حمل (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حمل ايٽ چڪ آباد
يو سي 41 حمل چڪ آباد
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 7
حمل ايٽ چڪ آباد is located in سنڌ
حمل ايٽ چڪ آباد
حمل ايٽ چڪ آباد
حمل ايٽ چڪ آباد is located in Pakistan
حمل ايٽ چڪ آباد
حمل ايٽ چڪ آباد
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: .27°19′00.7″N 67°42′32″E / 27.316861°N 67.70889°E / 27.316861; 67.70889مڪانيت: 27°19′00.7″N 67°42′32″E / 27.316861°N 67.70889°E / 27.316861; 67.70889
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
ٿاڻو حمل ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 19,093

يو سي حمل چڪ آباد (انگريزي: U C Hamal Chakabad ) سنڌ جي قمبر شهدادڪوٽ ضلعو جي يونين ڪائونسلن جي سلسلي مطابق يوسي نمبر 41 نالو آهي جيڪا وارھ تعلقو ۾ واقع آهي. ھن يونين ڪاؤنسل جي آبادي 19039 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ حمل ڪاڇڙي ۽ ڳوٺ لشڪر خان لاشاري وڏا ڳوٺ آهن ھن يو سي جو صدر مقام ديھ چڪ آباد ۾ آھي. ھن يوسي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، لاشاري رند ڏيرا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ حمل ڪاڇڙي، ڳوٺ مرزاپور ڳوٺ ڳھڻو ڏيرو، ڳوٺ ڪنڊو ڏيرو ڳوٺ سوائي چانڊيو، ڳوٺ عبدالله چانڊيو، ڳوٺ گاھي خان چانڊيو، ڳوٺ لشڪر خان لاشاري ڳوٺ آڍو خان لاشاري ڳوٺ مينهون خان رند ڳوٺ احمد خان رند ڪڙيو سبڙ خان شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2022 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين قربان چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين م ع لاشاري چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2022 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڳوٺ ڪڙيو سبڙ خان جو گلزار چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ۽ وارڊ ھڪ لاءِ محمد مسلم لاشاري ڪائونسلر ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيا آهن جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ 6،000،000 سٺ لک روپيا سالانه او ٽي زيڊ آهي ۽ ڪو بہ ترقياتي ڪم ٽينڊر وصيلي ناھي ٿيندو[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون گھٽ اپت واريون ۽ زياده تر غير آباد آھن. ھي يو سي حمل ڍنڍ سان لڳولڳ واقع آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/