منگهارام ملڪاڻي
منگهارام ملڪاڻي Mangharam Malkani | |
---|---|
پيدائش | منگهارام ملڪاڻي ڊسمبر 14 1896 حيدرآباد، سنڌ، برطانوي هندستان |
وفات | 1 ڊسمبر 1980 (عمر 83 سال) پوني ڀارت |
قلمي نالو | منگهارام ملڪاڻي |
ڌنڌو | پروفيسر، محقق، مورخ، ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار |
ٻولي | سنڌي |
قوميت | هندستاني |
تعليم | بي اي، ايم اي |
صنف | مضمون ، مقالا، ناول، ناٽڪ |
موضوع | ادب، ادبي تاريخ |
مُکيه ڪم | سنڌي نثر جي تاريخ |
منگهارام ملڪاڻي (انگريزي ٻولي: Mangharam Malkani) (جنم:14 ڊسمبر 1896ع- وفات 1ڊسمبر 1980ع) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو اديب ۽ نثر نويس هو.[1]
سوانح
[سنواريو]منگهارام ملڪاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ اُڌارام شيوڪرام ملڪاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. منگهارام جو والد هڪ عامل زميندار هو. هن جو پيءُ ۽ ڏاڏو، ٻئي روشن دماغ، آزاد خيال ۽ فراخدل انسان هئا. سندس ڏاڏي نه رڳو پُٽن کي، پر پنهنجي ٻن نياڻين کي به پڙهايو هو. چيو وڃي ٿو ته اهي پهريون ٻه سنڌي ڇوڪريون هيون، جن انگريزي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو. منگهارام شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي، جتي کيس ٻه نهايت لائق ۽ قابل استاد غلام علي نانا. جيڪو ٻيون درجو پاڙهيندو هوس ۽ ٻيو استاد آئل مل ٿڌاڻي، مليا جنهن وٽ هو چوٿون ۽ ڇهون درجو پڙهيو هو. پهرين ءَ استاد منجهس انگريزي ٻولي ۽ انگريزي ادب لاءِ چاهه جاڳايو ته ٻئي استاد وٽان آکاڻيون ٻڌي ۽ گهڻا ناول وٺي پڙهيو ۽ ڪتاب لکڻ به سکيو.[2]
سماجي ۽ ادبي ڪم
[سنواريو]منگهارام ملڪاڻي 1919ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ والد جي چوڻ تي اچي زمينداري سنڀالي. اها زمينداري چار پنج سال هليس. هو ترقي پسند خيالن وارو هو، جنهنڪري هن هارين نارين جي حقن جو خيال رکيو ۽ جيئن هن پنهنجي لکيل ننڍي ناٽڪ بٽئي ۾ لکيو آهي. ان ۾ هارين جي سجاڳيءَ سندن حقن جي حمايت چٽيل آهي. ان دوران کيس نويڪلائي ۾ قدرتي نظارن جي وچ ۾ ادب لکڻ ۽ پڙهڻ جي ججهي فرصت به ملي. خاص ڪري شاهه لطيف ۽ ٽئگور جو سٺو اڀياس ڪيائين. ان وقت هن شاهه لطيف جي هڪ سئو بيتن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ۽ مرزا قليچ بيگ کي نظرثانيءَ جي لاءِ ڏنائين. جيتوڻيڪ اهي بيت ڪتابي صورت ۾ نه ڇپيا، پر ڪي بيت انگريزي رسالن ۾ ڇپيا. پاڻ جيڪو ٻيو ترجمو ڪيائين اهو ٽئگور جي ڪتاب ”گارڊنر“ جي ڪن گيتن جو ترجمو هو،جيڪي ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ 1922ع ۾ ڇپيا. اڳتي هلي انهيءَ ڪتاب جو سڄو ترجمو ڪيائين. ان بابت پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو. ”گريجوئيٽ ٿيڻ بعد جو چار پنج سال پتا جي زمينداريءَ تي وڃي قيدي ٿيس، ان