ڍوري (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڍوري
يو سي 46 ڍوري
يونين ڪاؤنسل
قبو سعيد خان تعلقي جي يو سي 3
ڍوري is located in سنڌ
ڍوري
ڍوري
ڍوري is located in Pakistan
ڍوري
ڍوري
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°49′23″N 67°41′40″E / 27.82306°N 67.69444°E / 27.82306; 67.69444مڪانيت: 27°49′23″N 67°41′40″E / 27.82306°N 67.69444°E / 27.82306; 67.69444
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قبو سعيد خان تعلقو
ٿاڻو قبو سعيد خان ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 13,160


يو سي 46 ڍوري (انگريزي: U C 46 Dhori) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قبو سعيد خان تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قبو سعيد خان جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,160 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل يو سي قبو سعيد خان جو نئون نالو آھي ان جو صدر مقام قبو سعيد خان شھر آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ بروھي، مگسي، کوسا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڍوري، اسحاق، سمندر، سرحد، ڳوٺ قادر بخش کوسو، ڳوٺ ميان بخش کوسو، ڳوٺ علي حسن بروهي شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالرحيم کوسو ۽ وائيس چيئرمين شھباز علي کوسو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ قادر بخش کوسو جو محمد قاسم کوسو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اڪثر گھٽ اپت واريون آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/