مستوئي (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مستوئي
يو سي 42 مستوئي
يونين ڪاؤنسل
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 5
مستوئي is located in سنڌ
مستوئي
مستوئي
مستوئي is located in Pakistan
مستوئي
مستوئي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°51′05″N 68°01′41″E / 27.85139°N 68.02806°E / 27.85139; 68.02806مڪانيت: 27°51′05″N 68°01′41″E / 27.85139°N 68.02806°E / 27.85139; 68.02806
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو سجاول جوڻيجو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 24,975


يو سي 42 مستوئي (انگريزي: U C 42 Mastoi) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي 5 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 24,975 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ شير خان مستوئي ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ مستوئي، ڪارڙا، تونيا، مگسي، ڏيٿا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ مٺو خان مستوئي، ڳوٺ عبدالنبي مستوئي، ڳوٺ رسول مگسي، دولت جي وانڍ، ڳوٺ ڇٽو خان مستوئي، ڳوٺ بلوچ خان مستوئي، چاڪر سلطان، ڳوٺ حيدر ڏيٿو، ڪڙيو اوھا، ڪور صاحب، ڳوٺ شير محمد مستوئي ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالنبي مستوئي ۽ وائيس چيئرمين غلام عمر مستوئي چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ رسول مگسي جو انور علي مگسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/