غيبي ديرو
غيبي ديرو يو سي 22 غيبي ديرو | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
قمبر تعلقي جي يو سي 12 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°34′45″N 67°38′41″E / 27.57917°N 67.64472°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
ٿاڻو | غيبي ديرو ٿاڻو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 12,091 |
يو سي 22 غيبي ديرو(انگريزي: U C 22 Ghebi Dero ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 12 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 12,091 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ غيبي ديرو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، ٻرڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ غيبي ديرو، ڳوٺ دينار ٻرڙو، ڳوٺ رئيس ھوت خان، ڳوٺ صابو خان ٻرڙو شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نوابزاده شاھنواز چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين محمد نواز چانڊيو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ غيبي ديرو جو نوابزاده مير ملڪ غيبي خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. سنڌ جي مشھور پاڻي جو ذخيرو حمل ڍنڍ ھن يو سي ۾ واقع آهي. ھتي جي زمين گھڻي ڀاڱي غير آباد آھي. ھي پراڻي چانڊين جي جاگير وارو علائقو آھي جنھن م ڪوھستان وارو علائقو يا ڪاڇو پڻ شامل آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/