مواد ڏانھن هلو

محبت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
روميو ۽ جوليٽ ڊرامي جو ھڪ منظر فورد ميڊوڪس برائون جي 1867 ۾ ٺاھيل پينٽنگ ۾ جنھن ۾ روميو۽ جوليٽ جي محبت جو اظھار ڏيکاريل

پيار ❤(محبت) ”محبت ھڪ مضبوط ۽ مثبت جذباتي ۽ ذهني ڪيفيتن سان واسطو رکي ٿي، جيڪي سڀ کان وڌيڪ فضيلت يا سٺي عادت،  ھڪٻئي جي  اونھائي واري شفقت ۽ سڀ کان سولي خوشي سان واڳيل آھن.“

محبت جو لفظ ڪافي معنائون رکي ٿو. محبت ڪافي قسمن جي ٿي سگھي ٿي. محبت ڪنھن عام ماڻھو يا ڪنھن خاص ھستي سان يا رشتيدار سان ٿي سگھي ٿي. محبت عام به ٿي سگھي ٿي ۽ شديد به. شديد حالت ۾ جان ڏيڻ ۽ وٺڻ جي حد تائين ٿي سگھي ٿي.ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ: ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو معجزو هوندو ته عناصر جي هڪ ٻئي لاءِ ڪشش وڌيڪ محبت ۽ وفا جي شاعريءَ جي صورت اختيار ڪري. اسان کي ستيانا جا لفظ ٿا ياد اچن ته ”هر آدرش جو بنياد فطري هوندو آهي ۽ هر فطري بنياد جي آدرشي اوسر ٿيندي آهي. محبت کي پنهنجي معمولي شروعات لاءِ شرمسار نه ٿيڻ گهرجي ۽ اها خواهش حقارت جهڙي آهي جيڪا پنهنجي روحاني سپردگيءَ ۾ ڪمال تي نٿي پڄي. محبت جي فلاسافر افلاطون چيو هو ته ’جنهن کي محبت ناهي ڇهيو اهو اونداهيءَ ۾ ٿو ڀٽڪي‘، ليپ ليس پنهنجن دوستن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو جيڪي هن جي کوجنائن ۽ ڪتابن جي تعريف ڪري کيس آٿت ڏيڻ لڳا هئا. هن چيو زندگيءَ ۾ انهن جي ڪا اهميت ڪانهي. هنن پڇيو ته پوءِ ڪهڙي شيءِ اهم آهي. هن سائنسدان آخري ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ”محبت“.[1] هر شيءِ فاني آهي رڳو محبت کي بقا حاصل آهي. محبت موت جي خال کي ولديت جي ذريعي اورانگهندي آهي. ناڪاميءَ جي ڪڙاڻ عارضي لڳندي آهي پر انسانيت جي نقطه نظر کان ان کي ڪيڏو نه دوام حاصل آهي. آخر ۾ محبت اسانجي هڪ حصي کي زوال کان بچائيندي آهي ۽ اسانجي زندگيءَ کي ٻار جي توانائي ۽ سندس زندگيءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي.[1] مرد جا عورت سان ۽ ماءُ پيءُ جا اولاد سان تعلقات، اهي ٻئي محبت جون بنيادي قوتون آهن جن جي چوڌاري زندگي گردش ٿي ڪري.[1]

اولاد سان محبت

[سنواريو]

