غزل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پورٽريٽ ۾ امير خسرو مجلس عشاق ۾ ويٺل

غزل(انگريزي: Ghazal)مختيار احمد ملاح لکي ٿو تہ غزل، بنيادي طرح عربي زبان جو لفظ اھي، جنھن جي لغوي معنيٰ اھي ’عورت سان ڪلام ڪرڻ يا عشق محبت ونڊڻ‘. ڪن محققن جو رايو آهي ته غزل فارسي لفظ غزال مان ورتل آهي جنهن جي معنى هرڻي آهي. هرڻ جي ڇال جي نسبت غزل جي هر شعر جي الڳ موضوع تحت ملائي وئي.[1] اصطلاحي زبان ۾ ائين چئجي، تھ ”غزل ۾ عشق محبت جو راز سمايل ٿئي ٿو. يعني عورت جي حسن ۽ نزاڪت، سينگار، جوڙ ۽ جنسار جي چٽيءَ طرح واکاڻ ٿيل ھوندي اھي.عربي قصيدي ۾ ”غزل“ شروعاتي حصو ھوندو ھو، جنھن کي ”تمھيد“ يا ”تشبيب“ چئبو ھو. قصيدي ۾ ساراھجندڙ شخص جي ثنا شروع ڪرڻ کان اک شاعر ڪي اھڙيون ڳالھيون ڪندو ھو، جن جو انداز عاشقاڻو ھوندو ھو. عربيءَ جي اثر ھيٺ، ايراني شاعريءَ ۾ بھ قصيدن جي روايت ائي ۽ انھن جي ”تشبيب“ ۾ بھ عشق، حسن، شباب جو ذڪر ھوندو ھو.ايران ۾ فارسي شاعر رودڪيءَ (941ع-880ع)، قصيدي جي شروعاتي حصي يعني تشبيب کي الڳ ڪري ان جو نالو ”غزل“ ۽ ائين شاعريءَ جي ھڪ نئين صنک رائج ٿي. تنھن کان پوءِ غزل گوئيءَ جو ھڪ سلسلو شروع ٿيو. جيڪو اڄ تائين ڪيترين ئي ٻولين ۾ جاري اھي.اھستي اھستي، عشقيھ مضمون سان گڏوگڏ اخلاق، فلسفي، تصوف، سياسيات ۽ سماجيات وغيره جا خارجي موضوع پڻ غزل ۾ اچڻ لکا. سنڌي شاعريءَ جي ھن صنف ’غزل‘ ۾ نمايان تبديلي آندي وئي اھي، جنهن ۾ ڪيترا مختلف موضوع شامل ٿيا اھن، جن ۾ جذبات جي کراوانيءَ ۽ تخيل کي خاص جاءِ حاصل اھي. انھيءَ جدت ۽ انفراديت، غزل کي سخن جي سانچي ۾، حقيقي معيار بخشيو اھي. صنف کي نه صرف ’عروضي قالب‘ ۾ پر ماترڪ ڇندن ۾ به لکيو وڃي ٿو. غزل جو هر بيت ٻن سٽن جو ھوندو اھي. جنھن ۾ مڪمل مضمون ھوندو اھي. پھرين بيت جون ٻئي مصرعون ھم قافيه ھونديون اھن. ان شعر کي ’مطلع‘ چئبو آهي. باقي ٻين بيتن جون پويون مصرعون پھرين بيت سان ھم قاکيھ ھونديون اھن. آخر ۾ ’مقطع‘ هوندو آهي، جنهن ۾ شاعر جو ’تخلص‘ ڪم ايندو آهي، غزل جي هر شعر ۾ جدا موضوع هوندو آهي. غزل ۾ پنجن کان گھٽ ۽ سترھن کان مٿي بيت نه هوندا هئا، پر هاڻي 100 ۽ ان کان مٿي بند لکيا ويا آهن، اهڙن شاعرن ۾ اردوءَ جا ناصر ڪاظمي، سنڌيءَ جا وفا ناٿن شاهي، ج. ع. منگهاڻي ۽ سعيد سومرو شامل آهن. [2] ڊاڪٽر اسد جمال پلي مطابق غزل عربي صنف آهي، قصيدي جي محدود بندن مان ٺهيو آهي، عروض جي ماهرن غزل لاءِ وڌ ۾ وڌ ٻارهن بند مقرر ڪيا آهن. غزل جي لغوي معنى آهن: عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ، عورتن جون ڳالهيون ڪرڻ يا عورتن جي زبان ۾ ڳالهيون ڪرڻ. ڪن محققن ’غزل‘ کي ”غزالا“ (هرڻيءَ جي ڇال) سان به منسوب ڪيوآهي، جنهن جو مطلب شاعر جو مختلف بندن ۾ هڪ خيال کان ٻئي خيال ڏانهن ڇال آهي. قدامت جي لحاظ کان چون ٿا ته ’توريت‘ ۽ ’زبور‘ جي ڪن حصن ۾ به موزون غزل موجود آهن. عربي مان غزل فارسي ۾ مروج ٿيو، جتان سنڌي ٻوليءَ ۾ آيو.[3] اُردوءَ جي محقق ڪيلم الدين احمد غزل کي ’نيم وحشي صنف‘ ڪوٺيو آهي. لڳ ڀڳ ساڳي ڪيفيت مولانا غلام محمد ”گرامي“، ”وفا“ پلي جي ڪلام تي تبصرو ڪندي ٽماهي ”مهراڻ“ جي ”شاعر نمبر“ (1969ع) ۾ ”خمريات“ جي دائري ۾ چئي آهي.[4]

