آتم ڪهاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مصور فلپ ڊي شيمپين جو سترھين صدي عيسويءَ ۾ ٺاھيل سينٽ آگسٽائين جو پورٽريٽ جنھن ڪنفيشنس نالي آتم ڪهاڻي پنجين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ لکي جيڪا يورپ ۾ لکيل پھرين آتم ڪهاڻي ھئي.


آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي(انگريزي: Autobiography) اردو ۾ خودنوشت ، عربي ۾ سيرة ذاتيه ، فارسي ۾ خودزندگي نامه يا خويش نامہ[1] يا حسب حال[1] يا سرگذشت خود[2] چون ٿا. اھا ليکڪ جي پنهنجي لکيل سوانح/جيونيءَ (حياتيءَ جي احوال) کي آتم ڪٿا يا ”آتم ڪهاڻي“ چئبو آهي[3]. آتم ڪٿا جو ليکڪ جيئن تہ خود لکندڙ ئي هوندو آهي، ان ڪري اها جيوني/سوانح وڌيڪ سچي ۽ اعتبار جوڳي ٿئي ٿي[3]. آتم ڪٿا لکڻ جا ٻہ مقصد ٿي سگهن ٿا: ليکڪ جي من ۾ ماضيءَ جي يادگيرين کي ٻيهر زنده جاويد ڪرڻ جو موقعو. آتم ڪٿا لکڻ جو ٻيو مقصد آهي تہ ليکڪ جي زندگيءَ جي آزمودن مان ٻيا بہ فيض حاصل ڪن[3]. ڪنهن بہ شخص جي پنهنجي متعلق لکيل حياتيءَ جي احوال يا سوانح عمري کي، آتم ڪهاڻي سڏبو آهي. انگريزي لفظ آٽوبايوگرافي يوناني لفظن آٽوس (αὐτός)، بايوس (βίος) ۽ گرافين (γράφειν) مان نڪتل آهي. آٽوز جي معني آهي خود يا پاڻ، بايوس جي معني آهي زندگي ۽ گرافين جي معني آهي لکڻ. اھڙي طرح آٽوبايوگرافي جي معنيَ آھي پنھنجي زندگي جو پاڻ لکيل احوال . لفظ آٽوبايوگرافي جو استعمال سڀ کان اول 1797 ۾ وليم ٽيلر لنڊن جي انگريزي جي ھڪ ماھوار رسالي ۾ ڪيو. [4] [5]يادگيريون (انگريزي: Memoir) درحقيقت آتم ڪٿا جي گھڻو ويجھو آھي پر پاسڪل جي راء مطابق يادگيرين ۾ ڌيان جو مرڪز لکندڙ جي پنھنجي زندگي بدران ان جي زندگي واري وقت ۾ ايندڙ ٻيا ھوندا آھن[6]. آتم ڪھاڻي ۾ ذاتي زندگي ۾ ادا ڪيل ڪردار جا تفصيل ، ذاتي ڊائرين جو احوال ۽ پنھنجي زندگي متعلق اعتراف شامل ھوندا آھن[7]. اعترافن ۾ زندگي ۾ ڪيل غلطين جو ذڪر ھوندو آھي[8][9] [10] . ليکڪ جي زندگي جو پاڻ لکيل اھو احوال جيڪو ظاھري ۽ معنوي لحاظ کان سچو ھجي يا ٻين لفظن ۾ اھڙو ذڪر جيڪو خيالي نہ ھجي. ان کي لکڻ جا مختلف طريقا ھوندا آھن. ان جي لکڻ جو ڪو ٺوس مجرد تصور ناھي ھوندو پر اھا بيانن سان ڀريل اھڙي غير واضح دائري ۾ اچي ٿي جيڪو ان ( آتم ڪھاڻي ) ۽ ڪھاڻي جي وچ ۾ آهي[1].آتم ڪهاڻي ادب جو ھڪ اھڙو قسم آھي جنھن ۾ ليکڪ نہ رڳو پنھنجي زندگي پر ان سان گڏ انھن ماڻھن ، جاين، خيالن ۽ واقعن جو بہ ذڪر ڪندو آھي جن کان اھو متاثر ٿيل ھوندو آھي[11].

اسلامي دنيا وارو ادب[سنواريو]

ويھين صديءَ کان اڳ اسلامي دنيا ۾ آتم ڪهاڻي وارو ادب وڏي پيماني تي ٽن ٻولين ۾ لکيو ويو جن ۾ عربي، فارسي ۽ ترڪي ٻولي شامل آھن[11]. مسلمانن ۾ آتم ڪٿائن لکڻ جي شروعات نائين صدي عيسويءَ ۾ مؤرخن، صوفي بزرگن ۽ سرڪاري عملدارن لکي ڪئي ۽ بعد ۾ مذھبي عالمن، فقيھن، طبيبن، سائنسدانن، حاڪمن، فوجين ۽ اسلام ۾ شامل ٿيندڙن پڻ لکڻ شروع ڪيون[11]. اسلام کان اڳ جون آتم ڪٿائن جا فارسي ۽ يوناني مان عربي ۾ ترجما ڪيا ويا هئا ۽ ٿي سگھي ٿو ته انھن مان متاثر ٿي ڪري ان جي شروعات ٿي ھجي پر گھڻي ڀاڱي آتم ڪھاڻي جي شروعات تي محمد صہ جي سيرت جو اثر ھيو جنھن جي زندگي مسلمانن جي لاء شاھڪار نمونو ھئي[11]. مسلمانن جون مشھور آتم ڪٿائن ۾ ابو حامد الغزالي (وفات 1111)، رزبھان باقلي (وفات 1209)، ابن العربي (وفات 1240),شاھ ولي الله (وفات 1762 )، ان سينا (وفات 1036)، شامي جنگي شاعر اسامه ابن منقض (وفات 1188)، ابن خلدون (وفات 1406), ظھيرالدين بابر (وفات 1530) جون آتم ڪٿائون مشھور آھن[11].

سنڌي ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جو مختصر احوال[سنواريو]

سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي آتم ڪٿائون لکيون ويون آهن، جيئن مرزا قليچ بيگ جي ”سائو پن ڪارو پنو“ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جي ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“، جي ايم سيد جي ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني“، شيخ اياز جي ”ڪٿي بہ نہ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (چار جلد)، موهن ڪلپنا جي ”بک، ادب ۽ عشق“، لڇمڻ ڪومل جي ”وهي کاتي جا پنا“[3]. سنڌي ٻوليءَ ۾ جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو، تن جو ڪجهه تفصيل هن طرح آهي:

