حسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ناٽر ڊم ڊي پيرس ۾ ريئونيٽ دري. گوٿن (فرانس جو قديم نسل) جي عمارتسازي م روشني کي خدا جو سڀ کان خوبصورت ترين الھام سمجھيو ويندو ھو


حسن(انگريزي: Beauty)رومانوي شاعريءَ ۾ اڪثر ڪري حسن ۽ عشق جا موضوع هوندا آهن. حسن باطني به ٿيندو آهي ته ظاهري پڻ. [1]اناطول فرانس چيو ”مان نٿو مڃان ته اسان ڪڏهن به پوريءَ طرح ڄاڻي سگهنداسين ته ڪا شيءِ حسين ڇو آهي“،[2].وحشي ماڻهن کي ٿلهن چپن ۽ بت تي نڪتل نيرن ڪارن ليڪن ۾ حسن نظر ايندو آهي. يونانين کي حسن جواني ۽ توازن ۾ نظر ايندو هو ۽ رومين لاءِ تناسب، عظمت ۽ طاقت جو نالو حسن هو. نشاة الثانيه حسن کي رنگ ۾ ڏٺو ۽ جديد روح کي موسيقي ۽ ناچ ۾ حسن نظر آيو. هر جاءِ تي ۽ هر زماني ۾ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نموني حسن کان متاثر ٿيندا رهيا آهن، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ هنن زندگيون ڏيئي ڇڏيون آهن، رڳو فلاسفرن ان جي فطرت ۽ طاقت جو راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.[2]اصل ۾ هي مسئلو نفسيات جو آهي پر نفسيات جي ماهرن ان کي فلاسافيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هرڪا سائنس پنهنجن مسئلن کي حل ڪري نه سگهندي آهي ته اهي فلاسافيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندي آهي[2].اسٽينڊهال غير شعوري طور هابز جي پيروي ڪندي چيو هو ”حسن مزي جو امڪان آهي.“[2]حسن جو احساس اسان جي جنسي قوت جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان گهٽندو ۽ وڌندو آهي، محبت ايترو حسن کي تخليق ڪندي آهي جيترو حسن محبت کي تخليق ڪندو آهي. هر عاشق پنهنجي محبوبه کي سڀ کان سهڻي عورت سمجهندو آهي، ڊي گورمنٽ ٿو چئي ته هڪ بڇڙي ڏيڏر کان پڇو ته حسن ڇا آهي ته جواب ڏيندو: ”منهنجي مادي، جنهن جون ٻه گول اکيون هن جي ننڍي مٿي مان نڪتل هونديون آهن، جنهن جو منهن ڦٿل، پيٽ هيڊو ۽ پٺي ڀوري آهي.“[2]جيڪڏهن حسن جو معيار يوناني رهي ها ته اسان جي جمالياتي شعور تي مرد جو حسن حاوي هجي ها. يونان ۾ دوستي محبت تي حاوي هئي. اسپارٽا ۽ ايٿنز ۾ حسن جو آدرش خوبصورت ۽ بهادر جوان هو، انڪري يوناني آرٽ ۾ هڪ مڪمل مرد ۽ راندين جي ميدان جو عڪس نظر ايندو، پر اسان جي حسن جو احساس اسان جي دلين ۽ زندگين تي عورت جي حاوي هجڻ جي عڪاسي ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن هن زماني ۾ اسان کي ڪڏهن ڪنهن مرد جو حسن متاثر ڪيو آهي ته اهو انڪري ته جيئن دوستيءَ واري محبت مضبوط ٿئي.[2]اسپنوزا جي چواڻي اسان ڪنهن شيءِ جي ان لاءِ خواهش نه ڪندا آهيون جو اها حسين هوندي آهي پر ان کي انڪري حسين سمجهندا آهيون جو اها اسان جي خواهش جو مقصد هوندي آهي.[2]ايلس جو چوڻ آهي ته حسن ڏسڻ واري جو محتاج نه آهي پر خودمختيار آهي، پنهنجي ان راءِ جي حمايت ۾ هن چيو آهي ته دنيا جي گهڻي ڀاڱي نسلن جا جمالياتي لاڙا بنياديءَ طرح هڪجهڙا آهن. پر جڏهن اسان چيني موسيقي ۽ زولو قبيلي جي وَڍَ ڪُٽَ کي ڏسون ٿا ته اهو خيال ايترو صحيح نٿو لڳي[2].حسن به اخلاق وانگر جاگرافيائي حالتن سان بدلجي ٿو، ڊارون ٻڌائي ٿو ته ناهيٽي ۽ جهنگلي ماڻهو بيني نڪ کي پسند ڪندا آهن ۽ ٻارن کي سهڻو بنائڻ لاءِ سندن نَڪُ ۽ نراڙ کي دٻائيندا آهن. مايا قبيلي جا ماڻهو زيورن سان پنهنجن ٻارن جا نَڪ ۽ ڪن ٽوپيندا آهن، سندن ڏندن کي گسي انهن تي ڪو فريم چاڙهيندا آهن، سندن مٿا تختي هيٺان دٻائيندا آهن ۽ کين ٽيڏو ٿيڻ سيکاريندا آهن جوان ۾ ئي هنن کي حسن نظر ايندو آهي، منگوپارڪ اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ڪارن حبشين سندس اڇي رنگ جو مذاق ٿي اڏايو. اوڀر آفريقا جي ڪناري تي جڏهن حبشي ٻارن رچرڊ برٽن کي ڏٺو ته دانهون ڪرڻ لڳا ته ”هن اڇي ماڻهوءَ کي ڏسو، هي اڇي باندر جهڙو نٿو لڳي؟“ ۽ اسان وري ائين چئي سگهون ٿا ته زولو شيدي هڪ ڪاري گوريلي وانگر آهي[2].

