احمد سلطان چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چانڊيا قبيلي جو سردار، 17 مئي 1937ع تي، ’غيبي ديري‘ ۾ ڄائو. نواب غيبي خان جو پوٽو هو، جنهن -احمد سلطان- جي -تعليم- ۽ تربيت لاءِ علامه علي خان ابڙي کي اتاليق مقرر ڪيو. نواب غيبي خان پنهنجي پڳ پٽ کي ڏيڻ بدران سڌي طرح پوٽي ڏانهن منتقل ڪئي. پهريون دفعو 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1962ع ۾ لاڙڪاڻي مان اولهه -پاڪستان- (ون يونٽ) اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 1956ع ۾ ٻيهر ساڳئي -تڪ- مان ڪامياب ٿيو. 1970ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ لاءِ لاڙڪاڻي مان آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊ وڙهيو، پر پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار کان چار سئو ووٽن -تان- هارائي ويو. چونڊن کان پوءِ ڀُٽي صاحب جي حڪومت کيس نظربند ڪري ڇڏيو. 15 سيپٽمبر 1976ع تي سردار -احمد سلطان- پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1977ع وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي بنامقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ڀُٽي صاحب جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ مارشل لا حڪومت کيس ڪوڙن پاسپورٽن ۽ ڪوڙين ويزائن ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ ٻه سال سخت پورهئي سان قيد ۽ پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني. 1985ع جي عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. صوبائي اسيمبليءَ ۾ -اختر- علي جي. قاضيءَ جي وڏ وزارت دوران ڪجهه عرصو وزير به رهيو. 24 -جنوري- 2000ع تي 66 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]