شهدادڪوٽ تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(شھدادڪوٽ تعلقو کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
شھدادڪوٽ
تعلقو
تعلقه شھدادڪوٽ
Shahdadkot Taluka.jpg
شھدادڪوٽ is located in سنڌ
شھدادڪوٽ
شھدادڪوٽ
شھدادڪوٽ is located in Pakistan
شھدادڪوٽ
شھدادڪوٽ
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
متناسقات: 27°50′N 67°54′E / 27.833°N 67.900°E / 27.833; 67.900مڪانيت: 27°50′N 67°54′E / 27.833°N 67.900°E / 27.833; 67.900
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
صدر مقام شھدادڪوٽ شھر
پکيڙ
 • ڪل ٣٩٨ ڪ.م٢ (١٥٤ ميل٢)
آبادي (2017)
 • ڪل [1]٢٠٢٬٧٤٥

شهدادڪوٽ تعلقو (انگريزي: Shahdadkot Taluka )پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻو ڊويزن جي ضلعي قنبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ سب ڊويزن جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام شهدادڪوٽ شھر آھي. ھئي تعلقو 398 ھم چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي[1]. ھن تعلقي جي اتر ۾ جيڪب آباد ضلعي جو ڳڙھي خيرو تعلقو، اولھ ۾ قبو سعيد خان تعلقو ، اوڀر ۾ سجاول جوڻيجو تعلقو ۽ ڏکڻ ۾ ميروخان تعلقو واقع آھن. ھن تعلقي مان رتوديرو-گوادر ھاء وي گذري ٿو.

تاريخ[سنواريو]

1843ع ۾ جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪلڪتي واري سرڪار جي جي حڪم تي سنڌ تي ڪمپني جي فوج جي جنرل چارلس نيپيئر سنڌ تي حملو ڪري قبضو ڪيو تہ نئين انتظام ۾ سنڌ جي اتر اولھ واري بلوچستان واري سرحد تي اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ قائم ڪيو ويو جنھن جو صدرمقام خان ڳڙھ کي بڻايو ويو ۽ ان جي نگراني ڪرنل جان جيڪب کي ڏني وئي جيڪو پوء برگيڊيئر ء ميجر جنرل پڻ ٿيو. خان ڳڙھ کي جان جيڪب جي نسبت سان جيڪب آباد جو نالو ڏنو ويو. اتي امن قائم ڪرڻ ۽ بلوچ قبيلن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جان جيڪب مختلف ننڍن سرحدي آبادين ۾ فوجي چوڪيون قائم ڪيون ھيون انھن ۾ شھدادڪوٽ شھر پڻ شامل ھيو[2]. 1839 کان 1858 ان علائقن جو انتظام انھن چوڪين ذريعي جيڪب آباد جي صدر مقام تان سنڀاليو ويو اھڙي طرح شھدادڪوٽ جيڪب آباد واري سرحدي ضلعي جو حصو رھيو[2]. 1883ع ۾ شھدادڪوٽ کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو. لاڙڪاڻي ضلعي جي قيام بعد ھن تعلقي کي ان نئين ضلعي م شامل ڪيو ويو[2]. پاڪستان ٺھڻ بعد ان کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو ۽ 2005 تائين اھا سب ڊويزن لاڙڪاڻي ضلعي جو لڳ ڀڳ ھڪ سؤ سالن تائين حصو رھي جنھن بعد ان کي نئين قائم ٿيل قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو.

تعلقي جي آبادي[سنواريو]

ھن تعلقي جي آبادي 1998 جي آدمشماري مطابق 126619 ھئي جيڪا 2017 جي آدمشماري مطابق وڌي 202745 ٿي وئي جنھن مان 83830 ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 118915 شھر ۾ رھندڙ ھئي. تعلقي جي شھري آبادي جو تناسب 58.7 سيڪڙو ۽ ٻھراڙيءَ جي آبادي 41.3 سيڪڙو ھئي[1]. 2017 جي آدمشماري مطابق جن تعلقي ۾ آبادي جي گھاٽائي 509.3 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر آهي[1].