يوناني فلسفين جو تصور[سنواريو]

قديم يونان ۾ حسن تمام گهڻو تخليق ٿيندو هو ۽ ان کي قابلِ احترام به سمجهيو ويندو هو پر پوءِ به فلاسافر ان جي سحر کي سمجهي نه سگهيا. پيٿاگورس جماليات جي راند ائين کيڏي جو موسيقيءَ کي علم رياضيءَ جي قائدن ۾ آندو ۽ ڪائنات جي دائرن ۾ توازن ۽ هم آهنگيءَ جي ڳالهه ڪئي، سقراط کان اڳ جا يوناني، ڊارون کان اڳ جي سائنسدانن وانگر، حسن کي طبعيات ۽ علم رياضيءَ جي دائري ۾ آڻي ان جي مڪان ۽ مقدار جي ٻوليءَ ۾ تشريح ڪندا هئا. هنن لاءِ موسيقي آوازن جي ترتيب ۽ مادي حسن نسبتن جي ترتيب هو. افلاطون، جيڪو بنيادي طرح اخلاق جو ماهر هو (جنهن پنهنجن هم وطنن کي زوال کان روڪڻ ٿي گهريو) ٻي حد تي پهتو ۽ هن حسن کي نيڪي سڏيو. هن جي خيال ۾ فن اخلاقيات جو حصو هو. موسقيءَ جا تعليمي فائدا هئا ۽ هن جي زميني تصوراتي جنت ۾ موسيقي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به فن جي اجازت نه هئي. ارسطوءَ وٽان اسان کي اسان جي سوال جو خاص يوناني جواب ملي ٿو ته حسن توازن، تناسب ۽ مربوط ڪُلَ ۾ ان جي جزن جي فطري ترتيب جو نالو آهي. هي اهو تصور آهي جيڪو جُز ۽ ڪُلَ جي ان تصور سان نهايت وڻندڙ انداز ۾ مطابقت ٿو رکي. جنهن بابت اسان پوئين بابن ۾ ڳالهه ڪري آيا آهيون. هتي اسان ترتيب ۽ اصول ٺاهڻ جي خواهش کي روڪي نٿا سگهون. سوال آهي ته توازن ۽ تناسب، نظم ۽ وحدت روح کي سرور ڇو ٿا ڏين؟ اهو سوال اسان کي اسان جي فارمولن کان اڳتي وٺي ٿو وڃي. ونڪلمئن ۽ ليسنگ به ان سلسلي ۾ ڪي خاص جواب ڏيئي نه سگهيا. هنن به اکيون ٻوٽي يونانين جي پيروي ڪئي. حسن ۽ جمال جو مسئلو جوڙجڪ ۽ هيئت، تراشيل سنگ مرمر ۽ پهاڙن تي ٺهيل مندرن جو مسئلو رهيو جيڪو پارٿينن ۽ سندن آرائشن لاءِ مخصوص ٿي ويو. اها حقيقت ته ڪوبه بت ڪنهن گرم ۽ زندهه حسن جو نقل آهي ۽ حسن جو راز نقل کان وڌيڪ اصل ۾ لڪل آهي انهن سخت ۽ علمي ذهنن لاءِ مڃڻ جهڙو نه هو.[2]

