جوناڻي
| جوناڻي يو سي 33 جوناڻي | |
|---|---|
| يونين ڪاؤنسل | |
| وارھ تعلقي جي يو سي 6 | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°25′00″N 67°46′15″E / 27.41667°N 67.77083°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | وارھ تعلقو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 13,035 |
يو سي 33 جوناڻي (انگريزي: UC 33 Junani) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,035 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ جوناڻي ھڪ وڏو ڳوٺ جنھن جي آبادي 5308 ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. جوناڻي قمبر ضلعي جي وڏي ۾ وڏي حمل ڍنڍ کان 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تونيا، چانڊيا، مرکنڊ، بروھي ، گاڏھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ جوناڻي، ڳوٺ غازي خان مرکنڊ، ڳوٺ نورمحمد بروھي، ڳوٺ صاحب خان تونيو، ڪنڊي، شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين علي حسن چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين ٻانھل تونيو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ نوروز خان چانڊيو جو شھباز چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.
صحت ۽ تعليم جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 12 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 01 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)