گل محمد چچو (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گل محمد چچو
يو سي 8 گل محمد چچو
يونين ڪاؤنسل
تعلقي ميروخان جي يو سي 3
گل محمد چچو is located in سنڌ
گل محمد چچو
گل محمد چچو
گل محمد چچو is located in Pakistan
گل محمد چچو
گل محمد چچو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°39′44″N 67°56′38″E / 27.66222°N 67.94389°E / 27.66222; 67.94389مڪانيت: 27°39′44″N 67°56′38″E / 27.66222°N 67.94389°E / 27.66222; 67.94389
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو ميروخان تعلقو


يو سي 8 گل محمد چچو(انگريزي: U C 8 Gul Muhammad Chacho ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ميروخان تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ميروخان جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ گل محمد چچو ھڪ وڏو ڳوٺ آھي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي جنھن کي نادر آباد پڻ چوندا آهن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چچا، خشڪ، مگسي، چانڊيا، سيد، بروھي، شيخ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ گل محمد چچو، بھرام ھيٺيون، ڳوٺ شھاب الدين شيخ، ڳوٺ غلام قادر خشڪ، غلام علي مگسي ۽ دينو جو ڪوٺو شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين غوث بخش چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين عبدالحق مگسي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ دينو جو ڪوٺو جو عبدالجبار مگسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھي يو سي ميروخان تعلقي مان گذرندڙ شھدادڪوٽ قمبر روڊ (اين 455) جي اولھ طرف وارھ ڪئنال سان لڳو لڳ واقع آهي. ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/