ارتقا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چارلس ڊارون


”دريا خان سنڌي“


ٻارهن فروري ارڙھن سو نو پيدائش چارلس ڊارون

اڄ ڪنھن بہ سائنسدان کان پڇيو وڃي تہ زندگي ايتري مختلف شڪلن ۾ ڇو موجود آهي، تہ سڀني جو جواب هوندو آهي اهو ارتقائي عمل جو نتيجو آهي

ارتقاء چارلس ڊارون جي اها عظيم ٿيوري آهي جيڪا اسانکي ٻڌائيندي آهي تہ جاندار ڪيئن تبديل ٿيندا رهندا آهن

ڇا اوهان ڪڏهن زندگي جي وڻ يعني ٽري آف لائف تي غور ڪيو آهي؟ زندگي اسان جي ويجھو ڪيترين شڪلن ۾ موجود آهي؟ نوي هزار قسم جا پکي ٽي سو پنجاھ هزار قسمن جا جيت ماڪوڙا اٺاويهه هزار قسمن جون مڇيون چار پيرن جا ٻہ ملين کان وڌيڪ قسم جي زندھ جاندار جن ۾ اسان انسان صرف هڪ قسم هي تہ آهيون پر آخر ڇو ايترن گھڻن قسمن جا جاندار ڇو زندھ آهن هي سڀ ڪيئن وجود ۾ آيا هاڻي اچو ان ماڻهون ڏا هلون ٿا جنھن انھن سوالن جا جواب ڏنا

چارلس ڊارون ٻہ سو سال اڳ پيدا ٿيو هڪ سو پنجاھ سال اڳ انھن (دي اوريجن آف اسپيشيز بائي مين آف نيچرل سليڪشن) جي ذريعي فڪر انساني کي هڪ نئي راھ تي چاڙهيو هي انساني تاريخ جي هڪ عظيم پيش رفت هئي پر انجي باوجود چارلس ڊارون قبول ڪندا هئا تہ انھن جو ڪم نامڪمل آهي ڪيترن ئي سوالن جا جواب انھن وٽ بہ نہ هئا ۽ سڀ کان وڏو سوال هئو تہ ارتقاء آخر ڪيئن عمل پيرا ٿيو؟ اهوئي ڪهڙيون فزيڪل قوتون هيون جيڪي ارتقائي عمل کي ممڪن بڻائينديون آهن هي پر اسرار عمل ڪنھن ريت زندگي جي ايتري سندر ۽ وسيع رنگ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيو؟

ڊارون کي ننڍپڻ کان ئي فطرت سان پيار هئو ننڍي عمر کان باغ بھار انکي پسند هئو اسڪول ۾ اهو هڪ ڪمزور شاگرد هئو سندن جو پيءَ هڪ ڪامياب فزيشن هئا اهو ڊارون جي مستقبل جي باري ۾ پريشان هوندو هئو ڊارون کي ڊاڪٽر بڻائڻ پئي چاهيو انڪري انھن ان کي ميڊيڪل ڪاليج اماڻي ڇڏيو ان زماني ۾ آپريشن کان پھريان مريض کي بيهوش ڪرڻ جو طريقو اڃان دريافت نہ ٿيو هئو نواجون چارلس ڊارون ان طرح جو آپريشن ڏسي ڪري ميڊيڪل ڪاليج کي ڇڏي ڀڄي ويو ۽ وري ٻيھر اتي نہ آيو

اھو ڪيمبرج يونيورسٽي ويو جتي انھن پنهنجي ننڍپڻ جو شوق ٻيھر زندھ ڪيو هو نيچرل قدرتي هسٽري تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو  ان علم نباتات جيالوجي ۽ نيچرل سائنسز جي باري ۾ ڄاڻڻ شروع ڪيو ائين هو فيلڊ سائنٽسٽ ۽ نيچر قدرتي لسٽ جي طور تي مشھور ٿي ويو هو ڏکڻ آمريڪا جي ويجھو سمنڊي پاڻي جي سروي ڪندڙ ٽيم ۾ شامل ٿي ويو ان مشن جو ڪپتان هڪ پڙهيل لکيل سائنٽيفڪ ماڻھو ھئو هي پاڻ ۾ نيچرل سائنس تي ڳالھ ٻول ڪندا رهندا هئا هي مشن پنج سال تائين جاري رهيو

