مير پور (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميرپور
يو سي 35 مير پور
يونين ڪاؤنسل
وارھ تعلقي جي يو سي 8
ميرپور is located in سنڌ
ميرپور
ميرپور
ميرپور is located in Pakistan
ميرپور
ميرپور
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°43′54″N 67°46′34″E / 27.73167°N 67.77611°E / 27.73167; 67.77611مڪانيت: 27°43′54″N 67°46′34″E / 27.73167°N 67.77611°E / 27.73167; 67.77611
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 10,317


يو سي 35 ميرپور (انگريزي: U C 35 Mirpur) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 8 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 10,317 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ميرپور ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي جنھن جي آبادي 1,829 آھي . ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ چانڊيا، چولياڻي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ نانگ دڙو (آبادي 3,468) ، سنھاري(آبادي 2,998) ، ٺيٺ (آبادي 2,022)، ڳوٺ پنجو خان چولياڻي، ڳوٺ ڪرم الله چانڊيو ، ڪوٽ سرور، ڳوٺ الله رکيو چولياڻي، ڳڙهي جاگير ، ڳوٺ آنڌل خان ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين طارق حسين چولياڻي ۽ وائيس چيئرمين ڪرم الله چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م قمبر جي چانڊيا ھائوس جو برھان خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي جنھن جي بہ ڪافي کوٽ آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون گھٽ اپت واريون، ۽ گھڻي ڀاڱي غير آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/