نجم الدين ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نجم الدين ولد ولي محمد ابڙو 4 -اپريل- 1944ع تي ڳوٺ کنڊو تعلقي وارهه ۾ ڄائو. هو ايم. اي سان گڏ قانون جي به ڊگري رکندڙ آهي. پيشي جي لحاظ کان زميندار ۽ وڪيل آهي، 12 سال کن -تعليم- کاتي ۾ به نوڪري ڪيائين. قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد سرڪاري نوڪري ڇڏي 1969ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو. هن 2002ع ۽ 2008ع جي چونڊن ۾ قمبر-شهدادڪوٽ جي -تڪ- 42 تي چونڊ کٽي. تعليم، قانون ۽ انساني حقن بابت سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽين جو ميمبر آهي. سندس مستقل رهائش ڳوٺ لکنو ۽ قمبر ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]