ٻار جڏهن پيدا ٿيندو آهي ته پيءُ ماءُ ۾ محبت اُٿلي پوندي آهي پر هي ته محبت ان شعلي کان الڳ آهي جيڪو اڳ دل ۾ ڀڙڪيو هو. هن هڻَ وَٺُ جي زماني ۾ اهو شعلو ٽئين ٻار جي ڄمڻ تائين گهڻي ڀاڱي وسامي چڪو هوندو آهي. اها محبت جنهن وقتي طور ماءُ پيءُ کي هڪ ڪري ڇڏيو هو هاڻي ٻار جي حصي ۾ ايندي آهي ماءُ ٻار جي محبت ۾ مڙس کي نظرانداز ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پيءَ ته جيڪڏهن ٻار ڇوڪري آهي ته اها ساري محبت جيڪا سندس زال لاءِ هئي هاڻي ان ٻار لاءِ هوندي آهي. پر آخرڪار اهي وقتي ڪششون گهٽجي وينديون آهن ۽ زال ۽ مڙس کي محبت وري هڪ ڪري ڇڏيندي آهي[1] خوراڪ جي ڳولها ۾ مرد ويڙهاڪ ٿيو. حيوانن ۾ هو ڏندن ۽ چنبن سان ۽ انسان ۾ سرمائي جي رقابت سان ۽ قومن ۾ بري بحري فوجن جي مدد سان وڙهي ٿو. ڪپلنگ چيو هو ته مادي نر کان وڌيڪ ظالم هوندي آهي. شايد ته هن ڪو زخم کاڌو هو، (سئزڪينال جي اوڀر طرف) انڪري ان معاملي ۾ سندس نظر صاف نه هئي. عورت فطريءَ طرح امن ۽ تحفظ جي طالب هوندي آهي، جنگ جي نه. ڪن ساهوارن جي نسلن ۾ ته ماديءَ ۾ وڙهڻ جي جبلت ڪانه هوندي آهي. هوءَ جڏهن به وڙهندي آهي ته پنهنجن ٻچن لاءِ وڙهندي آهي، هن ۾ جيڪڏهن تيزي آهي ته اها هوءَ تڏهن ڪم آڻيندي آهي جڏهن نسل کي خطرو هوندو آهي، ٻي صورت ۾ هن کي جنگ نه وڻندي آهي ۽ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏوهه به کانئس سندس جسماني خامين جي ڪري ٿيندو آهي. هن ۾ مرد کان وڌيڪ صبر آهي ۽ مرد جيتوڻيڪ زندگيءَ جي وڏن مسئلن ۾ وڏي جرائت کان ڪم وٺندو آهي. پر عورت ۾ ننڍيون ننڍيون مشڪلاتون ۽ مصيبتون سهڻ جي تمام وڏي قوت آهي. هوءَ بيماريءَ کي ائين وڏي خاموشيءَ سان برداشت ڪندي آهي ڄڻ هن کي ان مان ڪا وڏي لڪل خوشي پئي ملي. (شايد انڪري جو بيماريءَ ۾ کيس روزاني جي ڪم ڪار کان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي) پر مرد جنهن کي ماٺ ويهڻ نه ايندو آهي بيماريءَ ۾ پريشان ٿي ويندو آهي ۽ ساري دنيا کي پنهنجي بيماريءَ جو پيو ٻڌائيندو آهي.[1]

محبت جو حياتياتي تصور

[سنواريو]

