جوناڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جوناڻي
يو سي 33 جوناڻي
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 6
جوناڻي is located in سنڌ
جوناڻي
جوناڻي
جوناڻي is located in Pakistan
جوناڻي
جوناڻي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°25′00″N 67°46′15″E / 27.41667°N 67.77083°E / 27.41667; 67.77083مڪانيت: 27°25′00″N 67°46′15″E / 27.41667°N 67.77083°E / 27.41667; 67.77083
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 13,035


يو سي 33 جوناڻي (انگريزي: UC 33 Junani) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,035 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ جوناڻي ھڪ وڏو ڳوٺ جنھن جي آبادي 5308 ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. جوناڻي قمبر ضلعي جي وڏي ۾ وڏي حمل ڍنڍ کان 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تونيا، چانڊيا، مرکنڊ، بروھي ، گاڏھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ جوناڻي، ڳوٺ غازي خان مرکنڊ، ڳوٺ نورمحمد بروھي، ڳوٺ صاحب خان تونيو، ڪنڊي، شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين علي حسن چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين ٻانھل تونيو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ نوروز خان چانڊيو جو شھباز چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/