سنڌي غزل[سنواريو]

ڊاڪٽر اسد جمال پلي لکي ٿو تہ:سنڌيءَ ۾ غزل ايران مان آيو، انهيءَ ڪري مٿس فارسي غزل جو اثر باقاعده غالب آهي. سنڌيءَ ۾ غزل نه صرف صنف جي حيثيت سان آيو، بلڪ مضمونن جا سڀيئي سوڻ ساٺ به پاڻ سان گڏ کڻي آيو. ايران سان ثقافتي تعلقات ۽ فارسي جو تمام گهڻو عرصو سنڌ جي سرڪاري زبان رهڻ، اُنهيءَ جا خاص سبب آهن، جڏهن سنڌيءَ ۾ غزل لکجڻ شروع ٿيو، تڏهن نه صرف اُن وقت سرڪاري زبان فارسي هئي، بلڪ سنڌ۾ پهريائين فارسي غزل آيو. سنڌ جي درٻارن ۾ فارسي غزل عام طرح سان ليو ۽ پڙهيو ويو. سنڌيءَ جي شاعرن فارسي غزل لکڻ شروع ڪيو. فارسي غزل جا سنڌي شاعرن ديوان مڪمل ڪيا. سنڌ۾ فارسي اخبارن، خاص طرح ”مطلع الخورشيد“، ”اِڪليل“ ۽ ”مفرح القلوب“ فارسي غزل کي شايع ڪري عام ڪيو.[5] فارسي غزل جا مشاعرا منعقد ڪيا ويا. هنن مشاعرن ۾ شاعرن کي اهو احساس ٿيو ته جيڪي ڳالهيون فارسي غزل ۾ آهن، اُهي سنڌي عوام تائين ”سنڌي غزل“ جي شڪل ۾ پهچائجن. اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ غزل لکيو ويو، جيڪو نه صرف فارسي زبان جي اثر هيٺ لکيو ويو. مگر مڪمل ايراني تهذيب ۽ تاريخ جي اثر هيٺ لکيو ويو، جنهن ۾ فارسي ادب جي عشقيه داستانن جهڙوڪ وامق عذرا، شيرين فرهاد، يوسف زليخا ۽ ليلى مجنون کان وٺي ايراني بهادرن جو ذڪر به خوب ٿيو. فارسي محاورا، تشبيهون ۽ فارسي غزل جو مزاج ۽ موضوع خاص طرح گل و بلبل، ساغر و مينا، بهار و خزان، شمع و پروانه، پيرِ مغان، محتسب، زاهد و ناصح، صنم خانه ۽ رقيب جي تصور کان وٺي آه و فغان جا به فارسي انداز سنڌي غزل ۾ گونجيا، عشقيه بيانن ۾ محبوب جي ثنا ۽ ساراهه، حسن جي مدح سرائي، محبوب جو قد، زلف، رخ، رخسار، خال خَط، دهن و لب، مزگان ۽ چاده غبغب به فارسي طرح سان شامل ٿيا. اڳتي هلي ”سنڌي غزل“ لکيو ويو، اُن جا مشاعرا ٿيا. ديوان لکيا ويا ۽ سڀيئي عروض جا ساڳيا قاعدا ۽ قانون سنڌي غزل سان لاڳو رکيا ويا ۽ اهڙي طرح سنڌي غزل سرجي وڏو ٿيو. غزل کان علاوه ٻيون به صنفون فارسي مان سنڌيءَ ۾ آيون. مگر غزل خاص طرح استاد شاعرن جي توجهه جومرڪز رهيو ۽ اُن جي قاعدن ۽ قانونن جو خاص خيال رکيو ويو، جنهن ڪري سنڌي غزل اڄ تائين به پنهنجي اصلي حسب نسب (فارسي غزل) کي وساري ڪو نه سگهيو آهي.[6] سنڌي ۾ ”غزل“ تمام گهڻو لکيو ويو آهي. غزلن جا مجموعا، ڪليات ۽ ديوان لکيا ۽ ڇپيا واي. آهستي آهستي ”ديوان“ به غزل لاءِ غزل جي خاص ”الف – ب وار“ ترتيب لاءِ مخصوص ٿي ويو. شروع ۾ ديوان ۾ ٻيون به صنفون ڏبيون هيون ۽ ترتيب جي به پابندي ڪانه هئي، پر بعد ۾ اُن جي هڪ مخصوص حيثيت ٺهي ويئي ۽ مشاعرن خواه ادبي محفلن ۾ صاحبِ ديوان شاعر جي هڪ خاص عزت، احترام ۽ اُستادانه حيثيت قائم ٿي.[7] وقت سان گڏ غزل جي موضعن ۾ تبديلي ۽ وسعت آئي ۽ فلسفي ۽ تصوف کان وٺي جديد سائنسي موضوعن تائين غزل کي سينگاريو ۽ سنواريو ويو.فارسيءَ کي ڇڏي منجهس ٻين ٻولين جا لفظ خاص طور هندي ۽ انگريزي زبانن جا مروج خواه غير مروج لفظ آندا ويا. ”بندن“ جي پابندي به ٽوڙي ويئي، عروض جي قاعدن ۽ قانونن کي پُٺ ڏني وئي. رديف ۽ قافين جي پابندي جو خيال نه ڪيو ويو، جنهن سبب غزل جي اصلي صورت متاثر ٿي. مگر هيءَ جدت ۽ نواڻ گهڻو وقت قائم رهي نه سگهي ۽ آهستي آهستي اُستاد شاعرن خواه غزل جي دنيا ۾ لاقانونيت پيدا ڪندڙن محسوس ڪيو ته غزل جي سونهن ۽ وصف سخت متاثر ٿي آهي ته ”غزل“ وري پنهنجي فني حدنڏانهن موٽ کاڌي آهي. البته موضوع ۽ زبان طرف ڪابه روڪ رڪاوٽ نه آئي آهي، پر غزل پنهنجي تغزل ۾ ئي ٺهي ٿو.