هڪ ساهدار ۾ هڪ مان ٻن ۾ ورهائجڻ جي خصلت اصل ۾ قدرت پاران زندگيءَ جي تسلسل کي قائم رکڻ جو طريقو آهي جيڪو ماڻهن جي بقا سان به لاڳو ٿئي ٿو ۽ جيتوڻيڪ قدرت اهو ڪم هزارين پيچيدگين سان ڪري ٿي پر تڏهن به اها ان کي ڇڏي نٿي. هڪ جيوگهرڙي تي ٻڌل ساهدار ”پروٽوزوئا“ Protozoa جو نسلي واڌرو ورهائجڻ سان ٿئي ٿو. هڪ ننڍڙو سلو به ذري گهٽ ساڳئي طريقي سان اُسري ٿو. هڪ ننڍڙو پاڻيءَ واتڙو Baby Hydra پنهنجي ئي ڪنهن وڏي مان وجود ۾ ٿو اچي ۽ ان ئي وجود تي پلجي جوان ٿو ٿئي ۽ ان ساڳئي وجود مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري ڪنهن نه ڪنهن هنڌ پنهنجي جاءِ ڳولهي ٿو وٺي. آخرڪار ان کان الڳ ٿي نيون پاڙون ٿو هڻي. ڪڏهن ڪڏهن شروعاتي ساهوارن (جنهن وول ووڪس Volvox) جا جيوگهرڙا هڪ چيڙهالي گرڀ ۾ پوريل رهن ٿا ۽ وڌندي هڪ بيٺڪ جو بنياد وجهن ٿا جنهن کانپوءِ هڪ حيران ڪندڙ جدا جدا عمل شروع ٿو ٿي وڃي. ٻاهريان جيوگهرڙا خوراڪ حاصل ڪرڻ ۽ اندريان جيوگهرڙا نسل جي واڌ واري عمل ۾ مصروف ٿا رهن. پوءِ اها نو آبادي هڪ گڏيل سماجي تنظيم جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ٿئي جنهن ۾ جدا جدا حصا هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا ٿا رهن. ان مان ثابت ٿيو ته زندگيءَ جي شروعات ۾ (يعني جيوگهرڙن ۾) ئي زندگيءَ جي مادي ۾ علحدگيءَ جو مثال ملي ٿو جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي ويزمن بيريئر Weismann barrier انسان جي نسلي ورڻي جي اهميت واري نظريي جو بنياد رکيو.[1]. هي سادو ميلاپ کڻي ڪيترو به اهم ڇو نه هجي پر هي ڪنهن به طرح ٻن متضاد جنسن جي ميلاپ جهڙو نه آهي جيڪو تضاد محبت جو گل آهي. ڇا اسين انهن نهايت ننڍن ساهوارن ۾ اهڙو مثال ڳولهي سگهون ٿا؟ هڪڙو ننڍڙو جيوڙو ’پينڊورينا‘ آهي جنهن ۾ سورنهن جيوگهرڙا هوندا آهن، ان ۾ اهڙا مثال ملن ٿا. هنن ۾ موجود هر جيوگهڙو انهن چرندڙ پرندڙ جيوگهرڙن ۾ نٿو بدلجي پر ان جي ابتڙ ڪيترن ئي باريڪ ذرڙن ۾ ورهائجي ٿو وڃي جيڪي هڪ ٻئي سان ملن ٿا ته هڪ نئون جيوگهرڙو پيدا ٿو ٿئي. هڪ ٻيو شروعاتي ساهوارو يوڊورينا جي نالي سان سڏبو آهي ان ۾ وري هر جيوگهرڙو ٻين هڪ ٻئي سان نه ملندڙ ذرڙن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. ڪي وڏا ۽ سست ته ڪي وري ننڍا ۽ چست. جيستائين اهو ننڍو ذرڙو وڏي ذرڙي ۾ داخل نٿو ٿئي تيستائين سندن نسل نٿو وڌي. يوڊورينا ۾ قدرت جنس کي ڳولهي لڌو. ڪجهه وقت لاءِ فطرت هٻڪندي رهي پر پوءِ وول ووڪس ۾ اسان کي ولديت جي پراڻي ۽ نئين طريقي جو ميلاپ نظر اچي ٿو. هڪ جيوگهرڙا روايتي طريقي سان وڌن ٿا پر ٻئي نسل جا جيوگهرڙا يوڊورينا وانگر هڪ ٻئي سان مشابهت نه رکندڙ حصن ۾ ورهائجن ٿا ۽ هن نسل جا هڪ ٻئي سان مشابهت نه رکندڙ حصا ملي ٽيون نسل پيدا ڪندا آهن.[1]

مرد ۽ عورت جو تعلق

[سنواريو]

