ادب
ادب (Literature) عربي ٻولي جو لفظ آھي ۽ مختلف النوع مفھوم جو حامل آھي. ظھور اسلام کان اڳ عربي ٻولي ۾ ضيافت ۽ مھماني جي معنائن ۾ استعمال ٿيندو ھو. پوءِ ھڪ ٻيو مفھوم به شامل ٿيو، جنھن کي اسان گڏيل لحاظ سان شائستگي چئي سگھون ٿا. عربن جي ويجھو مھمان نوازي لازمي شرافت سمجھي ويندي آھي، جنھن ڪري شائستگي ، سليقو ۽ حسن سلوڪ به ادب جي معنائن ۾ داخل ٿيا. جيڪو مھمان داري ۾ شائستہ ھوندو اھو عام زندگي ۾ به شائستہ ھوندو ان سان ادب جي لفظ ۾ شائستگي به اچي وئي . ھن ۾ خوش بياني به شامل آھي. اسلام کان اڳ خوش بياني کي اعلٰي ادب چيو ويندو ھو.گھلاوٽ ، گداز ، نرمي ۽ شائستگي ھي سڀ شيون ادب جو جزو بڻجي ويون. بنو اميہ جي زماني ۾ بصرَي ۽ ڪوفَي ۾ زبان جو تحريري سرمايي کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيو. ان ئي زماني ۾ گرامر ۽ صرف و نحو جا ڪتاب لکيا ويا تہ جيئن ادب ۾ اندازبيان جي صحت قائم رھي. جديد دور ۾ ادب جي معنيٰ مخصوص قرار ڏني وئي . ادب جي لاءِ ضروري آھي تہ ھن ۾ تخيل ۽ جذبا ھجن نه ته ھر تحريري ڪارنامو ادب چورائي سگھي ٿو.
ساهت، ادب کي هنديءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ساهت چيو ويندو آهي. ”ساهتيه“ سنسڪرت جو لفظ آهي. ’ساهتيه‘ لفظ جي اکري معنيٰ موجب ساهتيه ۾ لفظ ۽ معنيٰ جو پاڻ ۾گهاٽو ميلاپ آهي. ان حساب سان انسان ٻوليءَ جي وسيلي پنهنجي امنگن ۽ ويچارن جو اظهار ڪري ٿو، جيڪي لکت ۾اچي وڌيڪ دائمي ٿين ٿا. انهيءَ اکري معنيٰ موجب سمورا ادبي ڪتاب ساهتيه ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا.[1]
تخليق جي خواھش انسان جي فطرت آھي. ھن ئي جبلي خواھش سان آرٽ پيدا ٿئي ٿو. آرٽ ۽ ٻين علمن ۾ اھو ئي فرق آھي تہ ھن ۾ ڪائي مادي نفع مقصد نہ ھوندو آھي. ھي بي غرض مسرت آھي. ادب آرٽ جي ھڪ شاخ آھي جنھن کي "فنِ لطيف" به چئي سگھجي ٿو. ميٿيو آرنلڊ جي ويجھو اھو سڀ علم جيڪو ڪتاب جي ذريعي اسان تائين پھتو آھِ، ادب چورائي ٿو. ڪارڊ ڊينيل نيومين چوي ٿو "انساني فڪرن ، خيالن ۽ احساسن جو اظھار زبان ۽ لفظن جي ذريعي ادب چورائي ٿو". نارمن جودڪ چوي ٿو تہ "ادب مراد آھي ان تمام خيالن ۽ احساسن جي سرمائي مان جيڪي تحرير ۾ اچي چڪو آھي ۽ جنھن کي ھن طرح ترتيب ڏنو ويو آھي تہ پڙھڻ واري کي مسرت حاصل ٿئي ٿي." مطلب ته انساني تجربن جي جمالياتي اظهار کي ادب چيو وڃي ٿو.
”ادب“ پنھنجي وجود ۾ وسيع معنيٰ ۽ مفھوم رکي ٿو. ‘ادب’ لفظ جي اوسر جڏهن سر زمين عرب ۾ ٿي، تڏھن يورپ وارن ان جو مفھوم Enlightened Literature يا ’Polite Literature‘ ڪري ورتو. جنھن مان اھو علم يا تحرير ظاهر ٿي ٿٖي، جيڪا، لطافت ۽ عملي زيب ۽ زينت ڏانھن اشارو ڪري ۽ انھن قدرن جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اھا تحرير يا تخليق، جيڪا انساني طبيعت ۾ لطف، سڪون يا سرور پيدا ڪري. انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا مطابق “لٽريچر (Literature ) ھڪ عام لفظ اھي، جيڪو اھو مفھوم ڏئي ٿو تھ خيال جو اظھار جيڪو تحرير ھيٺ اچي سو لٽريچر اھي. اها لکت، جنهن ۾ زيب، زينت، حسن ۽ رعنائي هجي، ادب، لطافت ۽ زندگيءَ جي گوناگون حقيقتن جي ترجماني ڪري ۽ انهن خوبين جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.“ ادب جو بنيادي ڪم جمالياتي خوشي ڏيڻ آهي. ادب ۾ نثر توڙي شاعريءَ جون سڀ صنفون اچي وڃن ٿيون، جھڙوڪ: ڊراما، ڪهاڻيون، ناول، تنقيد، آتم ڪھاڻيون، سوانح عمريون، سفرناما، نظم، غزل، وايون، بيت، دوها وغيره وغيره. [2] ولاديمير ايلڇ لينن مطابق: ادب ھڪ آئينو آهي، ۽ جيڪو آئينو صحيح ۽ حقيقي عڪس پيش نه ڪري، سو آئينو نہ سڏبو آهي[3]. لينن پنھنجي مضمون بورجوا رسالي بابت ۾ لکيو آهي ته صحيح ۽ سچو ايب عام ۽ ڄاتل حقيقتن جو نقش چٽي، پڙھندڙ کي مطالعي ۽ سوچڻ جي راھ تي وٺي ايندو آهي. سادن دليلن ۽ کپي ويندڙ مثالن سان ھو انھن حقيقتن مان اھم ۽ ڇيد نتيجا ڪڍي ڏيکاريندو آھي، ۽ پڙھندڙ جي ذھن ۾ زندگي ۽ زندگيءَ جي حقيقتن بابت نوان نوان سوال اڀاريندو آھي[3].