اڪيلائي ۾ ”گارڊنر“ جا پريمي گيت مون لاءِ سُندر محبت جو ڪم ڏيندا هئا. گارڊنر کي آئون پنهنجي گيتا ڪري سمجهندو هئس ۽ انهيءَ ڪيفيت هيٺ ئي مون ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”پريت جا گيت“ نالي سان ڪيو. “ انهي ترجمي واري ڪتاب جو مهاڳ ڪاڪيڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لکيو هو. انهيءَ ۾ هو ترجمي ۽ ٻولي جي پرک ڪندي لکي ٿو: ”سندس (ٽئگور جي) شاعراڻن خيالن کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ ۾ ڪم ٿو کپي. مسٽر ملڪاڻي کي انهيءَ ڪري جس آهي جو اصلوڪا خيال قائم رکيا اٿس ۽ منجهس ڪا مروٽ سروٽ ڪانه ڪئي اٿس. ٻولي جيڪا ڪم آندي اٿس، سا به وري بابوءَ جي شاعراڻي نموني جي آهي. جنهن کي ڀلي ته ڪو نظم يا نثري ٻنهي جو جوڙميل ڪوٺي.“ اهو ترجمو هن نظماڻي نثر ۾ ڪيو هو. انهي ئي عرصي دوران هن نامياري انگريز ناول نويس رينالڊ جو ننڍو ناول ”گم ٿيل صندو ڦڙي“ جي نالي سان ترجمو ڪري ڇپايو. ائين پروفيسر ترجمن جي صورت ۾ ادب ۾ وک رکي.[3]
ناٽڪ
[سنواريو]ان زمينداري جي دور ۾ هو اسٽيج جو سٺو ڪلاڪار پڻ ٿي اُڀريو. 1920ع ۾ هن، جديد سنڌي وڏي ناٽڪ جي باني خانچند درياڻيءَ سان گڏجي ”ڏيتي ليتي ڪاميٽي“ ٺاهي ان طرفان پيش ٿيندڙ ناٽڪن ”گلاب جو گل“ ۽ ”موتئي جي مکڙي“ ۾ ڪردار ادا ڪيائين.اڳتي هلي 1923ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، لالچند امر ڏني مل، ڄيٺمل پرسرام ۽ هيرانند آڏواڻي جي ساٿ ۽ سهڪار سان ”رابند ناٿ لٽرري ۽ڊرئمٽڪ ڪلب“ برپا ڪيائين. جنهن جو مهورت ٽئگور جي هٿن سان ٿيو. اها ناٽڪ منڊلي سنڌ جي ادبي ۽ تهذيبي تاريخ ۾ هڪ حد نشان ليکجي ٿي. انهي پنهنجي پندرنهن سورنهن سالن جي عرصي ۾ .35-30 وڏا، جديد، حقيقت نگاري وارا ڳنڀير سماجي ۽ سياسي شعور وارا ناٽڪ پيش ڪري هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. انهن ناٽڪن مان ڪجهه پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جا لکيل هئا. پروفيسر ملڪاڻي انهن مان ڪيترن ۾ ادا ڪاري ڪئي ته ڪن جي هدايتڪاري ڪيائين. ائين هو جديد ناٽڪ جو باني بنجي پيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڪجهه وقت کانپوءِ زمينداري ڇڏي اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج (ڪراچي) ۾ پهرين فيلو ۽ ليڪچرار ۽ پوءِ پروفيسر ٿيو. ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ کيس پنهنجي پسند جو سبجيڪٽ ڊراما انگريزيءَ ۾ پڙهائڻ جي لاءِ مليس. انهي سان گڏ 1924ع ۾ پرنسپال صاحب سنگهه کيس ڪاليج جي ناٽڪ منڊلي وري شروع ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪا ڪن سببن جي ڪري بند ٿي ويئي هئي. منگهارام اها ٻيهر شروع ڪئي ۽ چار سال ڪاميابي سان هلائي، ڪيترائي ڪامياب ناٽڪ پيش ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ پاڻ بمبئي ۾ ’جئه هنڌ ڪاليج‘ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ٿيو ۽ 1962ع ۾ اتان رٽائر ٿيو.هن جي ننڍن ناٽڪن مان پنج ناٽڪ چونڊي 1937ع ۾ ”پنج ننڍا ناٽڪ“ ڪتاب جي صورت ۾ ۽ چار وري ٻئي مجموعي ”پنگتي پردا“ جي نالي سان 1938ع ۾ شايع ٿيا.[4][5]
