يونين ڪائونسل جمالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمالي
يو سي 1 جمالي
يونين ڪائونسل
جمالي is located in سنڌ
جمالي
جمالي
جمالي is located in Pakistan
جمالي
جمالي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°57′40″N 67°54′42″E / 27.96111°N 67.91167°E / 27.96111; 67.91167مڪانيت: 27°57′40″N 67°54′42″E / 27.96111°N 67.91167°E / 27.96111; 67.91167
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
ٿاڻو امام بخش جمالي ٿاڻو
آبادي
 • ڪل 6,590


يو سي 1 جمالي(انگريزي: U C 1 Jamali ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا شھدادڪوٽ تعلقي ۾ واقع آهي. ان جي آبادي 6،590 آهي[1]. ھي يونين ڪائونسل ۾ امام بخش جمالي ھڪ وڏو ڳوٺ آھي جنھن جي آبادي 1443 آھي. ھي يو سي امام بخش ٿاڻي جي حدن ۾ ڳڙهي خيرو ۽ شھدادڪوٽ روڊ تي واقع آهي.

يو سي جا ڳوٺ[سنواريو]

ھن يونين ڪائونسل م شامل ڳوٺن ۾ ڳوٺ اميد علي جوڻيجو، ڳوٺ غلام حيدر جروار، ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، ڳوٺ خدا بخش جمالي ، ڳوٺ شاھو جمالي , سنجر ڀٽي ، ڀنڀو خان چانڊيو جي وانڍ، سڪندر آباد، ڪوٽ جھوڙو، غوثپور، بوندر جي ڳڙھي، چاڪر جي وانڍ، شامل آهن[2].

ذاتيون[سنواريو]

ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جمالي ، جروار ، جوڻيجا ، ڀرڳڙي، بروھي مغيري، لھري، ڀٽي، ڀٽا، جتڪ، لغاري، چانڊيا، قطريا، گرگيج، کوکر، ڪوري ، کوسا، جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن[2].

جاگرافي[سنواريو]

ھن يونين ڪاؤنسل جون حدون اتر ۾ جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ڳڙهي خيرو سان ۽ اولھ پاسي کان بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد جي تحصيل گنداخاہ سان ملن ٿيون. يونين ڪاؤنسل مان عيدن واھ، سنجر شاخ ۽ نورپور شاخ پڻ وھن ٿيون. ھن يو سي مان شھدادڪوٽ ڳڙهي خيرو روڊ کان ڀرڳڙي ريلوي اسٽيشن وٽان ھڪ لنڪ روڊ اتر اولھ طرف بلوچستان جي شھر گنداخاہ وڃي ٿو.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪائونسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ھزار خان جمالي ۽ وائيس چيئرمين حضور بخش بروھي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان آهي[3]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ اميد علي جوڻيجي جو نصرت جوڻيجو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

ڪائونسل جي تعليم ۽ صحت[سنواريو]

ھن يو سي م ڳوٺ اميد علي جوڻيجو م صحت جو مرڪز، ھاء اسڪول ۽ پرائمري اسڪول واقع آھن.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل م عام ماڻھو اڪثر بنيادي سھولتن کان محروم آھن. ھن يو سي مان ريل جو رستو پڻ گذري ٿو پر اھا سھولت گھڻو وقت اڳي ختم ٿي چڪي آهي. يو سي ۾ ھڪڙي ڀرڳڙي ريلوي اسٽيشن آهي جيڪا ھاڻي ڦٽل آھي. ھن يو سي ۾ زرعي زمينن لاء پاڻي جي ڏاڍي قلت آھي. ڳوٺاڻي آبادي پيئڻ لاء جر جو پاڻي استعمال ڪري ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. 2.0 2.1 https://www.scribd.com/doc/129529996/The-Villages-Directory-District-Kamber-Shahdadkot-Sindh-Pakistan-2013-
  3. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/