ارجنٽائنا جي ويجھو ڊارون کي ڪجھ اهڙن جانورن جا پنڊ پهڻ مليا جيڪي هاڻي دنيا مان ختم ٿي چڪا آهن هو انھن پنڊ پهڻ ۽ زندھ جاندارن جي ڍانچن ۾ واسطو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئو تہ گلاپاگوس نالي جزيري ڊارون کي هڪ عظيم تحفو ڏنو گلاپاگوس ۾ ٽيھ جزيرا موجود آهن اتي ڪجھ اهڙا جاندار بہ پاتا ويندا آهن جيڪي دنيا ۾ ٻئي جڳھ تي ناهين پاتا ويندا جيئن گرم پاڻي ۾ ترڻ وارا پينگوئنز ڇھ سو پاونڊ وزني ڪوميون ۽ سمنڊ ۾ ترڻ وارو وزني ليزرڊ ايگوانا

ڇويهہ سال جي ڊوارن گلاپاگوس مان جاندار جا مختلف قسم گڏ ڪندا هيا اهوئي ائين ڇو ڪري رهيا هئا اهوئي پاڻ بہ نہ ڄاڻيندا هئا اتان جي ڪومين جي چيلھ تي موجود وزني چادر هر جزيري تي مختلف شڪل ۾ هئي جزيري ۾ مختلف قسمن جا پکي بہ موجود هيا ڊارون اتان کان ڪيتريون ئي پکين جون قسمون گڏ ڪيون پنجن سالن کانپوءِ مختلف جزيرن جي کوجنا کانپوءِ ڊارون گھر واپس پھچي ويو انھن وٽ مختلف جزيرن مان گڏ ڪيل مختلف نسل جا جاندار موجود هئا جنھن کانپوءِ انھن مطالو ڪرڻ شروع ڪيو سڀ کان پھريان انھن پکين جو مشاھدو ڪيو ۽ اهوئي حيران رهجي ويا تہ مختلف جزيرن مان گڏ ڪيل سڀني قسمن جي پکين ۾ هڪ ئي قسم جو فرق موجود آهي جيئن ڪجھ پکين جي وڏي چونڀ هئي ڪجھ جي ننڍي ڪجھ جي ٿلھي ڪجھ جي سنھي ڪجھ جي گول ڪجھ جي مڙيل انھي طرح گڏوگڏ ٻيون تبديليون بہ شامل هيون جڏهن ڊارون گلاپاگوس جي ڪمين تي ڌيان ڏنو تہ هڪ جزيري جي ڪمي ٻئي جزيري جي ڪمي کان الڳ پاتي وئي اهوئي سوچڻ لڳا تہ آخر ڪار ان نتيجي تي پهتا تہ ڪنھن خاص مقام تي ڪنھن خاص وجھ سان جاندار پنھنجي پاڻ کي تبديل ڪندا آهن

انھن اندازو لڳايو تہ گلاپاگوس ۾ صرف هڪ قسم جا پکي پاتا ويندا هئا پر وقت سان گڏوگڏ اهوئي مختلف قسمن ۾ تبديل ٿي ويا مختلف جزيرن ۾ انھن جي چونڀ مختلف شڪلن ۾ ماحول جي حساب سان تبديل ٿي وئي اهو مسئلو ڪمين سان بہ ٿيو هڪ قسم جي ڪمي ڪنھن خاص جزيري تي رهڻ جي وجھ سان مختلف شڪلن ۾ تبديل ٿي وئي

ان کان اڳ آمريڪا ۾ ماڻھون سمجھندا هئا تہ جاندار هڪ خالق بڻايا آهن ۽ صحيح ٺاهيا جيڪي ڪڏهن تبديل ناهين ٿيندا ڊارون چيو تہ جيڪڏهن ائين آهي تہ خالق مختلف جزيرن تي پاتا ويندڙ پکين جي چونڀ هڪ ٻئي کان ٿوري مختلف ڇو ٺاهي؟ اهو ڊارون جو انقلاب يعني ڊارون ازم جي شروعات هئي انھن ارجنٽائن مان گڏ ڪيل پنڊ پهڻ جو مشاهدو ڪيو جيڪي جاندار ختم ٿي چڪا هئا پر انھن جي ويجھڙائي شڪل ۽ هڪجهڙائي جاندارن ۾ هاڻ بہ ڏکڻ آمريڪا ۾ موجود آهي ان مشاهدي مان ڊارون کي وڌيڪ ثبوت ملي ويا تہ جاندار تبديل ٿيندا رهندا آهن

قديم يوناني دور ۾ سائنسدان جاندارن جي ايمبريانڪ اسٽيج جو مطالعو ڪندي اچي رهيا آهن تہ ڪنھن طرح هڪ خليہ کان ايترين سندر قسمن جي جاندارن جي مختلف شڪلون ٺهي وينديون آهن هڪ خلين مان مختلف خليا ٺهي وڃڻ، پوءِ ان مان ايمبريو ٺهي وڃڻ ۽  ان مان هڪ وڏي جاندار جو بڻجي وڃڻ هڪ دلچسپ مطالعو آهي ان مطالعي مان ڊارون هڪ حيران ۾ وجھندڙ نيتجو ڪڍيو نانگ جي ايمبريو ۾ ننڍا پير هوندا آهن جيڪي بعد ۾ غائب ٿي ويا جنھن جو مطلب آهي تہ نانگ پيرن رکڻ وارن جاندارن جي ارتقائي شڪل آهي وهيل مڇي جي ڏند ناهين هوندا پر انجي ايمبريو ۾ ڏند موجود هوندا آهن جيڪي بعد ۾ گم ٿي ويندا آهن ڊارون موجب وهيل مڇي ڏند رکڻ وارن جاندارن جي ارتقائي شڪل آهي انھي طرح دلچسپ صورتحال انساني ايمبريو جي مطالعي مان بہ سامھون ايندي آهي انساني ايمبريو ۾ ڳلي جي ويجھو سلٽس سولائي سان ڏسي سگهجن ٿا سلٽس مڇين ۾ پاتا ويندا آهن جيڪي پيدائش کانپوءِ گلز بڻجي ويندا آهن جڏهن تہ انسانن ۾ هي ڪن جي اندر واري هڏي بڻجي ويندا آهن انھي طرح ڊارون هڪ دلچسپ نتجي تي پهتا تہ سڀ جاندار هڪٻئي سان واسطو رکندا آهن جيڪي ظاهر طور هڪ ٻئي کان مختلف ڏسجن ٿا حقيقتن هڪ جهڙا آهن انھي طرح جيڪڏهن اسان پنھنجي خانداني وڻ جو مطالو ڪندي پوئتي وينداسين تہ اسان مڇين تائين پھچي وينداسين

هي زندگي جي هاڻوڪي وسيع قسمن جي سڀ کان سٺي تشريح آهي

هڪ ڪامن انسسٽر مان وڏي عرصي تائين نسل در نسل جاندار بدلبا رهندا آهن انھن جي جسماني ڏانچي ۾ تبديليون اينديون آهن ڪجھ ختم ٿيندا رهيا ٻيا فطرت جو مقابلو ڪندي زندھ رهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا نتجين نيون قسمون ٺهنديون رهيون جيڪي جسماني طور تي پنھنجي خاندان کان مڪمل مختلف هيون هي اربن سالن جو سفر آهي جيڪو هاڻي بہ جاري آهي ڊارون ان عمل کي ڊسنٽي ماڊيفڪيشن جو نالو ڏنو هئو

پر هڪ مظبوط سوال هتي پيدا ٿي ٿو ڇو؟ اها ڪھڙي شي هئي جيڪا جاندارن کي تبديل ڪندي آهي ان سوال ڊارون کي گھڻو عرصو پريشان ڪيو آخر ڪار انھن هڪ عجيب مقام تي ڳولها کانپوءِ ڪامياب ٿي ويا” ڪتي جي ٻچن ۾“