جانورن م حسن جو احساس[سنواريو]

حيوانن جي اکين ۾ حسن جو احساس هوندو آهي، ڊارون جو چوڻ آهي ته ڪي پکي پنهنجن آکيرن کي رنگين پنن ۽ ڪوڏين، پٿرن، پرن ۽ ڪپڙي جي انهن ٽڪرن سان سجائيندا آهن جيڪي انسانن جي گهرن ۾ هوندا آهن. شاهي ڪڪڙ پنهنجي ماديءَ لاءِ آکيرو ٺاهيندو آهي جيڪو گهاٽين ٽارين سان ڍڪيل هوندو آهي، فرش تي گاهه وڇائيندو آهي ويجهي تلاءَ مان پٿر چونڊي انهن کي فنڪاراڻي نموني سان ٻنهي پاسن ۾ رکندو آهي، ديوارن کي چمڪندڙ پرن، ڳاڙهن ٻيرن ۽ ٻين سهڻي شين سان سجائيندو آهي. آخر ۾ هو دروازي کي سِپن ۽ چمڪندڙ پٿرين سان سجائي ان کي حسن ۽ وقار بخشيندو آهي، بوش جو چوڻ آهي ته رڳو هڪ دفعو ان ”محل“ کي ڏسڻ سان يقين ٿي ويندو آهي ته حسن مان مزو وٺڻ ان پکيءَ جي فطرت ۾ شامل آهي. ڪجهه پکي پاڻ کي آئيني ۾ ڏسندا آهن، آئيني کي سج جي روشنيءَ سان چمڪايو ته ڪيترا چڪور گڏ ٿي ويندا، هنن تي گوليون وسنديون ته به هو انڌ ۾ آئيني ڏانهن وڌندا، مينا، ٽاڪرو ڪانءُ ۽ ٻيا پکي، چمڪندڙ شيون، چاندي ۽ جواهر چورائيندا آهن، خبر نه آهي ته اها خودپسندي آهي، هوس آهي يا تجسس آهي، ڇا آهي جيڪو هنن کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. بي جان شين ۾ رڳو جانور حسن ڏسندا آهن ۽ هنن جو جمالياتي شعور معمولي ۽ ٻئي درجي جو هوندو آهي. پکي لڳ جي موسم ۾ ماديءَ آڏو پاڻ ڏيکاريندو آهي، ڊارون جو چوڻ آهي ته گهڻن حيوانن ۾ حسن جو احساس رڳو مخالف جنس جي ڪشش تائين محدود هوندو آهي[2]


عورت جو حسن[سنواريو]

