ڪارڙا (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪارڙا
يو سي 11 مصري خان چانڊيو
يونين ڪاؤنسل
ميروخان جي يو سي 6
ڪارڙا is located in سنڌ
ڪارڙا
ڪارڙا
ڪارڙا is located in Pakistan
ڪارڙا
ڪارڙا
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°47′59″N 67°55′44″E / 27.79972°N 67.92889°E / 27.79972; 67.92889مڪانيت: 27°47′59″N 67°55′44″E / 27.79972°N 67.92889°E / 27.79972; 67.92889
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو ميروخان تعلقو
ٿاڻو بھرام ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 26,202


يو سي 11 ڪارڙا(انگريزي: U C 11 Karira ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ميروخان تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ميروخان جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 26,202 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ ڪارڙا ھڪ وڏو ڳوٺ جنھن جي آبادي 2,346 ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ کھاوڙ، ڪارڙا، سيد، کوسا، مگسي، بروھي، سھاڳ، سيد ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڪارڙا، ڀرمي، ڳوٺ غلام قادر مگسي، ڪنڊي، ڳوٺ گاھي ڀٽو ، گولو واھ، ڳوٺ غلام حيدر مگسي، ڇوڙي، ٿرڙي ڌپ، شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين شفيق احمد کھاوڙ ۽ وائيس چيئرمين نظر حسين مگسي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ غلام قادر مگسي جو غلام مجتبي مگسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھي يو سي شھدادڪوٽ قمبر روڊ تي واقع آهي. ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/