ڪتي جون ڪيتريون ئي قسمون آهن جسماني طور تي ڪجھ وڏا هوندا آهن ڪجھ ننڍا ڪجھ ٿلھا ڪجھ ڊگھا، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ برطانيا ۾ هانڊي پارڪر نالي سائنسدان موجب ڪتن جي مختلف قسمن جون تبديلون واضع آهن جيڪڏهن انهيءَ طرح جي قسم نسل انساني ۾ بہ موجود هجي ها تہ انسان هڪ باربي ڊول کان وٺي وڏي هاتي جيتري مختلف قسم جي نسلن ۾ پاتو وڃي ها ڊارون موجب ڪتن جي ذريعي ڪتي جي مالڪ مختلف نسلي خصوصيتون کي مختلف ڪتن جي نسلن ۾ ظاهر ڪرائيندي اچي رهيا آهن ۽ ائين ڪتن جي نيون نسلون ٺهنديون رهيون ۽ پوءِ ڊارون سوچڻ لڳو ڇا فطرت ۾ انساني مداخلت کانسواءِ جاندار انهيءَ طرح تبديل ٿي سگهن ٿا.! هڪ ڊڳھي عرصي تائين اهو کوجيندا رهيا ۽ آخر ۾ ان نتيجي تي پهتا تہ جي ها.. ائين ئي هوندو آهي


ڊارون موجب فطرت ھڪ جنگ جو ميدان آهي جتي سڀ جاندار پنھنجي بقا لاءِ وڙهي رهيا آهن جيڪو آخر ڪار ڪنھن بہ موت تي ختم ٿي ويندي آهي فطرت ۾ موت گهڻو ڪري گھڻي خطرناڪ هوندي آهي انھي وحشيت جي اندر ڊارون کي پنھنجو جواب ملي ويو ڊارون موجب اها وحشت هڪ تخليقي طريقيڪار آهي اهوئي جاندار جن جي جسماني بناوت فطرت ۾ موجود خطرن جي مقابلي لاءِ صحيح هوندي آهي اهوئي بچي ويندا آهن ۽ جن جي نہ اهوئي وحشيت جو شڪار ٿي ويندا آهن

گلاپاگوس جزیري ۾ موجود ڪيترين ئي قسمن جون چونڀ پوئتي مظبوط وجھي هئي ڊارون موجب پکي ان کي هٿيار طور استعمال ڪندا هئا جنھن جزيري تي انجي خوارڪ سخت چادر کي اندر کان ٽوڙي ڪري ڪڊهڻي پوندي هئي ۽ پکين جي چونڀ ٿلهي ۽ مظبوط هوندي هئي ٻئي جزيري جا پکي وڏي چونڀ رکندا هئا ڇوجو انجي خوارڪ هڪ گول گل اندر موجود هئي هي اهوئي فرق مختلف جزيرن ۾ مختلف وجھن جي ڪري موجود هيون ۽ انھن پکين جي بقا لاءِ ضامن هيون

هي تبديليون ڪيئن وجود ۾ اينديون آهن؟ انجو جواب ڊارون کي پنھنجي ٻارن ۾ ملي ويو والدين ڄاڻيندا آهن تہ انھن جا ٻار هڪ جهڙا ناهين هوندا ڊارون جا ٻار ٿورا گھڻا انھن جهڙا هئا ٻيا انھن جي ماءُ ايما جهڙا هئا ۽ هڪ ٻئي کان مختلف هئا ڊارون انکي ويريشن جو نالو ڏنو سندن موجب اها ويريشن جاندارن ۾ تبديلي جي شروعاتي مقام آهي نسل در نسل هي ويريشنز وڌندي ويندي آهي آخر ڪار اها ويريشن فطرت ۾ موت يا زندگي جي بقا جي ضمانت بڻجي ويندي آهي جتي فطرت فيصلو ڪندي آهي تہ ڪير زندھ رهندو ۽ ڪير مرندو فطرت جي لاءِ مقابلو ڪندڙ بچي ويندا آهن ۽ نہ موزو صاف ڪيا ويندا آهن جيڪي آهستي آهستي هڪ مڪمل نئي نسل ۾ تبديل ٿي ويندا آهن چارلس ڊارون جو مشھور ڪتاب” فطري چونڊ جي وسيلي نسلن جو ارتقاء“ ٿيوري آف ايولوشب ٿرو نيچرل سليڪشن