حسن جو احساس اسان جي جنسي قوت جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان گهٽندو ۽ وڌندو آهي، محبت ايترو حسن کي تخليق ڪندي آهي جيترو حسن محبت کي تخليق ڪندو آهي. هر عاشق پنهنجي محبوبه کي سڀ کان سهڻي عورت سمجهندو آهي، ڊي گورمنٽ ٿو چئي ته هڪ بڇڙي ڏيڏر کان پڇو ته حسن ڇا آهي ته جواب ڏيندو: ”منهنجي مادي، جنهن جون ٻه گول اکيون هن جي ننڍي مٿي مان نڪتل هونديون آهن، جنهن جو منهن ڦٿل، پيٽ هيڊو ۽ پٺي ڀوري آهي.“ [2]عورت حسن جو سرچشمو ۽ معيار انڪري ٿي بڻجي جو عورت لاءِ مرد جي محبت، عورت جي مرد لاءِ محبت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ گهري هوندي آهي، ۽ مرد جي طلب جو جوش عورت جي حسن کي تخليق ڪندو آهي، عورت مرد جي ان تصور کي قبول ڪندي آهي. ته هوءَ مرد کان وڌيڪ حسين آهي ۽ ڇاڪاڻ ته هن ۾ ملڪيت حاصل ڪرڻ جي خواهش کان وڌيڪ محبوب بڻجڻ جي خواهش هوندي آهي، انڪري هوءَ پاڻ ۾ انهن هرکائڻ وارن صفتن کي اُڀاريندي آهي جيڪي خواهش کي وڌائينديون آهن. ٻيو هي ته عورت مرد ۾ حسن نه ڳولهيندي آهي ۽ نه ئي پنهنجي محبوب ۾ حسن جو تصور ڪندي آهي. هوءَ مرد ۾ طاقت ۽ ٻارن جي حفاظت ڪري سگهڻ جي صلاحيت کي ڳولهيندي آهي. هوءَ اهو به ڏسندي آهي. هن کان جيترو پڄندو هو دنيا جا خزانا هن جي قدمن ۾ آڻي رکندو.[2]

فطرت جي حسن[سنواريو]