گورڪي ۽ چيخوف ڪراليميا ۾ گهمي رهيا هئا. گهمندي گهمندي هو سمنڊ ڪناري تي پهتا جتي ٽالسٽاءِ سوچ ۾ ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو. هو هن جي ويجهو ويٺا ۽ عورتن جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ٽالسٽاءِ چڱيءَ دير تائين ماٺ ڪري هنن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ چيائين: ”مان عورتن جي حقيقت تڏهن ٻڌائيندس جڏهن منهنجو هڪ پير قبر ۾ هوندو“. مان حقيقت ٻڌائي يڪدم ڪفن واري ڪاٺ جي پيٽي ۾ ٽپو ڏيئي ان جو ڍڪ بند ڪري ڇڏيندس ۽ وڏي واڪي چوندس: ”هاڻي جيڪو وڻيوَ سو ڪيو.“ جڏهن نواب ڪيسرلنگ پنهنجي ڪتاب ”شاديءَ جو ڪتاب“ جي باري ۾ برنارڊشا کي مضمون لکڻ لاءِ چيو ته هن انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ”ڪوبه مرد جيستائين هن جي زال جيئري آهي سچ ڳالهائي نٿو سگهي“[1] جڏهن ڪو مرد عورتن جي باري ۾ ڪتاب لکندو آهي ته اهو سندس دل جي زخمن جو آواز هوندو آهي ۽ مرد عورت جي دل وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي (جيڪڏهن شريف هوندو آهي) ته پنهنجي ڪاميابيءَ کي شاديءَ جي شڪل ڏيندو آهي. تنهن کانپوءِ هو سياڻپ واري ماٺ اختيار ڪندو آهي جو هڪ ئي وقت ٻه ماڻهو ڳالهائي نٿا سگهن ۽ جيڪڏهن عورت جي دل وٺڻ ۾ ناڪام ٿيندو آهي ته ڪتاب لکندو آهي. مخالف جنسن جي باري ۾ شوپن هار، نٽشي، ويننگر ۽ ٻين ناڪام مردن جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن کان وڌيڪ دلچسپ عورتن جو اهو تجزيو هوندو آهي جيڪو هو مردن جو ڪنديون آهن. ان جو سبب اهو آهي ته عورتون انساني فطرت کي مردن کان وڌيڪ سمجهنديون آهن ۽ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهانت ۽ آزاديءَ سان خيالن جو اظهار ڪري سگهنديون آهن. هو ايتريون هوشيار هونديون آهن جو ادب جي ذريعي پنهنجون دل جون ڳالهيون ناهن کولينديون ۽ ان ڳالهه تي خوش ٿينديون آهن ته مرد انھن تي ڪتاب ٿا لکن.[1] عورت ۾ حياءُ ان ڪري گهڻو هوندو آهي جو اُن سان پيدائش جا مقصد پورا ٿيندا آهن، حياءُ جي ڪري هوءَ اڳتي وک نه وڌائيندي آهي جنهن سان هن کي جنس لاءِ چونڊ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح سوچي سمجهي پنهنجي زندگي جي ساٿيءَ جي چونڊ ڪري سگهندي آهي. ڇاڪاڻ جو زندگيءَ جو اهو ساٿي اڳتي هلي هن جي ٻارن جو پيءُ ٿيندو آهي. عورت نسل ۽ اجتماع جو آواز هوندي آهي، جڏهن ته مرد، فرد جي مفاد جو آواز هوندو آهي، عورت جو جڏهن مقصد پورو ٿي ويندو آهي ۽ ماءُ جي صورت ۾ هوءَ پنهنجي تڪميل ڪندي آهي تڏهن سندس حياءَ گهٽجڻ شروع ٿيندو آهي .[1] عورت جو محبت وارو جذبو مرد جي ڀيٽ ۾ شديد گهٽ هوندو آهي، پر ان ۾ وسعت ۽ گهرائي وڌيڪ هوندي آهي. محبت جو جذبو عورت جي زندگيءَ جي هر حصي ۾ داخل ٿيل هوندو آهي. هوءَ زندهه ئي تڏهن رهندي آهي جڏهن ساڻس محبت ڪئي وڃي. فرانس جي هڪ جج جڏهن هڪ عورت کي ڪنهن چور سان جنسي لاڳاپا رکڻ تي ننديو ته هن جواب ڏنو ته جڏهن مان محبت ۾ گرفتار نه هوندي آهيان، تڏهن زندگيءَ کان محروم ٿي ويندي آهيان[1].عورت گهڻو ڪري پنهنجي مڙس ۾ حسن نه پر قابليت ۽ طاقت ڏسندي آهي، جنهن مان کيس تحفظ ملندو آهي، مرد پنهنجي چونڊ ۾ حسن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي، انڪري نه، جو حسن مان کيس خوشي ملندي آهي پر انڪري جو حسن طاقت ۽ صحت جي علامت آهي، زندگيءَ جي ساٿيءَ جي چونڊڻ وقت عورت پنهنجي جمالياتي ذوق کي وساري ڇڏيندي آهي، ڇاڪاڻ جو هوءَ قبضو ڪرڻ نه پر پاڻ تي قبضو ڪرائڻ چاهيندي آهي. انڪري هوءَ فن کي تخليق ڪرڻ کان وڌيڪ فن لاءِ تحرڪ پيدا ڪندي آهي. شايد هن کي مرد ۾، مغرور ۽ کل جهڙي مرد ۾ اهو حسن نظر نه ايندو آهي. جيڪو کيس تخليق لاءِ تيار ڪري. هوءَ حسن جي تخليق ڇو ڪري، ڇاڪاڻ جو هوءَ پاڻ حسن آهي. جيئرو حسن، سڀ کان حسين فن ۽ ذهانت کان وڌيڪ تعريف لائق آهي. هوءَ فن جو سرچشمو ۽ ذهانت جو مقصد آهي. جيڪڏهن زندگي حسين هجي ها ته ان کي ذهانت جي ضرورت ئي ڪانه پوي ها پر جيڪڏهن ذهين هجي ها ته حسين بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ها.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو