ پيار آ...
  • ھر جاء پرين ھر محفل ۾، مون تنھنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي ..

وفات[سنواريو]

ھن 20 اپريل 2012 تي حيدرآباد ۾ نسيم نگر ٿاڻي[1] جي حد ۾ واقع پنھنجي گھر ۾ پاڻ کي گولي ھڻي خودڪشي ڪئي[2]. ان جو ڪارڻ سندس گھرواري جي علحدگي ٻڌائي وئي. مرحوم کي پنج ٻار ھيا[2]. سندس وارثن ان جو پوسٽ مارٽم نہ ڪرايو[1]. کيس ڪراچي حيدرآباد سپر ھاء وي تي واقع واديئي حسين قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 - https://www.dawn.com/news/712580
  2. 2.0 2.1 2.2 - https://nation.com.pk/23-Apr-2012/sindhi-singer-master-manzoor-commits-suicide