ادبي نظريا
[سنواريو](Literary Theories)
نظريو ڪن منظم خيالن، تجربن، مشاهدن ۽ تجزين جو نچوڙ هوندو آهي. نظريا سياست کان وٺي ادب تائين مروج آهن. مثال طور سنڌي ٻوليءَ جي اصليت بابت ڊاڪٽر بلوچ (1917-2011ع)جو نظريو يا سراج ميمڻ (1933-2013ع) جو نظريو وغيره. نظريا ادبي به هوندا آهن, ٻوليائي به ته سماجي به آهن. نظرين جو واسطو فلسفي ۽ معاشيات سان به هوندو آهي. اديب ڪڏهن ادبي تحرير ذريعي ڪنهن سچائيءَ جو اعتراف ڪري ٿو، ڪڏهن معاشري يا انسان کي وسريل قدرن جي ياد ڏياري ٿو، ڪڏهن ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو آهي، ڪڏهن ماڻهن کي تفريح مهيا ڪندو آهي ته ڪڏهن جمالياتي حسن جو فن ذريعي اظهار ڪندو آهي. اهو سڀ ڪجهه هو پنهنجي مخصوص خيال يا نظريي مطابق ڪندو آهي. نظرين ذريعي سچائي، قدرن، تفريح، جماليات وغيره جي ڄاڻ ملي ٿي.[2]
ادبي روايتون
[سنواريو](Literary Tradition)
دنيا جي هر ٻوليءَ جو ادب روايتن جي حسين زنجيرن ۾ جڪڙيل نظر ايندو آهي، هر ٻوليءَ جون ڪي مخصوص روايتون هونديون آهن، جن مان ڪنهن قوم جي تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي لاڙن جي خبر پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪيترن اديبن ٻين ٻولين جي ادب جون سٺيون روايتون اڌاريون وٺي پاڻ وٽ رائج ڪيون آهن. انگريزيءَ جي مشهور شاعر جيوفري چاسر (1343-1400ع) پنهنجي مشهور نظم ‘ڪنٽر بري ٽيلس’(Cantrubery Tales) ۾ هيئت جي روايت اٽليءَ جي مشهور ليکڪ گيواني بوڪيشو(1313-1375ع)جي ‘ڊيڪيمران’ تان کنئي. بوڪيشو، اهو ڪتاب الف ليليٰ کان متاثر تي لکيو. اهڙيءَ ريت ڄڻ ته چاسر اڻ سڌي طرح عربي ۽ فارسي ادب جي هيئت جي روايت ڪتب آندي آهي. سنڌي ٻولي دنيا جي تهذيب يافته ٻولين مان هڪ آهي، جنهن کي پنهنجون قديم، فڪري طور ڀرپور تاريخي ۽ ثقافتي روايتون آهن. جن تي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي پيڙهه رکيل آهي. ان سان گڏ سنڌي اديب، دنيا ۽ پاڙيسري ٻولين جي بهتر روايتن ۽ هيئتن مان استفادو ڪري. پنهنجي ادب کي مالا مال ڪيو ۽ حالتن جي تقاضا موجب بنايو آهي.[2]
ادب جو سماجي ڪارج
[سنواريو](Social function of literature)
ادب جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ادب جي سماجي ڪارج سماجي عڪاسيءَ تائين ارتقائي سفر ڪيو آهي، مثال طور هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن ديوين ۽ ديوتائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ گيتن، ڊرامن ۽ نظمن جي تخليق ٿيندي هئي، جنهن جو وڏو مقصد اهو هوندو هو ته ديوتائن جي اطاعت جو جذبو اڀارجي ۽ سندن خوشنودي حاصل ڪجي. اڳتي هلي جڳ مشهور فلاسفر افلاطون (427-437 ق-م) ادب جو سماجي ڪارج بيان ڪندي چيو ته ”ادب اهو آهي، جنهن مان اخلاق ۽ صداقت جي واڌ ويجهه ٿئي“. لوڪ ڪهاڻين تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته جانورن، پکين ۽ ديون جي ڪهاڻين کان وٺي بادشاهن، راڻين، پرين، شهزادين، سورمن وغيره جي عشقيه داستانن مان ڪو نه ڪو اخلاقي درس ملي ٿو. چڱي ۽ بري جي تميز، چڱائيءَ جي سوڀ، مقصد ماڻڻ لاءِ انساني جاکوڙ، تڪليفون، ڏک ڏاکڙا، مظلوم جي داد رسي، ظالم سان جنگ، اهي سڀ ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته اوائلي ادب جا خالق پنهنجي ماحول تي نظر رکندا هئا.اڳتي هلي چيو ويو ته ‘ادب زندگيءَ جو عڪس’ آهي. [2]
