الله آباد ( يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
الله آباد
يو سي 9 الله آباد
يونين ڪاؤنسل
ميروخان جي يو سي 5
الله آباد is located in سنڌ
الله آباد
الله آباد
الله آباد is located in Pakistan
الله آباد
الله آباد
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°42′23″N 67°55′09″E / 27.70639°N 67.91917°E / 27.70639; 67.91917مڪانيت: 27°42′23″N 67°55′09″E / 27.70639°N 67.91917°E / 27.70639; 67.91917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو ميروخان تعلقو


يو سي 10 الله آباد(انگريزي: U C 10 Allahabad ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ميروخان تعلقي ۾ واقع آهي. ان جي ڪل آبادي 19,228 آهي [1]. ھي يونين ڪاؤنسل ۾ الله آباد ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي ھن يو سي ۾ ڳوٺ شير محمد شاھ، ڳوٺ رپ وٽو، بٺي ھڪڙا ، نئون کبڙ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي رھندڙ ماڻھن م بروھي، چانڊيا ، مگسي، ھڪڙا، سانگي، کوسا ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين جاويد احمد چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين محمد خان مگسي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ڳوٺ جان محمد کوسو جو آصف احمد کوسو ميمبر چونڊيو ويو.

تعليم ۽ صحت جون سھولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. مڊل ، سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھي يو سي مان وارھ ڪئنال وھندڙ آهي. ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي بٺي ھڪڙا واري پاسي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/