مواد ڏانھن هلو

سجاول جوڻيجو (يو سي)

سجاول جوڻيجو
يو سي 43 سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو تعلقي جي يو سي 6
سجاول جوڻيجو is located in سنڌ
سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
سجاول جوڻيجو is located in Pakistan
سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو
سجاول جوڻيجو (Pakistan)
Coordinates: 27°49′55″N 68°06′14″E / 27.83194°N 68.10389°E / 27.83194; 68.10389
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقوسجاول جوڻيجو تعلقو
ٿاڻوسجاول ٿاڻو
Population
 (2017)
  Total
23,099
Time zoneUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


يو سي 43 سجاول جوڻيجو (انگريزي: U C 43 Sijawal Junejo) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي سجاول جوڻيجو جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 23,099 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ سجاول جوڻيجو شھر ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن ۾ رھندڙ آبادي ۾ ڀٽي، مگسي، بروھي، مستوئي، ڀٽا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ سجاول جوڻيجو شھر، ڳوٺ گل شاھ، ڳوٺ لال خان مستوئي، ڳوٺ سونهارو ڀٽي، ڳوٺ حيدر بروھي، ڳوٺ مير حسن بروھي، ڳوٺ جان محمد ڀٽي، سر شاهنواز ڀٽو ڳوٺ ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي مان چيئرمين راجا خان ۽ وائيس چيئرمين منظور احمد چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڳوٺ رئيس آڍو خان مگسي جو منظور احمد مگسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا

[سنواريو]
  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. آرڪائيو ڪاپي, archived from the original on 2020-08-12, retrieved 2020-05-02 {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (help)