مواد ڏانھن هلو

نواب شبير چانڊيو (يو سي)

نواب شبير چانڊيو

يو سي 22 نواب شبير چانڊيو
قمبر تعلقي جي يو سي 11
نواب شبير چانڊيو is located in سنڌ
نواب شبير چانڊيو
نواب شبير چانڊيو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
نواب شبير چانڊيو is located in پاڪستان
نواب شبير چانڊيو
نواب شبير چانڊيو
نواب شبير چانڊيو (پاڪستان)
Coordinates: 27°41′23″N 68°04′43″E / 27.68972°N 68.07861°E / 27.68972; 68.07861
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقوقمبر تعلقو
ٿاڻوغيبي ديرو ٿاڻو
آبادي
 (2017)
• ڪل20,640
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )

يو سي-22، نواب شبير چانڊيو (UC-22,Nawab Shabir Chandio) سنڌ جي ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 11 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي. [1] ھن يونين ڪاؤنسل جو نالو نواب شبير احمد چانڊيو جي نالي سان منصوب ڪيل آهي جيڪو قمبر ضلعي جو پھريون ناظم ۽ سابق ايم اين اي ھيو. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، مغيري، جاگيراڻي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ لونگ خان مغيري، باغ جاگيراڻي، ڳوٺ رئيس محمد فائق، بٺي لشڪر چانڊيو، ڳوٺ مولوي در محمد چانڊيو شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين فدا حسين چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين لياقت علي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م قمبر جو نوابزاده ريحان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا

[سنواريو]
  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-08-12 تي محفوظ ڪيل, 2020-05-01 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)