خيرپور جوسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خيرپور جوسو
يو سي 17 خيرپور جوسو
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 6
خيرپور جوسو is located in سنڌ
خيرپور جوسو
خيرپور جوسو
خيرپور جوسو is located in Pakistan
خيرپور جوسو
خيرپور جوسو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°43′09″N 68°02′53″E / 27.71917°N 68.04806°E / 27.71917; 68.04806مڪانيت: 27°43′09″N 68°02′53″E / 27.71917°N 68.04806°E / 27.71917; 68.04806
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
ٿاڻو پکو ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 21,870


يو سي خيرپور جوسو(انگريزي: U C 17 Khairpur Juso ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 21,870 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ خيرپور جوسو ھڪ ننڍڙو شھر ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ اسراڻ، مغيري، سامٽيا، سنديلا، سيال، چانڊيا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ خيرپور جوسو، عطر خان مغيري، گھوگھيري، گھوگھارو، ڳوٺ چنڊو خان مغيري، طاھر خان مغيري، ڌامڻ مغيري، واحد بخش مغيري، ڦاڪيو ڳوٺ، ڳوٺ سڀاڳو مغيري، ڳوٺ غلام علي اسراڻ، ڳوٺ سلطان سامٽيو، ڳوٺ محمد عثمان سامٽيو، ڳوٺ ديدر، ڳوٺ محراب سنديلو، ڳوٺ گاھي خان سامٽيو، شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين رجب علي کچي ۽ وائيس چيئرمين خادم حسين چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ خيرپور جوسو جو ساررازدين اسراڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھن يو سي مان انڊس ھاء وي گذري ٿو ۽ خيرپور جوسو شھر پڻ ان روڊ جي ٻنھي پاسن تي واقع آهي. ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/