تنقيد نگاري ۽ تاريخ نويسي
[سنواريو]منگهارام ملڪاڻي جديد سنڌي ناٽڪ جي ان داتا هئڻ سان گڏ هڪ برک نقاد ادبي تاريخ نويس پڻ هو. هن 1940ع واري زماني ۾ جدا جدا سنڌي رسالن ۾ نثر جي ڌار ڌار صنفن تي ڪيترائي ليک لکيا، جن ۾ انهن صنفن جي ترقي جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو ورتل هو. سندس اهڙن مضمونن جو پهريون مجموعو ”ادبي اصول“ جي نالي سان 1950ع ۾ ڇپيو، جنهن جي سٺي آجيان ڪئي ويئي.[6]
سنڌي نثر جي تاريخ
[سنواريو]پروفيسر ملڪاڻيءَ جو نثر ۾ ادبي تاريخ نويسي جو اهم ڪم ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڪتاب آهي، جيڪو 1968ع ۾ ڇپيو. ٻئي سال هن ڪتاب کي ”اڪاڊمي ايوارڊ انعام“ مليو. ادبي تاريخ جي لحاظ کان ورهاڱي تائين، سنڌي نثر جو سلسليوار ۽ تفصيلوار اتهاس هجي. ان ۾ ڪھاڻي، ناول، ناٽڪ، اسٽيج ڊرامن، مضمون ۽تنقيد جي نه رڳو تاريخ آهي، پر تحقيق به آهي، ته ڪٿي ڪٿي رچنائن جي مثالن سان تنقيدي جائزو به آهي. هن ڪتاب مان سنڌي ادب جي ڌار ڌار صنفن بابت ڏاڍي سٺي بنيادي ڄاڻ ملي ٿي. حقيقت ۾ اهو هڪئي ڪتاب سنڌي نثر جي شاهڪار هئڻ جو لاثاني ثبوت آهي.
سنڌي ساهت
[سنواريو]مٿين ڪتابن کانسواءِ سندس ٻين ادبي تاريخي ڪتابن ۾ ”سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“ ۽ ”سنڌي ساهت جي سمالوچنا“ اهم آهن.ترجمن، ناٽڪن ۽ ادبي تواريخ کانسواءِ پروفيسر منگهارام سفرنامي، يادگيرين ۽ نظاماڻي نثر تي به قلم آزمائي ڪئي، جن جا ٽي ڪتاب پڇمي ياترا (1963ع)، ساهتڪار جون سمرتيون (1979ع)، جوانيءَ جا جذبا پيري جون يادون (1975ع) ڇپيل آهن.پروفيسر مگهارام ملڪاڻي سنڌيت جي هلچل ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. انهي دوران پڻ پروفيسر ڪيترائي اصلوڪا ۽ ترجمو ڪيل ناٽڪ پيش ڪيا، جن ۾ ”قسمت“ (1972ع)جيڪو انگريزي ليکڪ بابلاڪ جي ناٽڪ جو ترجمو هو، ٻيو عبراني ليکڪ زئنگول جي ناٽڪ جو ترجمو ”ايڪتا جو آلاپ“ ۽ ٽيون اصلوڪو ناٽڪ ”کن جي خطا“ ۽ چوٿون ”انار ڪلي“ پيش ڪيائين.حقيقت هيءَ آهي ته پروفيسر منگهارام 30-1929ع واري نئين زماني جي گهرجن پٽاندر سنڌي ننڍي ناٽڪ کي حقيقت نگاري وارو جديد ائڪٽ پلي بڻايو. بقول اي جي اُتم: ”ان ۾ هاڻ سنڌي زندگي جي ترجماني هئي. سماج جا ٻرندڙ سوال ۽ ملڪ جا مسئلا پيش ڪيل هئا، جن ۾ خارجي ۽ داخلي ٻئي پاسا هئا. انهي کان اڳ وارو اڪثر سنڌي ننڍو ناٽڪ فن توڙي، خيالن جي لحاظ کان جديد نه هو. اهو گهڻو تڻو روماني ،مذهبي يا مسخري وارو نقل يا بالغ آميز فارسي يا پنگتي لٽڪو لڳندو هو. ان ۾ مشڪل سان ڪو سماج جو ڳنڀير ۽ گهرو، دل ۽ دماغ کي ڌويندڙ چتر چٽيل هو.