موندر لاکا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
موندر لاکا
يو سي 51 موندر لاکا
يونين ڪاؤنسل
نصيرآباد تعلقي جي يو سي 5
موندر لاکا is located in سنڌ
موندر لاکا
موندر لاکا
موندر لاکا is located in Pakistan
موندر لاکا
موندر لاکا
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°24′03″N 67°53′42″E / 27.40083°N 67.89500°E / 27.40083; 67.89500مڪانيت: 27°24′03″N 67°53′42″E / 27.40083°N 67.89500°E / 27.40083; 67.89500
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 18,229


يو سي 51 موندر لاکا (انگريزي: U C 51 Munder Lakha) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي نصيرآباد جي يو سي 5 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 18,229 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ موندر لاکا ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڦلپوٽا، ڪانڌڙا، جويا، کوسا، سيد ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ موندر لاکا، ڳوٺ محمد خان جويو، ڳوٺ الله بخش کوسو، ڳوٺ سيد بچل شاھ، ڳوٺ سعيد خان ڦلپوٽو، آيو ڦلپوٽو، خان محمد ڦلپوٽو، بازاري ڪانڌڙا، شامل آهن. ھي يو سي نصيرآباد-وارھ روڊ تي واقع آهي. موندر لاکا ڳوٺ ان روڊ تي نصيرآباد کان ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين علي گوھر ڦلپوٽو ۽ وائيس چيئرمين نظام الدين ڪانڌڙو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ سيد بچل شاھ جو سيد ذوالفقار علي شاھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/