جنسيات ۽ ادب
[سنواريو](Sex and Literature ):جنس انساني زندگيءَ جي مکيه ڪرداري محرڪن ۽ وارتائن مان هڪ آهي. انهيءَ ڪري زندگيءَ جي ترجماني ڪندي ليکڪ ’سيڪس‘ (sex) ۽ ان سان لاڳيل گوناگون مظاهرن جي تصوير ڪشي مزي خاطر نه پر حقيقت نگاريءَ طور ڪندو آهي. هن ڍنگ جي لکڻين ۾ هڪ معيار، ادبي سونهن، دلڪشي ۽ جنم وٺندڙ جمالياتي لطف هڪ اتم معيار بڻجي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ معيار تي تخليق پنهنجي پرک ڪرائي سگهي ٿي ته پوءِ ادب ۾ جنس نگاريءَ کي عيب قرار نٿو ڏئي سگهجي. ادب ۾ جنس جي باري ۾ بنيادي مونجهارو انهيءَ وقت پيدا ٿئي ٿو جڏهن ادب ۾ جنس ۽ فحش نگاريءَ (Pornography) کي ملائي پيش ڪيو وڃي ٿو. سيڪس ٻنهي قسمن جي لکڻين ۾هوندي آهي مگر ليکڪن جا متا ڌار ڌار هوندا آهن. ادب ۾ جنس نگاري موضوع جي صورت ۾ هجي يا واقعن جي روپ ۾، اوٽ ۾ هجي يا چٽي هجي، جنس جو لاڙو سڏجي ٿي. نقادن جو چوڻ آهي ته ادب ۾ هر قسم جو جنسي موضوع ڪم آڻي سگهجي ٿو، پر شرط اهو آهي ته ان مان لذت يا آنند وارو احساس نه اڀري. انهيءَ جي ابتڙ فحش نگاري (بڇڙائي) ”جنس برائي جنس“ آهي. ادب ۾ جنس جو نظريو فرائڊ لاڳو ڪيو هو. سنڌي ادب ۾ زرينه بلوچ(جيجي)، خير النساءِ جعفري (حويليءَ کان هاسٽل تائين)، ماڻڪ (لڙهندڙ نسل)، غلام نبي مغل (ريشمي وار)، وشنو ڀاٽيا ۽ اردو ادب ۾ سعادت حسن منٽو، عصمت چغتائي جا نالا اهم آهن.[2]
عورتا زاد ادب
[سنواريو](Feminist Literature):عورتا زاد ادب مان مراد اهو ادب آهي جيڪو عورتن يا مردن جو تخليق ڪيل هجي پر عورتن لاءِ لکيو ويو هجي ۽ ان ۾ عورتن جي سياسي، سماجي، معاشي، معاشرتي، نفسياتي ۽ اظهار جي ترجماني ڪيل هجي. عورت کي هڪ انسان ۽ هڪ مڪمل فرد سمجهڻ جو تاثر ملي ۽ سندس اهڙي تصوير ڪشي ڪئي وڃي. عام طور جڏهن ادب ۾ عورت جي ڪردار جي باري ۾ ڪتاب پڙهبا ته اهي عورت جا مختلف روپ ٻڌائيندا آهن، جن کي عموماً پيش ڪيو ويندو آهي Images of women in Literature جي ليکڪا ميري اين فرگوسن جا عورت جا ڇهه اهڙا روپ ٻڌايا آهن، جيڪي مذهبي ادب ۽ ڏند ڪٿائن کان وٺي هن وقت تائين تخليقي عمل ڪهاڻين، ناولن، شعرن، ۽ ڊرامن وغيره ۾ ڏنا ويا آهن: فرمانبردار زال (Submissive wife)، ماءُ (ماءُ جي روپ ۾ ڪا به عورت (The Mother)، مرد تي حاوي عورت (Dominating wife)، حسين محبوبه جيڪا اوچي آسڻ تي هجي (Women on Pedestal)، جنسي علامت يا رانديڪو (Sex Object)، ڇڙي يا اڪيلي عورت (Women without man) سنڌي سماج جا مسئلا پنهنجا آهن، ان ڪري سنڌي ادبي لکڻين ۾ عورتن جي مسئلن جي نشاندهي به مختلف آهي. هتي شهري زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ترجماني وڌيڪ آهي. ان عمل سان ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ جي مسئلن جي نشاندهي به مختلف آهي. سنڌ ۾ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل عورت جي مسئلن ۾ به هڪجهڙائي نه آهي. خود شهر ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ڪم نه ڪندڙ عورتن جي مسئلن به هڪجهڙائي نه آهي. ڳوٺن جا معاملات اڃا به الڳ آهن. آزاديءَ کان پوءِ سنڌي سماج ۾ تعليم عام ٿيڻ لڳي ۽ عورت جي تعليم جا آهستي آهستي موقعا ملڻ لڳا. ان حساب سان سندس ادبي دنيا ۾ به شموليت وڌڻ لڳي. عورتن جي لکيل ادب ۾ عورت جي عڪاسي بهتر ٿي، اهڙو سمورو ادب جنهن ۾ عورت جي هڪ انسان ۽ فرد واري حيثيت کي اجاگر ڪيو وڃي اڃا سنڌ ۾ گهڻو تخليق نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ اهڙو ادب لکندڙن ۾ خيرالنساءَ جعفري، نورالهديٰ شاهه، فهميده حسين، عطيه دائود، امر سنڌوءَ وغيره شامل آهن.[2]
