مواد ڏانھن هلو

آباد (يو سي)

آباد
يو سي 31 آباد
وارھ تعلقي جي يو سي 4
آباد is located in سنڌ
آباد
آباد
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
آباد is located in Pakistan
آباد
آباد
آباد (Pakistan)
Coordinates: 27°26′03″N 67°53′25″E / 27.43417°N 67.89028°E / 27.43417; 67.89028
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقووارھ تعلقو
Population
 (2017)
  Total
17,039
Time zoneUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


يو سي 31 آباد (انگريزي: U C 31 Abad ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا وارھ تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي وارھ جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 17,039 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ آباد ڪلھوڙن جو ھڪ پراڻو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تونيا، ٿيٻا، مغيري، بروھي، پيچوھا، ڪلھوڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ آباد، علي اصحابو، ڳوٺ مڱڻيجا، ڳوٺ سفير تونيو، ڳوٺ ٿيٻا، ڳوٺ مراد علي خان مغيري، ڳوٺ ڪنڀ بروھي شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نور محمد تونيو ۽ وائيس چيئرمين عامر خان ڪلھوڙو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا[2]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ پيچوھا جو محمد صديق پيچوھو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.


حوالا

[سنواريو]
  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. آرڪائيو ڪاپي, archived from the original on 2020-08-12, retrieved 2020-05-01 {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (help)