پنھوارو
پنھوارو يو سي 21 پنھوارو | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
قمبر تعلقي جي يو سي 10 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°41′23″N 68°04′43″E / 27.68972°N 68.07861°Eمڪانيت: 27°41′23″N 68°04′43″E / 27.68972°N 68.07861°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 14,290 |
يو سي 21 پنھوارو(انگريزي: U C 21 Panhwaro ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 10 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,290 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ پنھوارو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ شيخ، چانڊيا، بروھي، ڪاملاڻي، مير جت ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ پنھوارو، ڀنگر اڇا، صديق آباد، ڳوٺ خميسو خان بروهي، ڳوٺ غلام حسين شيخ، ڳوٺ نور محمد شيخ ، ڳوٺ عبدالڪريم شيخ شامل آهن.
ڪائونسل[سنواريو]
يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين علي حسن ڪاملاڻي ۽ وائيس چيئرمين علي حيدر چانڊيو چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ غيبي ديرو جو گھرام خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان آزاد حيثيت ۾ ميمبر چونڊيو ويو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]
ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]
ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]
ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا[سنواريو]
- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/