ول ڊيورنٽ فطرت جي حسن کي ثانوي حسن قرار ڏنو آهي پنھنجي ڪتاب پليژرز آف فلاسافي(انگريزي: Pleasures of Philosophy) ۾ لکي ٿو تہ: محبت حسن جي ماءُ آهي ان جو ٻار نه آهي، اها شين جي حسن جي نه پر انساني حسن جو بنياد آهي پر اسين انهن لکين شين جي حسن جي ڪهڙي تشريح ڪري سگهون ٿا، جيڪي اسان کي سهڻيون لڳنديون آهن، پر انهن جو محبت سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. اسان پنهنجي چوڌاري پکڙيل حسن جي ڪيئن وضاحت ڪري سگهون ٿا.[2]فطرت جي نظارن جي تعريف ۾ حسن محبت واري سرچشمي کان گهڻو پري ٿي ويندو آهي. قدرت جي نظارن کي ڏسي اسان کي جيڪا خوشي ٿيندي آهي اها مرداڻي عظمت جي ڪري آهي پر ان مان گهڻي خوشي ان آرام واري حسد مان پئدا ٿيندي آهي جيڪو حسن ڪنهن سهڻي عورت جي سيني تي مٿو رکڻ جهڙو هوندو آهي. ٿورو ڪورو کي ڏسو، لڏندڙ سايون ٻنيون، ڇانو ڪندڙ شاهه بلوطه ۽ اهي واهڙ جيڪي جهڪيل شاخن جي هيٺان وهن پيا، ان قدرتي حسن ۾ عورت جو حسن ڪٿي لڪل آهي؟[2] اسان کي ڪنهن اهڙي اصول جي ڳولها ڪرڻ نه گهرجي جيڪا ساري دنيا سان لاڳو هجي. فطرت کي انهن اصولن کان نفرت آهي جيڪي هن جي لامحدود قسمن کي نظرانداز ڪندا آهن. فطرت اسان جي مقرر ڪيل عالمگير اصولن جي ڀڃڪڙين جا ڪيترا مثال اسان جي آڏو آڻي سگهي ٿي. اسان کي رڳو ان ڳالهه تي مطمئن ٿي وڃڻ گهرجي ته ڪو احساس جيڪو اصل ۾ جنسي آهي، انهن شين تي ڦهلجي سگهي ٿو جن جو محبت سان ڪو تعلق ڪونهي. جنس جي وڌندڙ قوت جي شدت نظاري جي ديدار ۾ استعمال ٿي سگهي ٿي. جهڙيءَ طرح اها قوت مذهب، دوستي، اجتماعي تصور پرستيءَ ۽ فن جي آبياري ڪري سگهي ٿي.[2] هتي به اسان کي نازڪ رشتا ملندا، هڪ ٻار زمين ۽ آسمان جي حسن کان متاثر نه ٿيندو آهي، پر تعليم ذريعي ۽ ٻين جي اهل ڪندي انهن مان مزو وٺندو آهي، پر جڏهن محبت روح ۾ گرمي پئدا ڪندي آهي تڏهن هر قدرتي شيءِ سهڻي لڳندي آهي، عاشق ندين، وڻن، روشن محبت ۾ پنهنجي محبت اوتيندو آهي، گل سڀني سهڻن شين کان وڌيڪ سهڻا آهن. اهي ئي گل تناسل جا ذريعا ۽ اهڃاڻ ۽ مردن ۾ نرمي ۽ پاڻ ارپڻ جون نشانيون آهن. جڏهن وقت جو ورجاءُ ساڳيو ٿو رهي ۽ زندگيءَ ۾ ڪا نواڻ نٿي رهي ۽ محبت جو جذبو مري ٿو وڃي ته پوءِ فطرت جي حسن جو مزو به ختم ٿو ٿي وڃي ۽ وڌيڪ پوڙها ماڻهو ننڍي عمر وارن وانگر جهنگ جي رنگت ۽ خوشبوئن، ستارن جي دل کي ڌتاريندڙ عظمت، سمنڊ جي بي ڊپائتي لهرن کان متاثر نه ٿيندا آهن. زمين ۽ آسمان جي هر حسن تي جنس جي ديوتا جا پيرا نظر اچن ٿا.[2]

نٽشي جو خيال[سنواريو]

نٽشي چيو هو ته حسين ۽ بدصورت حياتياتي تصور آهن، جيڪا شيءِ نسل لاءِ نقصان ڪار آهي اها بدصورت آهي، اسان کنڊ ان لاءِ نه کائيندا آهيون ته اها مٺي آهي پر ان لاءِ ته ان مان اسان کي ٿوري طاقت ٿي ملي. سڀ فائديمند شيون ٿوري وقت کان پوءِ حسين ٿي وينديون آهن، اوڀر ايشيا جي ماڻهن کي ڳريل مڇي وڻندي آهي، انڪري جو اها واحد غذا آهي. جنهن مان هنن کي نائٽروجن حاصل ٿيندي آهي، سولينڊ جو چوڻ آهي ته آسمان انڪري نيرو نه آهي ته جيئن اسان جي اکين کي سهڻو لڳي پر انڪري نيرو آهي جو اسان جون اکيون آسمان جي نيراڻ سان هري ويون آهن ۽ ان کي پسند ڪنديون آهن. سڀ هيئتون ۽ رنگ اسان کي ايترو وڻندا آهن جيترو هو اسان جي نسل جي تجربي ۾ عام ٿي چڪا هوندا آهن. سائو گاهه ۽ نيرو آسمان حسين آهي پر عادت هڪ سائي آسمان ۽ نيري گاهه کي به اسان لاءِ وڻندڙ بڻائي سگهي ٿي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو