مواد ڏانھن هلو

ميان غلام صديق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميان غلام صديق ميڪڻ
قادري سلسلي جو عالم دين، صوفي بزرگ ، شاعر ۽ ليکڪ
جنم23 مارچ 1844
ڳوٺ ڪنڊو، ڀاڳناڙي، قلات رياست( موجوده نصيرآباد ضلعو، بلوچستان)
وفات28 مئي 1905
شھدادڪوٽ
تدفين
شھدادڪوٽ
پورو نالو
مولانا ميان غلام صديق ميڪڻ شھدادڪوٽي
گهرميڪڻ
پيءُمولانا نورمحمد شھدادڪوٽي
مذهباسلام

ميان غلام صديق انگريزي (Mian Ghulam Siddique ) (جنم: 1844ع-وفات: 1905ع)سنڌ جو بزرگ ٿي گذريو آهي.[1]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

ميان غلام صديق ذات جو ميڪڻ هو. پاڻ ميان نور محمد ميڪڻ جي گهر 1844ع ۾ ڳوٺ ڪنڊو (بلوچستان)۾ جنم ورتائين. پوءِ سندس وڏا شهدادڪوٽ شهر، هاڻوڪو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو ۾ لڏي اچي ويٽا. شدادڪوٽ ۾ رهڻ جي ڪري 'شهدادڪوٽي' سڏجڻ لڳو.الله لوڪ هجڻ ڪري سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون بيان ڪيون وڃن ٽيون قرآن شريف جي تعليم سان گڏو گڏ فارسي تعليم به حاصل ڪيائين. سندس مزار شهدادڪوٽ شهر ۾ عام ۽ خاص جو مرڪز آهي.[2]

وفات

[سنواريو]

هي بزرگ شخصيت 1905ع شدادڪوٽ ۾ وفات ڪري وئي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 https://sindhipeoples.blogspot.ca/2011/04/blog-post_3954.html
  2. حضرت ميان غلام صديق ميڪڻ رح | SindhSalamat, اصل نسخو مان 2017-08-04 تي محفوظ ڪيل, 2018-02-15 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)