سجاول جوڻيجو (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سجاول جوڻيجو
يو سي 43 سجاول جوڻيجو
يونين ڪاؤنسل
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 6
سجاول جوڻيجو is located in سنڌ
سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو is located in Pakistan
سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°49′55″N 68°06′14″E / 27.83194°N 68.10389°E / 27.83194; 68.10389مڪانيت: 27°49′55″N 68°06′14″E / 27.83194°N 68.10389°E / 27.83194; 68.10389
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو سجاول جوڻيجو تعلقو
ٿاڻو سجاول ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 23,099


يو سي 43 سجاول جوڻيجو (انگريزي: U C 43 Sijawal Junejo) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 23,099 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ سجاول جوڻيجو شھر ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن ۾ رھندڙ آبادي ۾ ڀٽي، مگسي، بروھي، مستوئي، ڀٽا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ سجاول جوڻيجو شھر، ڳوٺ گل شاھ، ڳوٺ لال خان مستوئي، ڳوٺ سونهارو ڀٽي، ڳوٺ حيدر بروھي، ڳوٺ مير حسن بروھي، ڳوٺ جان محمد ڀٽي، سر شاهنواز ڀٽو ڳوٺ ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي مان چيئرمين راجا خان ۽ وائيس چيئرمين منظور احمد چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڳوٺ رئيس آڍو خان مگسي جو منظور احمد مگسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/