مواد ڏانھن هلو

ٺوف چوسول

بيھڪ: 27°42′22″N 68°10′50″E / 27.70611°N 68.18056°E / 27.70611; 68.18056
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٺوف چوسول
يو سي 41 ٺوف چوسول
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 4
ٺوف چوسول is located in سنڌ
ٺوف چوسول
ٺوف چوسول
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
ٺوف چوسول is located in Pakistan
ٺوف چوسول
ٺوف چوسول
ٺوف چوسول (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 27°42′22″N 68°10′50″E / 27.70611°N 68.18056°E / 27.70611; 68.18056
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو سجاول جوڻيجو تعلقو

ٺوف چوسول سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا تعلقي سجاول جوڻيجو ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي-4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي.[1]

ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ٺوف چوسول ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جتوئي، لغاري، عمراڻي، شر، سانگي ۽ ٻيا شامل آھن. ھنجي ڳوٺن ۾ ٺوف چوسول، محبوب جو بنگلو، ڳوٺ الله بخش لغاري، ڳوٺ عمر خان جتوئي، سعيد لغاري، پاريان ۽ ابراھيم جي وانڍ شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين خالد حسين لغاري ۽ وائيس چيئرمين نثار علي سانگي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ الله بخش لغاري جو امداد حسين لغاري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. اتي پرائمري اسڪول، گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول، گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول واقع آھن. ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاءِ ھتي ھڪ بيسڪ ھيلٿ يونٽ واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. رتوديرو قمبر روڊ ٺوف چوسول ڳوٺ منجھان گذري ٿو.

حوالا

[سنواريو]
  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/