پنھوارو
پنھوارو
يو سي 21 پنھوارو | |
|---|---|
| قمبر تعلقي جي يو سي 10 | |
| Coordinates: 27°41′23″N 68°04′43″E / 27.68972°N 68.07861°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قمبر تعلقو |
| Population (2017) | |
• Total | 14,290 |
| Time zone | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
يو سي 21 پنھوارو(انگريزي: U C 21 Panhwaro ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 10 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,290 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ پنھوارو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ شيخ، چانڊيا، بروھي، ڪاملاڻي، مير جت ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ پنھوارو، ڀنگر اڇا، صديق آباد، ڳوٺ خميسو خان بروهي، ڳوٺ غلام حسين شيخ، ڳوٺ نور محمد شيخ ، ڳوٺ عبدالڪريم شيخ شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين علي حسن ڪاملاڻي ۽ وائيس چيئرمين علي حيدر چانڊيو چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ غيبي ديرو جو گھرام خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان آزاد حيثيت ۾ ميمبر چونڊيو ويو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, archived from the original on 2020-08-12, retrieved 2020-04-30
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help)