ادب

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ادب (Literature) عربي ٻولي جو لفظ آھي ۽ مختلف النوع مفھوم جو حامل آھي۔ ظھور اسلام کان اڳ عربي ٻولي ۾ ضيافت ۽ مھماني جي معنائن ۾ استعمال ٿيندو ھو۔ پوءِ ھڪ ٻيو مفھوم به شامل ٿيو، جنھن کي اسان گڏيل لحاظ سان شائستگي چئي سگھون ٿا۔ عربن جي ويجھو مھمان نوازي لازمي شرافت سمجھي ويندي آھي، جنھن ڪري شائستگي ، سليقو ۽ حسن سلوڪ به ادب جي معنائن ۾ داخل ٿيا۔ جيڪو مھمان داري ۾ شائستہ ھوندو اھو عام زندگي ۾ به شائستہ ھوندو ان سان ادب جي لفظ ۾ شائستگي به اچي وئي ۔ ھن ۾ خوش بياني به شامل آھي۔ اسلام کان اڳ خوش بياني کي اعلٰي ادب چيو ويندو ھو۔ گھلاوٽ ، گداز ، نرمي ۽ شائستگي ھي سڀ شيون ادب جو جزو بڻجي ويون۔ بنو اميہ جي زماني ۾ بصرَي ۽ ڪوفَي ۾ زبان جو تحريري سرمايي کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيو۔ ان ئي زماني ۾ گرامر ۽ صرف و نحو جا ڪتاب لکيا ويا تہ جيئن ادب ۾ اندازبيان جي  صحت قائم رھي۔ جديد دور ۾ ادب جي معنيٰ مخصوص قرار ڏني وئي ۔ ادب جي لاءِ ضروري آھي تہ ھن ۾ تخيل ۽ جذبا ھجن نه ته ھر تحريري ڪارنامو ادب چورائي سگھي ٿو۔

ادب

تخليق جي خواھش انسان جي فطرت آھي. ھن ئي جبلي خواھش سان آرٽ پيدا ٿئي ٿو۔ آرٽ ۽ ٻين علمن ۾ اھو ئي فرق آھي تہ ھن ۾ ڪائي مادي نفع مقصد نہ ھوندو آھي۔ ھي بي غرض مسرت آھي۔ ادب آرٽ جي ھڪ شاخ آھي جنھن کي "فنِ لطيف" به چئي سگھجي ٿو۔ ميٿيو آرنلڊ جي ويجھو اھو سڀ علم جيڪو ڪتاب جي ذريعي اسان تائين پھتو آھِ، ادب چورائي ٿو۔ ڪارڊ ڊينيل نيومين چوي ٿو "انساني فڪرن ، خيالن ۽ احساسن جو اظھار زبان ۽ لفظن جي ذريعي ادب چورائي ٿو"۔ نارمن جودڪ چوي ٿو تہ "ادب مراد آھي ان تمام خيالن ۽ احساسن جي سرمائي مان جيڪي تحرير ۾ اچي چڪو آھي ۽ جنھن کي ھن طرح ترتيب ڏنو ويو آھي تہ پڙھڻ واري کي مسرت حاصل ٿئي ٿي۔" مطلب ته انساني تجربن جي جمالياتي اظهار کي ادب چيو وڃي ٿو.