“ اهڙي ڪوشش ۽ ڪامياب ڪوشش پهرين پروفيسر ملڪاڻي ڪئي، تنهنڪري کيس جديد سنڌي ناٽڪ جو باني چئجي ٿو. ان نسبت پروفيسر ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جا تاريخ“ ۾ ورهاڱي کان اڳ واري ننڍي ناٽڪ بابت لکي ٿو: ”آئون سمجهان ٿو ننڍي ناٽڪ جي ميدان ۾ آئون اڪيلو لکندڙ آهيان. جنهن ڳنڀير طور گهرو، پنگتي ۽ قومي مسئلن تي 20-25 ننڍا ناٽڪ جوڙي، سنڌي يڪ فصلي ناٽڪ کي سماجڪ سڌاري جو واهڻ بنايو آهي. منجهن بناوت جي قاعدن جي به پوري پوئيواري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيئن ٿوري ۾ ٿوري واقعن، نظارن ۽ ڪردارن ۽ ننڍين سڀاويڪ زبانن مان مرضي سان ڪو خاص کنيل مطلب ڇٽي اچي.“
منگهارام جا لکيل ڪتاب
[سنواريو]پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جا ادب جي مختلف صنفن تي لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: (1)گم ٿيل صندوقڙي (ناول ترجمو-1924ع)، (2)قسمت (الف ليلى ناٽڪ-ترجمو 1926ع)، (3)ايڪتا جو آلاپ (وڏو قومي ناٽڪ-ترجمو 1929ع)، (4)کن جي خطا (ناٽڪ اصلوڪو 1930ع)، (5)انار ڪلي (ناٽڪ-1930ع)، (6)پنج ننڍڙا ناٽڪ (1937ع)، (7)پنگتي پردا (ناٽڪ-1938ع)، (8)پريت جا گيت (ترجمو-1940ع)، (9)گيتا نجلي (ترجمو-1942ع)، (10)ادبي اصول (1950ع)، (11)جيون چهچٽا (ناٽڪ-1962ع)، (12)پاپ ڪين پڃ؟(ناٽڪ-1957ع)، (13)پڇمي ياترا (آمريڪا جو سفرنامو-1963ع)، (14)کڙکٻيتا پيا ٽمڪن (ناٽڪ-1967ع)، (15)سنڌي نثر جي تاريخ (1968ع)، (16)جواني جا جذبا، پيري جون يادون (نظاماڻو نثر-1975ع)، (17)آخري ڀيٽ (ناٽڪ-1975ع)، (18)سمنڊ جي گجڪار (ناٽڪ:1975ع)، (19)ساهتڪارن جون سمرتيون (يادگيريون:1979ع)، (20)ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو (1980ع) (21)ڀارت ۾ سنڌي ساهت جي سمالوچنا(1982ع).
ديهانت
[سنواريو]پروفيسر منگهارام ملڪاڻي 83 ورهين جي عمر ۾ 1ڊسمبر 1980ع تي ديهانت ڪري ويو.[7][8]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: پروفيسر منگها رام ملڪاڻي - شوڪت حسين شورو". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-09-17.
- ↑ Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: منگهارام ملڪاڻي - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-09-17.
- ↑ Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: پروفيسر منگهارام ملڪاڻي - قاسم راجپر". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-09-17.
- ↑ http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Dramas/Book3/Book_page5.html
- ↑ "شاهاڻي اسڪول ناٽڪ منڊلي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-17.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-09-17.
- ↑ سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-26
- ↑ ڪتاب:هڪ سئو سنڌي اديب, ليکڪ: يوسف سنڌي
[