ادبي لاڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ادبي لاڙو (Literary Trend) ڪنهن خاص وقت ۾ ڪنهن خاص موضوع يا تحرير جي رجحان يا ڌارا جي استعمال لاءِ چاھ کي چئبو آهي. يورپي ادب تي نظر وجھڻ سان خبر پوندي تہ ان جي ترقيءَ جو دارومدار ھميشہ ادبي تحريڪن ۽ نون لاڙن جي جنم وٺڻ جي ڪري ٿيو اھي. مثال طور انگريزي ادب ۾ ”رومانيت“ ۽ ”ڪلاسڪيت“ جا لاڙا ھميشہ غالب رهيا اھن ۽ ان کان سواءِ جديد ادبي لاڙن جو بہ وقت بہ وقت اثر رھندو ايو اھي، جهڙوڪ: سرريئلزم، وجوديت، جديديت. بعد جديديت. انگريز دور کان وٺي ڪيترن يورپي ادبي لاڙن جو سنڌي ادب بہ اثر قبول ڪيو اھي. ان کان سواءِ ”قومپرستي“، ”مقاميت نگاري“، ”سماجي حقيقت نگاري“، ”علامت نگاري“ وغيره جا لاڙا پڻ سنڌي ادب ۾ ڏسي سگهجن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.