ادبي تاريخ
[سنواريو](History of Literature)
جهڙيءَ طرح ڪنهن مضمون جي تاريخ لکڻ وقت واقعن جون ڪڙيون ملائبيون آهن، اهڙي طرح ادبي تاريخ لکڻ وقت به تاريخ وار ترتيب جي انداز ۾ تخليق ٿيندڙ ادب کي لکيو ويندو آهي. ادب جي تاريخ لکڻ جو انداز تحقيقي به ٿي سگهي ٿو ته تنقيدي به يا ٻئي طريقا ٿي سگهن ٿا. ادبي تاريخ لکندڙ ادب ۾ تحريڪن، لاڙن، نظرين ۽ سماجي توڙي سياسي منظر نامي کي به ڌيان ۾ رکندو آهي. سنڌي ادب جي تاريخ سڀ کان پهرين فارسيءَ ۾ لکي ويئي. مغليه دؤر ۾ سنڌي شاعرن ، عالمن ۽ اديبن جو ذڪر فارسي ڪتابن ۾آيو. انگريزن جي دؤر کان باقاعده ڪتاب، مضمون ۽ مقالا سنڌيءَ ۾لکجڻ شروع ٿيا.سنڌي ادب جون ڪيتريون ادبي تاريخون لکيون ويون آهن، جهڙوڪ: ”سنڌ جي ادبي تاريخ” (خانبهادر محمد صديق ميمڻ)، ”تذڪره لطفي“ (لطف الله بدوي)، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۽ ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (اڪبر لغاري)، ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ (مختيار احمد ملاح)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (پروفيسر منگهارام ملڪاڻي)، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (لعلسنگهه اجواڻي مترجم: هيرو شيوڪاڻي)، ”سنڌي ساهتيه جو اڀياس“ (ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي)، ”آزاديءَ بعد ساهتيه جو اڀياس“ (ليلا رام رچنداڻي) ”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“ (ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي)، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (انگريزيءَ ۾، پوپٽي هيراننداڻي) ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“ (منگهارام ملڪاڻي) وغيره وغيره.[2]
ادب برائي ادب
[سنواريو](Art for Art’s sake)
‘ادب برائي ادب’ جي نظريي وارن جي نظر ۾ “هر ادبي تخليق شروع کان پڇاڙيءَ تائين هڪ شهپاري جي حيثيت رکندڙ هجي. ان جي حسنواري خوبي ئي سڀڪجهه آهي ۽ ان جو ڪارائتو هئڻ يا نه هئڻ يا ان سان ڪنهن مقصد جو حاصل ڪرڻ معنيٰ ڪو نه ٿو رکي.قدامت پسند لڏي سان تعلق رکندڙ”ادب براءِ ادب“ وارن جو خيال ھو ته ادب، آرٽ جو ھڪ اھڙو نمونو آھي، جنهن ۾ حسن، محبت ۽ گل و بلبل يا جمالياتي حِس (Aesthetic sense) کي ڇھندڙ ٻين اھڙين شين کي موضوع بڻائي شاعري ۽ نثر ۾ آڻجي ۽ جيڪو خالص ادب ھجي. انقلابي ۽ مزاحمتي ادب کي اهي ادب نه پر پروپيگنڊا سمجهندا آهن. [2]
ادبي سرگرميون
[سنواريو](Literary Activities)
ادبي سرگرمين مان مراد اهي مشغلا آهن، جيڪي خانگي ادبي جماعتون ۽ سرڪاري ادبي ادارا ڪندا آهن. ڪتابن جي رونمائي، ڪنهن اديب يا عالم سان رهاڻ، مشاعرو، ادبي اڀياسي ويهڪ، مرحوم اديب، عالم ۽ شاعرن جي ورسي، ڪنهن ادبي موضوع تي سيمنار، ڪانفرنس وغيره ادبي سرگرمين ۾ اچي وڃن ٿا. [2]
ادبي ۽ علمي جماعتون
[سنواريو](Literary Organization)
ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري ۾ علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتن اهم ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. اهي جماعتون هم خيال فردن کي گڏيل پليٽ فارم مهيا ڪنديون رهيون آهن ، جنهن جي نتيجي ۾ عالمن ، اديبن ، شاعرن ۽ ٻين قلم ڌڻين پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن کي گڏيل قوت جي روپ ۾ ٻولي ۽ علم ادب جي مفاد خاطر پئي ڪم آندو آهي . سنڌ ۾ ادبي سوسائٽين جو قيام آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جي ٺهڻ يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ مدرستہ الاسلام قائم ٿيڻ کان به اڳي ٿيو . هڪ صديءَ جي ان عرصي ۾ سنڌ ۾ هزار کان مٿي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتون قائم ٿيون. هن وقت به ڪيتريون ادبي ۽ علمي جماعتون آهن. سنڌي ادبي سنگت سنڌي وڏي ۾ وڏي ادبي جماعت آهي[2]
ادب لطيف
[سنواريو]نثر ۾ لکيل اهڙو ادب جيڪو پنهنجي ٻوليءَ جي سونھن شاعراڻي انداز ۽ لطيف پيرايي ۾ خوبصورت ڪنئرن احساسن جو اظهار ڪري. [2]
ادب ۽ شخصيت
[سنواريو](Literature and Personality)
هڪ ليکڪ زندگيءَ جي مختلف رخن مان پنهنجي لکڻين جا موضوع کڻي ٿو، ان ۾ سماجي مسئلا، معاشي مسئلا، تاريخي ۽ تهذيبي مسئلا، مذهبي معاملا، غم، خوشيون، ريتون ۽ رسمون وغيره شامل آهن. ليکڪ جو جيڪو نظريو هوندو آهي، ان موجب هو پنهجي خيالن جو اظهارڪندو آهي، ان ڪري سندس لکڻيءَ مان سندس زندگيءَ جي جهلڪ به نظر ايندي آهي. جيتري ليکڪ جي شخصيت مهان هوندي، سندس لکت ۾ گهرائي به اوتري گهڻي هوندي. مثال طور شاهه لطيف جي شاعريءَ تي نظر وجهجي ٿي ته ان جي سٽ سٽ ۾ سندس شخصيت جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.[2]
ادب برائي تعمير زندگي
[سنواريو](Art for Reforming Life)
ادب برائي تعمير زندگي جو مقصد اهو آهي ته ادب اهو تخليق ڪيو وڃي، جيڪو زندگيءَ جي تعمير لاءِ اتساهي يا ڪم اچي ۽ زندگيءَ جي تخريبي رُخن کي نه ڇيڙي. [2]
صحافتي ادب
[سنواريو](Journalistic Literature)؛ڪيترا نقاد ۽ عالم صحافتي لکڻين کي ادب نٿا مڃين، پر ان جي باوجود پوري دنيا اندر صحافي، جيڪا روزانه جاکوڙ ڪن ٿا، اها اڳتي هلي ادب جي تاريخ ٿيو پوي. موجوده دؤر ۾ صحافت ئي ڪنھن ٻوليءَ جي لغت کي زندھھ جاويد رکڻ جو وسيلو آھي، ھڪ سڄاڻ صحافي پنھنجي ادارين، ڪالمن، فيچرن ۽ مضمونن ۾ ٻوليءَ جي سرمايي مان موزون لفظ ۽ اصطلاح چونڊي ٿو. صحافي اڄ ۽ هاڻي لکي ٿو، اديب به هاڻي لکي ٿو. صحافي تڪڙ ۾ لکي ٿو، مگر اديب آرام سان لکي ٿو. اديب جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هو پنهنجي دؤرجا بهترين خيال بهترين لفظن ۾ سهڻي نموني سان محفوظ ڪري ٿو. اديب ۽ صحافي پنهنجي روز جي سچي روح کي محفوظ ڪري ٿو، ان ۾ سماجي ، سياسي ۽ معاشي جهلڪيون نظر اچن ٿيون. وقت جي رفتار سان جيئن جيئن زبان جي ترقي ٿيندي آهي ته ادب جي به ترقي ٿيندي آهي.[2]
جديد ادب
[سنواريو](Modern Literature): ’جديد ادب‘ مان مراد اھو ادب اھي، جيڪو پنهنجي دور جي جديد لاڙن سان ھم اھنگ ھجي ۽ پراڻي ادب جي بنسبت ان ۾ نواڻ هجي. پر ان ھوندي بہ ساڳئي دور ۾ ڪن ادبي فن پارن ۾ جدت ۽ انفراديت اھي، تہ ڪن ۾ وري قدري شعري روايتن جي پابندي ڪئي وڃي ٿي، يعني ھر دور ۾ قديم ادب جا رجحان بہ قائم رھن ٿا ۽ جديد لاڙا بہ ملن ٿا. [2]
عارضي ادب
