عرضي ڀٽو
عرضي ڀٽو
يو سي 39 عرضي ڀٽو | |
---|---|
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 2 | |
جاگرافي بيهڪ: 27°49′04″N 68°08′37″E / 27.81778°N 68.14361°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | سجاول جوڻيجو تعلقو |
يو سي 39 عرضي ڀٽو (انگريزي: U C 39 Arzi Bhutto) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,081 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ عرضي ڀٽو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڀٽا، مھيسر، جروار، ڪلھوڙا، ساريا، جلباڻي، ڀنگر، لولائي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ عرضي ڀٽو، ڳوٺ بخشو ساريو، ڇانگو، ڳوٺ گل ڪلھوڙو، ڳوٺ دين محمد جلباڻي، ڳوٺ پانڌي خان جروار، ڳوٺ سلطان ڀنگر، ڳوٺ غلام محمد مھيسر شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالوھاب ۽ وائيس چيئرمين نورالله چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ پانڌي خان جروار جو غلام اڪبر جروار ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. رتوديرو- گوادر ھاء وي ھن يو سي مان گذري ٿو
حوالا
[سنواريو]- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/