حمل (يو سي)
حمل ايٽ چڪ آباد يو سي 41 حمل چڪ آباد | |
|---|---|
| وارھ تعلقي جي يو سي 7 | |
| Coordinates: .27°19′00.7″N 67°42′32″E / 27.316861°N 67.70889°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | وارھ تعلقو |
| ٿاڻو | حمل ٿاڻو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 19,093 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
يو سي حمل چڪ آباد (انگريزي: U C Hamal Chakabad ) سنڌ جي قمبر شهدادڪوٽ ضلعو جي يونين ڪائونسلن جي سلسلي مطابق يوسي نمبر 41 نالو آهي جيڪا وارھ تعلقو ۾ واقع آهي. ھن يونين ڪاؤنسل جي آبادي 19039 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ حمل ڪاڇڙي ۽ ڳوٺ لشڪر خان لاشاري وڏا ڳوٺ آهن ھن يو سي جو صدر مقام ديھ چڪ آباد ۾ آھي. ھن يوسي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، لاشاري رند ڏيرا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ حمل ڪاڇڙي، ڳوٺ مرزاپور ڳوٺ ڳھڻو ڏيرو، ڳوٺ ڪنڊو ڏيرو ڳوٺ سوائي چانڊيو، ڳوٺ عبدالله چانڊيو، ڳوٺ گاھي خان چانڊيو، ڳوٺ لشڪر خان لاشاري ڳوٺ آڍو خان لاشاري ڳوٺ مينهون خان رند ڳوٺ احمد خان رند ڪڙيو سبڙ خان شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2022 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين قربان چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين م ع لاشاري چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2022 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڳوٺ ڪڙيو سبڙ خان جو گلزار چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ۽ وارڊ ھڪ لاءِ محمد مسلم لاشاري ڪائونسلر ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيا آهن جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون
[سنواريو]ڪائونسل جي مخالفت ڳوٺن ۾ ٻه 2 گرلز ۽ بوائز مڪس پرائمري اسڪول تعليم جي سھولت مهيا ڪري رھيا آهن. ۽ انکان علاوه ھڪ ميڊل اسڪول ڪڙيو سبڙ خان، ھڪ ايليمينٽري اسڪول لشڪر خان لاشاري (427040229) تعليم ڏئي رھيا آھن. پر سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
==ڪائونسل جي بجيٽ 12,000,000 ھڪ ڪروڙ ويھ لک روپيا سالانه او ٽي زيڊ آهي ۽ ڪو بہ ترقياتي ڪم ٽينڊر وصيلي ناھي ٿيندو
ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون گھٽ اپت واريون ۽ زياده تر غير آباد آھن. ھي يو سي حمل ڍنڍ سان لڳولڳ واقع آهي.