[سنواريو](Temporary Literature):اهو ادب، جيڪو عارضي يا هنگامي طرح لکيو ويو هجي ان کي عارضي يا هنگامي ادب چئبو آهي. عارضي ادب مان مراد آهي ته اهو ادب جيڪو ڪنهن عارضي مسئلي جي رد ۾ تخليق ڪيو ويو هجي ۽ مسئلي يا واقعي جي اهميت به ختم ٿي چڪي هجي. ان ۾ گهڻو ڪري حالات حاضره بابت اخباري ادب اچي ٿو.[2]
اعترافي ادب
[سنواريو](Confessional Literarture): اعترافي ادب نه ته ڪا ادب جي صنف آهي نه وري ادبي لاڙو آهي. اعترافي ادب دراصل هڪ موضوع آهي، جيڪو ڪنهن ناول، ڪهاڻي، شاعري يا آتم ڪهاڻي ۾ به ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪو اديب پنهنجي حياتي بابت، پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن خاص واقعي جي باري ۾ اعتراف ڪري، جان جئڪس روسو (1712-1778ع) پنهنجو ’اعتراف‘ ( My Confession) ۾ لکيو، يورپي ادب ۾ اهڙا سوين مثال وٺي سگهجن ٿا. سنڌي ۾ اديبن به آتم ڪٿائن ۾ پنهنجي زندگي ۽ پنهنجن دوستن احبابن جي باري ۾ اعتراف ڪيا آهن. [2]
افسانوي ادب __(Fiction)
[سنواريو]افسانوي ادب جي معنيٰ اھي خيالي يا تصوراتي ادب. مختصر ڪھاڻي (Short Story)، ناٽڪ ۽ ناول افسانوي ادب (Fiction) جون اھم شاخون آھن. افسانوي ادب جا سرجيندڙ، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ ڪار ۽ ناول نگار سڏبا وڃن ٿا. اڄڪلهه سائنس فڪشن جو دؤر آهي، جنهن ۾ فلم به اچي وڃي ٿي. انهيءَ صنف ذريعي تخيل جي مدد سان اديب ڪن سائنسي تصورن کي پيش ڪندا آهن.[2]
غير افسانوي ادب
[سنواريو](Non-Fiction):نثري ادب ۾ هڪڙيون صنفون افسانوي آهن ته ٻيون غير افسانوي. هن قسم جي نثري ادب ۾ انگن اکرن جي بنياد تي حقيقتن ۽ فتوائن کي پيش ڪيو ويندو آهي. اهو ٺوس حقيقتن جي آڌار تي هوندوآهي، جيڪا ان جي بنيادي تقاضا ليکي ويندي آهي. ان ۾ خيال جي اڏام جي گنجائش نه هوندي آهي. غير افسانوي ادب ۾ آتم ڪهاڻي، جيون ڪهاڻي، مضمون نگاري، تاريخ، سفرنامو وغيره اچي وڃن ٿا. اڄڪلهه آتم ڪٿا ۾ به تخليقي عنصر شامل ٿي ويو آهي[2].
الهامي ادب - الهامي يا ڪشفي علم و ادب
[سنواريو]الھامي ادب (Apocalyptic Literature) اهڙو ادب، جنهن ۾ درويشن، سنتن جي شعرن، گفتن يا لکتن ۾ فتح انسان ذات ڪائنات لاءِ ڪي ڪشفي يا اڳ ڪٿيءَ واريون ڳالهيون ٿيل هجن. قديم ڪلاسيڪي سنڌي ادب ۾ الهامي اشارا ملن ٿا. ماموئي فقيرن جي بيتن مان ايندڙ وقت ۾ پيش ايندڙ واقعن جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي. ان کان پوءِ شاهه، سچل، شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ به ڪيترا تاريخي اهڃاڻ ملن ٿا. عبدالرحيم گروهڙي جي ڪلام ۾ به اهڙا بيت موجود آهن.[4]
انقلابي ادب
[سنواريو](Revolutionary Literature):انقلابي ادب مان مراد اهڙو ادب آهي، جيڪو ڪنهن انقلابي نظرئي جي ترجماني، تبليغ، ترويج يا اشاعت جي غرض سان وجود ۾ اچي. اهڙي قسم جون تحريرون گهڻو ڪري ماڻهن ۾ جوش و جذبي جو احساس پيدا ڪنديون آهن. انقلابي اديب پنهنجي طرفان ڪنهن به مصلحت کان ڪم نه وٺندا آهن.گهڻو ڪري روسي انقلاب جي اثر هيٺ لکيل ادب کي انقلابي چيو ويندو آهي.[2]
ڀڳتي ادب
[سنواريو](Bhagti Literature): وچولي دؤر واري هند ۾ هندو ڌرم سان واسطيدار وشنوءَ جي ڀڳتي ڪندا هئا، اهو هڪڙو طريقو مڪتيءَ (نجات) جو هو، جيڪو ’ڀڳوت گيتا‘ ۾ ڄاڻايل هو. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن “ جي ڀاڱي ٽئين ۾ لکيو آهي ته ڀڳتي ساهتيه (ادب) ڏکڻ ڀارت ۾”تامل گيتن“ ۾ شروع ٿيو جيڪي گيت ستينءَ کان ڏهين صديءَ تائين الور جي هڪ سنت شاعر لکيا هئا، پر پوءِ ڀڳتي 15 صديءَ ۾ اتر ڏانهن پکڙجي ويئي. اتي ڪبير (1518- 1430ع) ۽ گرو نانڪ (1539- 1496ع) هڪ ڪائناتي خدا ڏانهن اعتقاد جو ڦهلاءُ ڪيو، جو نه هندو هو ۽ نه مسلمان . گهڻو ڪري ڀڳتي ساهتيه (ادب) وشنوءَ جي رام يا ڪرشن جي صورت ۾ ظهور پذير ٿيڻ جي باري ۾ چيو ويو آهي. ڪرشن ڀڳتي اتر ۽ اوڀر ڀارت ۾ گهڻي هئي خاص ڪري شاعر چندي داس (15 صدي) ۽ ميران ٻائي (1649- 1608ع) ۽ گجراتي شاعرنرسمها مهتا (1580- 1500ع) وغيره ڪرشڻ ڀڳتي جا مشهور ڀڳت آهن. ڀڳتي تحريڪ جي مختلف لاڙن جو شاهه لطيف، روحل فقير، سچل سرمست ۽ ساميءَ جي شاعريءَ تي پڻ اثر ملي ٿو.[2]
تقابلي ادب
[سنواريو](Comparative Literature): مختلف زبانن جي ادب جو باهمي مطالعو يا اڀياس ڪرڻ کانپوءِ نتيجا اخذ ڪرڻ. [2]
پنگتي ادب
[سنواريو](Domestic Literature):هي اصطلاح خاص طور انگريزن جي دَور ۾ سنڌي هندو اديب استعمال ڪندا هئا، جنهن مان سندن مطلب هو ته اهو ادب، جنهن ۾معاشري جي ھڪ ايڪي يعني گهر اندر هلندڙ مسئلن(Domestic issues) جي اپٽار ٿيل هجي. ان ڏس ۾ ڊرامن، مضمونن، ناولن ۽ افسانن ۾ پنگتي/سماجي موضوعن کي خاص مقام حاصل هوندو هو.[2]
خارجي ادب
[سنواريو](Objective Letrature : جيئن ته ادب ڪنهن به معاشري جي سماجي حالتن جو عڪس يا آئينو هوندو آهي، پر ڪجهه اديب پنهنجي معاشرتي حالتن کان منهن موڙي ٻاهرين دنيا جو اثر قبول ڪري وٺندا آهن. سندن لکڻين ۾ خارجي اثر نمايان هوندو آهي.خارجي ادب وارن جو چوڻ آھي ته جيڪو اديب پنهنجي شخصيت جي چوڌاري طواف ڪندي جيڪو ادب تخليق ڪري ٿو ۽ معاشري ۾ موجود حالتن کي نظرانداز ڪري ٿو، انهيءَ ادب جو ڪو به ڪارج ناھي، انهيءَ ڪري معاشري کي سامھون رکي ادب لکجي ۽ خارجي حالتن تي لکجي.[2]
فحش ادب
[سنواريو](Pornography):اهو ادب، جنهن ۾ جنس يا فحاشيءَ جي ترغيب ڏنل هجي، هن قسم جي ادب کي ادبي دنيا مان خارج سمجهيو ويندو آهي، ڇو جو ادب فحاشي جي ترغيب نه ٿو ڏئي.[2]
فقهي ادب
[سنواريو](Religious Literature):فقهه مان مراد آهي دين جو علم، مذهبي قانون، ’فقيهه‘ ان کي چئبو آهي، جيڪو فقهه جو ڄاڻو هجي. مذهبي، ديني ادب ۾ تخليق ٿيندڙ علم و ادب کي ’فقهي ادب‘ چئبو آهي. سنڌي ۾ فقهي ادب جي تمام وڏي تاريخ آهي. فقهي ادب سنڌ ۾ خاص طور تي ڪلهوڙن جي دور ۾ عروج تي پهتو ۽ مدرسن ۾ پڙهائجڻ شروع ٿيو. ان کان پوءِ هن علم تمام گهڻي ترقي ڪئي. مخدوم ابوالحسن سن 1703ع ۾ ’مقدمة الصلوٰت‘ لکيو، جنهن ۾ نماز جا فقهي مسئلا نظم ۾ ڏنل هئا. ان سلسلي ۾ عربي-سنڌي رسم الخط ايجاد ٿي. اها هڪ تحريڪ جي صورت ۾ هلي، لکندڙ ڪتابن کي ’سنڌيون‘ سڏيو ويو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله نرئي، عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم محمد ابراهيم ۽ ٻيا وڏا ليکڪ هئا. ٽالپرن جي دور تائين فقهي ادب عروج تي پهتل هو. انگريزن جي دور ۾ نثري ادب ۾ ڪتاب لکيا ويا. آزاديءَ کان پوءِ فقهي ادب گهڻي ترقي ڪئي آهي. فقيه ادب ۾ شرعي مسئلا، روزو، نماز، حج، زڪوٰت، قرباني، شڪار، طلاق، شادي، مرڻو، پرڻو وغيره جا ديني مسئلا اچي وڃن ٿا. سنڌي زبان ۾ ڊاڪٽر يار محمد ’سنڌيءَ ۾ فقهي تحقيق جي ارتقا‘ جي عنوان سان ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. سندس ڪتاب کي شايع ڪيو آهي.[2]
