مواد ڏانھن هلو

سعادت حسن منٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سعادت حسن منٽو Saadat Hasan Manto
منٽو فوٽوگراف
منٽو فوٽوگراف
اصلي نالو
سعادت حسن منٹو
ڄمڻ11 مئي 1912(1912-05-11)
سمرالا, پنجاب, برٽش انڊيا
وفات18 جنوري 1955 (عمر 42 سال)
لاهور, پنجاب, پاڪستان
قلمی نالومنٽو
پيشوناول نگار، ڊراما نويس، مضمون نگار، اسڪرين رائٽر، ڪهاڻيڪار
قوميتانڊين (1912–1948)
پاڪستاني (1948–1955)
دور1934–1955
صنفڊراما، غير افسانوي، ٽوڪبازي، اسڪرين پلي، پرسنل ڪرسپانڊنس
نمايان ڪمٽوبا ٽيڪ سنگهه (افسانو); ٺنڊا گوشت; بو; کول دو; ڪالي شلوار; هٽڪ
نمايان انعامنشان امتياز اوارڊ (آرڊر آف ايڪسيلنس) 2012 ۾ (موت بعد)
مائٽمسعود پرويز (موت. 2001)[1]
عابد حسن منٽو
عائشه جلال

سعادت حسن مَنٽو، (پيدائش- 11 مئي 1912ع، فوت- 18 جنوري 1955ع)، ليکڪ ۽ ڊراما نويس، لُڌيانيا، برٽش انڊيا ۾ پيدا ٿيو ۽ سرگرم رھيو. ھندوستان جي ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان اچي ويو.[2][3][4]

جيون ڪٿا

[سنواريو]

شروعاتي زندگي

[سنواريو]

سعادت حسن منٽو پنجاب جي ضلعي لُڌيانيا ۾ سمرالا جي ڳوٺ پاپرودي جي مسلمان وڪيل گهراڻي ۾ 11 مئي 1912ع تي پيدا ٿيو[5]. سندس ڪُٽنب وارا ڪشميري واپاري ھُيا جيڪي اوڻھين صديءَ جي شروعات ۾ امرتسر ۾ اچي آباد ٿيا ۽ قانون جو شعبو سنڀاليائون. ھن جو پيءُ خواجا غلام حسن مقامي عدالت جو سيشن جج ھُيو. سندس ماءُ جو تعلق پٺاڻ گهراڻي سان ھو، جيڪا ھن جي پيءَ جي ٻي گھرواري ھُئي[6]. نسلي طور ڪشميري ھُجڻ تي ھي فخر محسوس ڪندو ھو. پنڊت نھرو کي لکيل خط ۾ ھن لکيو ھو تہ "خوبصورت ھُجڻ بلڪل ايئن ئي آھي جيئن ڪشميري ھُجڻ."[7][8]

ذاتي زندگي

[سنواريو]

منٽو 26 اپريل 1939ع ۾ صفيہ بيگم سان شادي ڪئي[9]. سندن پھريون ٻار عارف ٻاروتڻ ۾ ئي اپريل 1941ع ۾ دھلي ۾ گُذاري ويو[10]. اُن کانپوءِ کين ٽي نياڻيون نگھت منٽو، نزھت منٽو ۽ نُصرت منٽو ٿيون.

لکڻيون

[سنواريو]

منٽو افراتفريءَ جو روزنامچو لکندو رھيو جيڪو ھندوستان جي 1947ع ۾ ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ غالب رھيو[11][12]. ھن ھندوستان جي ورھاڱي جي سخت مُخالفت ڪئي، جنھن کي ھن "بي انت سانحي" ۽ "بي حِس چريائپ" طور ڏٺو پئي[13].

ھن وڪٽر ھيوگو، آسڪر وائلڊ ۽ روسي ليکڪن جھڙوڪ چيخوو ۽ گورڪي جي ڪم کي ترجمي ڪرڻ سان پنھنجو ادبي پيشو شروع ڪيو. ھن جي پھرين ڪھاڻي "تماشا" ھُئي، جيڪا امرتسر ۾ ٿيل جليانوالا باغ واري قتل عام تي ٻَڌل ھُئي[14]. جيتوڻيڪ سندس شروعاتي ڪم سندس وقت جي ترقي پسند اديبن کان مُتاثر ٿي ڪيل ھو، جنھن ھن کي کاٻي ڌُر ۽ سوشلزم ڏانهن مائل طور ظاھر ڪيو. سندس پوءِ وارو ڪم آھستي آھستي انساني نفسيات جي اونداهين (جيئن ورھاڱي دوران انساني قدرن جي ٿيل تذليل کي) سختيءَ سان چِٽيندڙ طور ظاھر ٿيندو ويو.[15][16]

"ھڪ ليکڪ قلم فقط تڏھن ئي کڻي ٿو جڏھن ھن جي حساسيت کي ايذاءُ رَسي ٿو."[17]-- عدالت جي جج ڏانهن منٽو

حوالا

[سنواريو]
  1. Jalal, Ayesha (2013). The Pity of Partition: Manto's Life, Times, and Work across the India-Pakistan Divide. Princeton University Press. p. 216. ISBN 978-1400846689.
  2. "A writer of fierce candour". The Economist. 2012-05-14. ISSN 0013-0613. https://www.economist.com/prospero/2012/05/14/a-writer-of-fierce-candour.
  3. "So What Do We Do About Manto, Who Was Neither Indian Nor Pakistani?". The Wire. Retrieved 2021-11-15.
  4. "Dareechah-e-Nigaarish - Saadat Hasan Manto". www.dareechah.com. Retrieved 2021-11-15.
  5. "Saadat Hasan Manto" (en ۾). Wikipedia. 2021-10-15. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Saadat_Hasan_Manto&oldid=1050011637.
  6. "Saadat Hasan Manto" (en ۾). Wikipedia. 2021-10-15. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Saadat_Hasan_Manto&oldid=1050011637.
  7. Reeck, Matt; Ahmad, Aftab (2012-11-16) (en ۾). Bombay Stories. Random House India. ISBN 978-81-8400-361-1. https://books.google.co.nz/books?id=254L0WM45VYC&q=manto+kashmiri&pg=PT5&redir_esc=y.
  8. Pandita, Rahul (2017-10-29) (en ۾). Our Moon Has Blood Clots: A Memoir of a Lost Home in Kashmir. Random House India. ISBN 978-81-8400-390-1. https://books.google.co.nz/books?id=kuY1glf2n0YC&q=manto+kashmiri&pg=PT133&redir_esc=y.
  9. "Saadat Hasan Manto" (en ۾). Wikipedia. 2021-10-15. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Saadat_Hasan_Manto&oldid=1050011637.
  10. "Saadat Hasan Manto" (en ۾). Wikipedia. 2021-10-15. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Saadat_Hasan_Manto&oldid=1050011637.
  11. "Kashmir Sentinel". www.panunkashmir.org. Retrieved 2021-11-16.
  12. "Saadat Hasan Manto : A Profile by Aparna Chatterjee". web.archive.org. 2017-07-30. Retrieved 2021-11-16.
  13. "Saadat Hasan Manto: 'He anticipated where Pakistan would go'". the Guardian (in انگريزي). 2016-06-11. Retrieved 2021-11-16.
  14. "BBCHindi". www.bbc.com. Retrieved 2021-11-16.
  15. "Saadat Hasan Manto : A Profile by Aparna Chatterjee". web.archive.org. 2017-07-30. Retrieved 2021-11-16.
  16. "Mahfil, Volume 1, No. 1, 1963, Page 12 -- Mahfil/Journal of South Asian Literature -- Digital South Asia Library". dsal.uchicago.edu. Retrieved 2021-11-16.
  17. "Kashmir Sentinel". www.panunkashmir.org. Retrieved 2021-11-16.