  • مرزا قليچ بيگ ”سائو پن، ڪارو پنو“،
  • علامہ ڊاڪٽر دائودپوٽو ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“
  • جي. ايم سيد ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ (ٻه جلد ڇپيل، ڪل 5 جلد لکيل)
  • شيخ اياز “ڪٿي نہ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (4 جلد) ۽ ”جڳ مڙوئي سپنو“
  • رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ”ڪيئي ڪتاب“ (ٻه جلد)
  • هري دلگير ”چولو منهنجو چِڪ ۾“ ۽ ”گند جنين جي گوڏ ۾“
  • پوپٽي هيراننداڻي ”منهنجي جيون جا سونا روپا ورق“
  • موتي لال جوتواڻي ”آتم ڪٿا جي نالي ۾“
  • هري موٽواڻي ”آخري پنا“
  • ڪيرت ٻاٻاڻي ”ڪجھ لڪايم، ڪجھ ٻڌايم“ (4 جلد)
  • گوبند مالهي ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، (5 جلد)
  • نارائڻ داس ملڪاني ”نرالي زندگي“
  • ريٽا شهاڻي ”ٻپهريءَ جا ٻہ پل“جيڪو سندس ٻن آتم ڪٿائي ڪتابن ”گهنڊ ڄاڻ وڳو ۽ ٻپهريءَ جا ٻہ پل“ جو گڏيل ڪتاب آهي.
  • نارائڻ ڀارتي ”سرءُ جا پن“
  • موهن ڪلپنا ”بک، عشق، ادب“
  • رام پنجواڻي ”يادگيريون“ ارجن سڪايل“ غفائن جي ياترا“
  • ٻلديو گاجرا“زندگيءَ جا ورق“
  • محمد اسماعيل عرساڻي“ سکر سيئي ڏينهن“
  • لعل بن يوسف ”منهنجي پنهنجي ڪهاڻي“
  • الهبچايو مرڻاس“ سورن سانڍياس“
  • جمال ابڙو ’ڪٿا‘ جي عنوان هيٺ پنج جلد الڳ الڳ نالن سان: ”ڏسي ڏوھ اکين سين“، ”اونهي ڳالھ اسرار جي“ “ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، ”ايندو نہ وري هي وڻجارو“ ۽ ”مر پيا مِينهن وسن“
  • محمد صديق مسافر ”منازل مسافر بمع ڪليات مسافر“
  • آپا شمس عباسي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“
  • غلام فاطمه شيخ، ”شيخياڻي جي ڪهاڻي“
  • نائون مل هوتچند ڀوڄواڻي“نائون مل جون يادگيريون“، (انگريزيءَ مان ترجمو)
  • قاضي فيض محمد ”منهنجو سفر“
  • ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ”ادبي زندگي“
  • لعل پشپ ”آتم جيوني“، ”حياتين جا حصا“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻل“، ”الهاس نگر واسي“، ”ٽہ مورتي“ (5 جلد)
  • هولا رام هنس ”آتم ڪٿا هڪ اديب جي“
  • عالي شاهه (بدين) ”منهنجي ماضيءَ جا ورق“
  • عبدالجبار جوڻيجو ”ملهار“ ۽ ”مجاز“ (ٻہ جلد)
  • ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ”ڪيم روح رهاڻ“
  • عبدالحميد قريشي ”يادِ ايام“
  • عبدالغفور الستي “ٻنڌڻ ٻاروچن جا“
  • چترو ناگپال“جيون جهلڪيون“
  • لڇمڻ ڪومل ”وهي کاتي جا پنا“(ٻہ جلد ڇپيل)
  • پروانو سيوهاڻي ”منهنجو ننڍپڻ“
  • عزيز ڀنگوار ”مان ڏوهي آهيان“
  • عبدالله چنا ”پنهنجي ڳالھ“
  • ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”گهڙيون گهاريم جن سين“
  • تاجل بيوس “ڏکيا سکيا ڏينهڙا“ (3 جلد)
  • شبنم گل ”منهنجو سورج مکي“
  • سوز هالائي ”ڪويءَ جي ڪٿا“
  • گڻيش ٻالاڻيءَ جو ”منهنجي ڪهاڻي، ڪجھ نئين ڪجهه پراڻي“
  • سرڪش سنڌيءَ جي ”جوڻيون جڳ جهان جون“
  • ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جي ”ادبي زندگي“
  • مخدوم طالب الموليٰ ”منهنجو ننڍپڻ“
  • غفار تبسم جو ”سيئي جوڀن ڏينهن“ (هڪ جلد).

ان کان سواء اِيم. ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا “جگ بيتي آپ بيتي“ بہ سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي. جيڪا سندس انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ترجمو مشهور آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاھ بخاريءَ ڪيو آهي.
ان کان سواءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي آتم ڪهاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو ”پورب ڄائي“ جي نالي سان مراد علي مرزا جو پڻ ڇپيل آهي.[12]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 محمد جعفر یاحقی، «ادبیات فارسی معاصر در خارج از ایران»، شورای گسترش زبان و ادبیات فارسی بازیابی‌شده در تاریخ ۲۱ اسفند ۱۳۸۸.-
  2. فرهنگ واژه‌های مصوب فرهنگستان. تهران: انتشارات فرهنگستان زبان و ادب فارسی. شابک ۹۶۴-۷۵۳۱-۳۱-۱ (ذیل سرواژهٔ سرگذشت خود)-
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ. -
  4. "autobiography", Oxford English Dictionary
  5. Pascal, Roy (1960). Design and Truth in Autobiography. Cambridge: Harvard University Press. 
  6. Pascal, Roy (1960). Design and Truth in Autobiography. Cambridge: Harvard University Press.
  7. الغامدي، صالح (2013). [ص12،ص16 كتابة الذات/دراسات في السيرة الذاتية] تحقق من قيمة |url= (مساعدة). المركز الثقافي العربي. اطلع عليه بتاريخ 2019/3/9.
  8. Wood، Michael (1971). Stendhal. Ithaca, NY: Cornell University Press. صفحة 97. ISBN 978-0801491245.
  9. ^ Pascal، Roy (1960). Design and Truth in Autobiography. كامبريدج (ماساتشوستس): دار نشر جامعة هارفارد.
  10. Pascal، Roy (1960). Design and Truth in Autobiography. كامبريدج (ماساتشوستس): دار نشر جامعة هارفارد. ^ Chadwick، Henry. Confessions. Oxford University Press. صفحات 4 (ix). ISBN 9780199537822.
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 11.4 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 75-76,
  12. آتم ڪهاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)