ڳوٺ غيبي ديرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
غيبي ديرو
يونين ڪاؤنسل
ڳوٺ غيبي ديرو
ڳوٺ غيبي ديرو
غيبي ديرو is located in سنڌ
غيبي ديرو
غيبي ديرو
غيبي ديرو is located in Pakistan
غيبي ديرو
غيبي ديرو
جاگرافي بيهڪ: 27°35′54″N 67°38′51″E / 27.59833°N 67.64750°E / 27.59833; 67.64750مڪانيت: 27°35′54″N 67°38′51″E / 27.59833°N 67.64750°E / 27.59833; 67.64750
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ
حڪومت
 • پوسٽل ڪوڊ 77211


غيبي ديرو:(انگريزي: Ghaibi Dero) قنبر علي خان تعلقو، قمبر شهدادڪوٽ ضلعو صوبي سنڌ جو تاريخي ۽ اهم ڳوٺ آهي.[1][2][3] ھن ڳوٺ جي پاسي ۾ مشھور حمل ڍنڍ واقع آهي. غيبي ديرو روڊ رستي قنبر يا قمبر شھر سان ڳنڍيل آهي. ھتي چانڊيا ذات جا ماڻھو رھن ٿا ۽ ان ذات سان تعلق رکندڙ نوابن جا گھر پڻ اتي واقع آھن. ھتان کان ڪجهه فاصلي تي کيرٿر جبلن جي قطارن جي پاسي ڪاڇو واقع آهي. ھتان کان اولھ طرف پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پي.پي.ايل جي مزاراڻي گيس فيلڊ طرف ويندڙ روڊ تي چانڊين جي سردارن جو تاريخي قبرستان واقع آهي

تاريخ[سنواريو]

غيبي ديرو اتر سنڌ جو تاريخي ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ 1614ع ۾ سردار مرزا خان ولد سردار ڏاتا خان قائم ڪيو هو. اول صرف ديرو جي نالي سان ڄاتو ويندو هو. 1652ع ۾ جڏهن ميان شاهل محمد ڪلهوڙو طرفان سردارحاجي ولي محمد خان اول کي مَلَڪ ۽ غيبي جا خطاب ڏنا تڏهن کان ڳوٺ غيبي ديرو طور مشهور ٿيو. ڳوٺ غيبي ديرو قمبر شهر کان 36 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھ طرف ڪاڇو جي صحرا ۾ واقع آهي. هن ڳوٺ کي قمبر تعلقي جي ديھ، تپي ۽ يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. غيبي ديرو جو سردار نواب غيبي خان چانڊيو مشهور تاريخي شخصيت ٿي گذريو آهي.[4]

حوالا[سنواريو]