ڍوري (يو سي)
| ڍوري يو سي 46 ڍوري | |
|---|---|
| يونين ڪاؤنسل | |
| قبو سعيد خان تعلقي جي يو سي 3 | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°49′23″N 67°41′40″E / 27.82306°N 67.69444°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قبو سعيد خان تعلقو |
| ٿاڻو | قبو سعيد خان ٿاڻو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 13,160 |
يو سي 46 ڍوري (انگريزي: U C 46 Dhori) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قبو سعيد خان تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قبو سعيد خان جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,160 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل يو سي قبو سعيد خان جو نئون نالو آھي ان جو صدر مقام قبو سعيد خان شھر آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ بروھي، مگسي، کوسا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڍوري، اسحاق، سمندر، سرحد، ڳوٺ قادر بخش کوسو، ڳوٺ ميان بخش کوسو، ڳوٺ علي حسن بروهي شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالرحيم کوسو ۽ وائيس چيئرمين شھباز علي کوسو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ قادر بخش کوسو جو محمد قاسم کوسو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اڪثر گھٽ اپت واريون آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 12 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 02 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)