ٻير شريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٻير شريف
يو سي 19 ٻير
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 8
ٻير شريف is located in سنڌ
ٻير شريف
ٻير شريف
ٻير شريف is located in Pakistan
ٻير شريف
ٻير شريف
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°33′33″N 67°56′57″E / 27.55917°N 67.94917°E / 27.55917; 67.94917مڪانيت: 27°33′33″N 67°56′57″E / 27.55917°N 67.94917°E / 27.55917; 67.94917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
ٿاڻو ڊگھ ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 15,401


يو سي 19 ٻير(انگريزي: U C 19 Ber ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 8 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 15,401 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ٻير شريف ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. جنھن جي آبادي 2456 آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تونيا، جوڻيجا، راھوجا، بروھي، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ٻير شريف ، راھوجا ڳوٺ، ڳوٺ بگو جوڻيجو، حني، صوبيدار احمد خان شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين فياض احمد تونيو ۽ وائيس چيئرمين عبدالنبي تونيو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا ۽ بنا مقابلي کٽي آيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ راھوجا ڳوٺ جو پيپلز پارٽي جو خادم حسين راھوجو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ٻير شريف ديوبندي بزرگ مولانا عبدالڪريم قريشي جي ڳوٺ ھجڻ ڪري مشھور آھي جيڪو جمعيت علماء پاڪستان جو نائب امير يا وائس چيئرمين ھيو ۽ سندس مقبرو اتي واقع آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. ٻير شريف جي اتر م چانگرو ڍنڍ ۽ کاھي مينھون يا ڊگھ ڍنڍ واقع آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/