سياسي نظام[سنواريو]

شھدادڪوٽ تعلقي جو نقشو

ھي تعلقو يونين ڪاؤنسلن ۽ يونين ڪاميٽين ۾ ورھايل آھي. شھر جي سنڀال لاء ھڪ ميونسيپل ڪاميٽي آهي جنهن جو سربراھ چيئرمين آھي. 2015 جي بلدياتي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جو اميدوار مير مٺل خان مغيري ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊجي آيو. ٻھراڙيءَ ۾ يونين ڪاؤنسلون واقع آھن. ھر يونين ڪاؤنسل جو سربراھ ان جو چيئرمين ھوندو آھي. تعلقي جو مکيه انتظامي سربراھ اسسٽنٽ ڪمشنر آھي. انتظامي طور تي ھن تعلقي کي ضلعي جي سب ڊويزن جو درجو مليل آهي. تعلقي جو پوليس جو سربراھ سب ڊويزنل پوليس آفيسر ھوندو آھي. ميونسيپل ڪاميٽي جو انتظامي سربراھ چيف ميونسپل آفيسر آھي. شھدادڪوٽ تعلقي ۾ 5 يونين ڪاؤنسلون، 3 سرڪلون، 8 تپا ۽ 39 ديھون واقع آھن[3].

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

شھدادڪوٽ تعلقي ۾ ڪل پنج يونين ڪاؤنسلون آهن جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. يو سي 1 جمالي
  2. يو سي 2 لغاري
  3. يو سي 3 چاڪياڻي
  4. يو سي 4 سيلرا
  5. يو سي 5 اعتبار خان چانڊيو

ننڍا شھر ۽ وڏا ڳوٺ[سنواريو]

تعلقي جي اندر شھدادڪوٽ کان سواء ڪوبه ٻيو شھر ڪانھي باقي تعلقي جي وڏن ڳوٺن ۾ ڳوٺ امام بخش جمالي، ڳوٺ اميد علي جوڻيجو، ڳوٺ الله بخش لغاري ۽ چاڪياڻي آھن.

تعلقي جا ٿاڻا[سنواريو]

تعلقي جا ھيٺيان ٿاڻا آھن:

  • شھدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻو
  • شھدادڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻو
  • امام بخش ٿاڻو
  • سنجر ڀٽي ٿاڻو

تپا[سنواريو]

شھدادڪوٽ تعلقو ھيٺين 8 تپن ۾ ورھايل آھي.

  1. تپو شھدادڪوٽ
  2. تپو سيال
  3. تپو لغاري
  4. تپو پٺاڻ
  5. تپو مرکنڊ
  6. تپو سندو
  7. تپو جوڻيجا
  8. تپو قطريا


ديھون[سنواريو]

شھدادڪوٽ تعلقي ۾ ٽوٽل 39 ديھون واقع آھن[4].

شھدادڪوٽ تعلقي جون ديھون[5]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 ڀٽي 2 ڀرڳڙي 3 ڀٽا 4 چانڊيا
5 چوڍيا 6 ڊکڻ 7 ڌڱ 8 گھنور
9 گوپانگ 10 گرگيج 11 ھمير 12 عيدن جروار
13 جاڙي 14 جتوئي 15 جھرڙ 16 جوڻيجا
17 ڪلر 18 ڪلھوڙا 19 ڪڙيو احمد خان 20 ڪڙيو صوبدار
21 کوسا 22 ڪور ڪاري 23 ڪوٽ ڪارڙا 24 ڪوٽ نبي بخش
25 لغاري 26 مگسي 27 مرکنڊ 28 ميڻا
29 ميروخان 30 نورپور 31 پٺاڻ 32 قطريا
33 سندو 34 سنجر ڀٽي 35 سيلرا 36 شھدادڪوٽ
37 شاھو جمالي 38 سيال 39 سکر جروار

معيشت[سنواريو]

تعلقي جي معيشت زرعي آھي. ربيع ۾ ڪڻڪ ۽ خريف ۾ سارين جي پوک ٿئي ٿي. شھر شھدادڪوٽ جي چوڌاري ڪيترائي سارين جا ڪارخانا واقع آھن. اونھاري م برف جا ڪارخانا پڻ ڪم ڪندا آهن. شھر شھدادڪوٽ اناج جي واپار جو مرڪز آهي ان کان سواءِ ھتي ڪپڙي ، ڪرياني ، عام استعمال جي شين جا سوين ريزڪي دڪان آھن جتان پوري تعلقي جي آبادي خريد فروخت ڪري ٿي. شھدادڪوٽ شھر م اناج ، سبزين ۽ ميون جي ٻڌي واپار جي منڊي پڻ آهي.

شھدادڪوٽ تعلقي جون مشھور شخصيتون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 - https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=82405
  2. 2.0 2.1 2.2 https://reliefweb.int/report/pakistan/pakistan-emergency-situational-analysis-district-kamber-shahdadkot-july-2014 -
  3. ww.ndma.gov.pk › plansPDF Kambar & Shahdadkot DRM Plan - NDMA
  4. [١] [سنڌ زمين ڊاٽ ڪام]
  5. resultsBoard of Revenue, Sindh