[8] سنڌي غزل ۾ پهريون ”ديوان“ جڏهن آخوند گل محمد ”گل، مڪمل ڪيو ته ازخود نج سنڌي لفظ سنڌي غزل جي مجبوري بنيا. اُنهن لفظڻ شروع ۾ غزل جي غنائيت کي ضرور متاثر ڪيو، مگر اِهو ديرينه مطالبو پورو ٿيو ته غزل ۾ نج سنڌي لفظ استعمال ڪيا وڃن.[9] آخوند گل محمد ”گل“ جي هن ابتدائي ڪوشش کي بعد جي صاحبِ ديوان ۽ استاد شاعرن وڌيڪ مشق ڪري پنهنجي فن ۽ خيال سان آسان ۽ عام فهم بنائي ڇڏيو، جنهن ۾ خاص طرح مولانا حاجي احمد ملاح (”ديوانِ احمد“)، مخدوم محمد زمان طالب المولى (”ديوانِ طالب المولى“) ۽ معمور يوسفاڻي (”ديوان معمور“) جون ڪوششون واضح مثال آهن. اِنهن ديوانن جي تسلسل ۾ اِنهن کان به آڳاٽو هڪ وڏو اهم، معتبر ۽ نهايت سگهارو نالو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو آهي، جنهن جو ”ديوانِ قليچ“ غزل جي شاعرن لاءِ هڪ ”مستند نصاب“ جي حيثيت رکي ٿو. مرزا قليچ بيگ جي شخصيت ۽ سندس فن جي تعارف ادبي حلقن کان ڳجهو ڪونهي.[10][11][12]

حوالا[سنواريو]

  1. پانڌي ۽ پروڙ. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16675&BookTitle=Pandhi-Paroer. 
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. {ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون__ ”ديوانِ قليچ“: ٻولي ۽ فن جو شاهڪار_ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  4. {ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون__ ”ديوانِ قليچ“: ٻولي ۽ فن جو شاهڪار_ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  5. {ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون__ ”ديوانِ قليچ“: ٻولي ۽ فن جو شاهڪار_ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  6. {ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون__ ”ديوانِ قليچ“: ٻولي ۽ فن جو شاهڪار_ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  7. {ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون__ ”ديوانِ قليچ“: ٻولي ۽ فن جو شاهڪار_ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  8. {ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون__ ”ديوانِ قليچ“: ٻولي ۽ فن جو شاهڪار_ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  9. {ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون__ ”ديوانِ قليچ“: ٻولي ۽ فن جو شاهڪار_ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  10. {ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مضمون__ ”ديوانِ قليچ“: ٻولي ۽ فن جو شاهڪار_ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  11. "سنڌي غزل جي اوسر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-18. 
  12. "غزل ۾ جديد لاڙا". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-07-18.