مواد ڏانھن هلو

عرضي ڀٽو

عرضي ڀٽو

يو سي 39 عرضي ڀٽو
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 2
عرضي ڀٽو is located in سنڌ
عرضي ڀٽو
عرضي ڀٽو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
عرضي ڀٽو is located in پاڪستان
عرضي ڀٽو
عرضي ڀٽو
عرضي ڀٽو (پاڪستان)
Coordinates: 27°49′04″N 68°08′37″E / 27.81778°N 68.14361°E / 27.81778; 68.14361
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقوسجاول جوڻيجو تعلقو
آبادي
 (2017)
• ڪل13,081
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


يو سي 39 عرضي ڀٽو (انگريزي: U C 39 Arzi Bhutto) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,081 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ عرضي ڀٽو ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڀٽا، مھيسر، جروار، ڪلھوڙا، ساريا، جلباڻي، ڀنگر، لولائي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ عرضي ڀٽو، ڳوٺ بخشو ساريو، ڇانگو، ڳوٺ گل ڪلھوڙو، ڳوٺ دين محمد جلباڻي، ڳوٺ پانڌي خان جروار، ڳوٺ سلطان ڀنگر، ڳوٺ غلام محمد مھيسر شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالوھاب ۽ وائيس چيئرمين نورالله چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ پانڌي خان جروار جو غلام اڪبر جروار ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. رتوديرو- گوادر ھاء وي ھن يو سي مان گذري ٿو

حوالا

[سنواريو]
  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-08-12 تي محفوظ ڪيل, 2020-05-02 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)