لوڪ ادب (Folk Lore)
[سنواريو]لوڪ ادب مان مراد اھي عام ماڻھن جو ادب، يعني اھو ادب جو تصنع، ھٿ ناٽ ۽ جڙتو ڪاريگريءَ ۽ صنعتن ۽ سينگار کان پاڪ ۽ صاف ھجي. انسائيڪلوپيڊيا مطابق ”ھي اھو علم اھي جو قديم مڃتائن، ريتن، رسمن، ڀرمن، وھمن، قديم روايتن ۽ اعتقادن تي مشتمل ھوندو اھي“. حقيقت ۾ لوڪ ادب انھن سگھڙن جي تخليق اھي، جيڪي پنھنجي خيالن جي وسعت اھر مجلسن، محفلن ۽ ڪچھرين ۾ پنهنجا خيال شعر جي روپ ۾ پيش ڪندا آهن. اھو ئي سبب اھي، جو لوڪ ادب کي ”نج دهقاني ادب“ بھ چيو ويندو اھي، ھي ادب عوام جي احساسن، جذبن، امنگن جي چٽي تصوير ھوندو اھي. لوڪ ادب جي اوائلي تاريخ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي لکي ٿو تھ ”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تھ سنڌ جي لوڪ ساھتيھ ايترو تھ اکاٽو اھي، جيتري اکاٽي اھي اسان جي سنڌي ٻولي. سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪيترائي اھڙا جزا بھ اھن جن جو بڻ بنياد ويدن ۽ اپنشدن جي ڪٿائن توڙي ٻئي سنسڪرت ادب ۾ ملي ٿو. رامائڻ، مھاڀارت، پراڻ، برھت ڪٿا منجري ڪٿا سرت ساگ، پنجتنتر، ھتو پديش، ويتال پنج ونشتي وغيره سنسڪرت ۾ لکيل اھڙا سرچشما اھن، جن مان نھ فقط سنڌي، پر ڀارت جي ڪيترن ٻين ٻولين جي بھ ڪن لوڪ ڪٿائن ۽ پھاڪن وغيره جو جنم ٿيو اھي.“ھن علم ۾ ھيٺيون صنفون اچي وڃن ٿيون: روايتي ڪهاڻيون: جھڙوڪ لوڪ ڪھاڻيون، وير ڪھاڻيون (ڳاهون)، رزميھ نظم ۽ ڏند ڪٿائون. رسمون ۽ رواج: جھڙوڪ ڏڻ وار، رسمون ۽ رواج ۽ شادين جون رسمون وغيره. ويساهه ۽ ڀرم: جھڙوڪ جنن پرين جون ڪھاڻيون، جادو، منتر، ڦيڻا ۽ ڌاکا. لوڪ ڪهاڻيون: جھڙوڪ مشھور چوڻيون، پھاڪا، چرچا، ڳجھارتون ۽ معما وغيره. لوڪ راڳ: عوامي راڳ، جيڪو لوڪ گيت کان مختلف هوندو آهي ۽ عوام جي امنگن جي ترجماني ڪندو آهي ۽ لوڪ ڌنن تي ڳايو ويندو آهي. [2].
مزاحمتي ادب
[سنواريو](Literature of Resistance):ادب ملڪي حالتن جو ردعمل هوندو آهي. جيڪڏهن ملڪي حالتون عوامي ڀلائيءَ لاءِ سٺيون نه هونديون ته ان جو ردعمل ادب ۾ جابجا موجود هوندو آهي. مطلب ته مزاحمتي ادب، اهو ادب آهي جنهن ۾ ملڪي، ناانصافين، ناهموارين جي خلاف مزاحمت جو عنصر موجود هجي. سنڌي شاعريءَ ۾ اهو لاڙو صوفين وٽ وڌيڪ ملي ٿو. شاهه لطيف سچل سرمست ۽ شيخ اياز، ابراهيم منشي ۽ استاد بخاري کي مزاحمتي شاعر مڃيو ويو آهي. سنڌ جي مشهور افسانه نگار امر جليل ون يونٽ واري دور جي ادب کي “مزاحمتي ادب جو دور” سڏيو آهي.[2]
نعري بازيءَ وارو ادب
[سنواريو]اهڙو ادب، جيڪو ڪنهن خاص سياسي، سماجي يا مذهبي مقصد جي پرچار لاءِ لکيو وڃي. هن قسم جو ادب پروپئگنڊا ۽ عارضي طور مشهور به ٿيندو آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
- ↑ 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 2.23 2.24 2.25 2.26 2.27 2.28 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ 3.0 3.1 [ خط تقريرون ۽ انٽرويو ؛ ليکڪ: شيخ اياز ؛ نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد؛ پھريون ايڊيشن 1987] رشيد ڀٽي طرفان لکيل مھاڳ مان ورتل
- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي