سيلرا (يونين ڪائونسل)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيلرا
يو سي 4 سيلرا
يونين ڪائونسل
سيلرا is located in سنڌ
سيلرا
سيلرا
سيلرا is located in Pakistan
سيلرا
سيلرا
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°49′40″N 67°55′20″E / 27.82778°N 67.92222°E / 27.82778; 67.92222مڪانيت: 27°49′40″N 67°55′20″E / 27.82778°N 67.92222°E / 27.82778; 67.92222
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
ٿاڻو شھدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻو
آبادي
 • ڪل 16,673


يو سي 4 سيلرا (انگريزي: U C 4 Seelra ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا شھدادڪوٽ تعلقي ۾ واقع آهي. ان جي آبادي 16,673 آهي[1]. ھي يونين ڪاؤنسل ۾ سيلرا ھڪ وڏو ڳوٺ آھي جنھن جي آبادي 9623 جيڪو شھدادڪوٽ شھر جي ڏکڻ پاسي شھر جي حدن سان لڳو لڳ پراڻي ڦٽل واھ ڪور ڏاتو تي شھدادڪوٽ قمبر روڊ سان ۽ لاڙڪاڻي جي ريلوي لائن سان لڳولڳ واقع آهي. ھي ڳوٺ شھدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ اچي ٿو. ھن يونين ڪاؤنسل جي حدن ۾ شھدادڪوٽ شھر جو ڏکڻ اولھ وارو حصو ۽ ڳوٺ وڏا سيلرا ، ڳوٺ ننڍا سيلرا شاھي ڳوٺ، ڳوٺ بختيار بروهي واقع آھن[2]. ڳوٺ سيلرا جي آبادي 5937 آهي، واقع آھن. ھن يو سي جي حدن ۾ رھندڙ آبادي ۾ سيلرا ذات ، کھاوڙ ، مگسي، شاھي بروھي ذاتين جا ماڻھو رھندڙ آھن. ھن يو سي جي حدن ۾ گرڊ اسٽيشن شھدادڪوٽ، ريلوي ڪالوني، مير نادر علي خان مگسي جي رھائش، ڳوٺ مير جي نري، مستوئي محلا شھدادڪوٽ پڻ واقع آھن[2].

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي مان چيئرمين نور احمد بروهي ۽ وائيس چيئرمين عبدالجبار بروھي چونڊجي آيا جن جو تعلق مسلم ليگ فنڪشنل سان آهي[3]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڳوٺ حاجي علي حسن بروهي جو ياسر حسين بروهي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان آهي.

ڪائونسل ۾ تعليم ۽ صحت[سنواريو]

ھن يو سي ۾ صحت جي ڪابه سھولت ڪانہ آھي. شھدادڪوٽ لاڙڪاڻو بس ۽ ويگن اسٽينڊ، گورنمينٽ ھاء اسڪول شھدادڪوٽ، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ ۽ کوڙ پرائمري اسڪول واقع آھن.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولت[سنواريو]

ھن ڪائونسل ۾ شھدادڪوٽ لاڙڪاڻو بس ۽ ويگن اسٽينڊ، فوڊ کاتي جا گودام، شھدادڪوٽ مني اسٽيڊيم، سوئي سدرن گيس ڪمپني جي آفيس، ڦٽل سيلرا- شھدادڪوٽ ريلوي اسٽيشن، واقع آھن[2]. ھن ڪائونسل ۾ عام ماڻھو اڪثر بنيادي سھولتن کان محروم آھن. ھن يو سي ۾ زرعي زمينن لاء پاڻي جي ڏاڍي قلت آھي. ڳوٺاڻي آبادي پيئڻ لاء جر جو پاڻي استعمال ڪري ٿي ۽ يو سي جو شھدادڪوٽ شھر جو علائقو واٽر سپلاء جو پاڻي استعمال ڪري ٿو پر اھو پيئڻ لائق ناھي جنھن ڪري شھري ذاتي خرچ تي شھر جي ٻاھران پيئڻ جو پاڻي ڊرمن ۾ خريد ڪندا آھن جيڪي مزدور گڏھ گاڏن تي ڀري ايندا آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. 2.0 2.1 2.2 https://www.scribd.com/doc/129529996/The-Villages-Directory-District-Kamber-Shahdadkot-Sindh-Pakistan-2013-
  3. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/