ائين ڪيترن ئي سالن جي لڳاتار مشاهدي ۽ سخت محنت کانپوءِ چارلس ڊارون پنھنجو ڪم (اوريجن آف اسپيشيز بائي مين آف نيچرل سليڪشن) جي نالي سان پڌرو ڪرائيو هي هڪ انقلابي ڪارنامو هئو ان ماڻھن جي سوچ کي تبديل ڪري ڇڏيو. (سڀ نسلون مڪمل ۽ پرفيڪٽ ٺاهيون ويون آهن) جي سوچ جو خاتمو ڪيو انڌي عقيدي جي مقابلي ۾ ڊارون هڪ سائنيسي نظريو پيش ڪيو جيڪو مشاهدن ۽ ثبوتن سان لاڳاپيل هئو هڪ سو پنجاھ سال کانپوءِ انجي ٿيوري کي بيالوجيڪل سائنسز جي فنڊامينٽل بنياد جي حيثيت حاصل آهي اڄ بيالوجيڪل سائنسز جي بنياد ٽن ٿيورن جي مٿي آهي

1 خلوي نظریو  ( سیل ٿيوري )

2 نظریو ارتقاء ۔ ( ایولوشن ٿيوري )

2 قانون وراثتي ۔ ( لاءِ آف جینٽڪس)

پر انجي باوجود ڊارون ڄاڻيندا هئا تہ سندن جو ڪم مڪمل ناهي

جيئن هڪ جاندار جي جسم جي اندر ڪهڙو عمل تبديلي کي ممڪن بڻائي ٿو چارلس ڊارون انجي باري ۾ ڪجھ بہ نہ ڄاڻايندا هئا

مائيڪل نچمين يونيورسٽي آف اريزونا ۾ جنيات جا پروفيسر آهن

انھن جي پاڪٽ نالي ڪوئن جي ريگستاني زندگي تي تحقيق ڪئي آهيپاڪٽ ڪوئي  لاءِ ريگستان ۾ ڪيترن ئي طرح جا خطرا هوندا آهن اهوئي ڪيترن جاندران جي لاءِ هڪ سولا شڪار آهن پر ڳاڙهي رنگ جي وجھ سان اهوئي واري ۽ جبلن جي وچ ۾ سولائي سان لڪي ڪري پنھنجي زندگي بچائي وٺندا آهن ايروزون ريگستان ۾ گھڻو ڪري ڳاڙا پٿر ۽ واري موجود آهي جڏهن تہ لاروا ڦاٽڻ سان ڪجھ مقامن تي ڪارا پٿر ۽ واري بہ پاتي ويندي آهي انھن مقامن تي پاڪٽ ڪوئو کي پنھنجو پاڻ کي بچائڻ گهڻو مشڪل آهي پر اتي پاتا ويندڙ پاڪٽ ڪوئن جو رنگ بدلجي ويو آهي ۽ اهوئي ڪاري رنگ جا آهن جيڪي ڳاڙهي علائقي ۾ آهن انھن جو رنگ ساڳيو ڳاڙهو آهي شان ڪيرل ۽ مائيڪل انھن ڪوئن جي ڊي اين اي تي تحقيق ڪئي آهي

شان ڪيرل موجب ڊي اين اي جو مطالعو ارتقائي سائنس سمجهڻ جي لاءِ ضروري آهي ڊي اين اي خاص ماليڪيولز تي ٺھيل جنياتي شاخ آهي جنھن ۾ ان جاندار سان جوڙيل سڀ معلومات موجود ھوندي آهي هي هڪ ٻٽو هيلڪس بناوت هوندي آهي جن جي ٻھي لرڙيون پاڻ ۾ چار قسم جي ماليڪيول سان جڙيل هوندي آهي ايڊنين گوانين سائنوسين ۽ ٿائمين انهي ماليڪيولز جي ترتيب جي بنيادي چاٻي آهي جنھن جي مٿان سڀني جاندارن جون خصوصيتون ۽ زندگي جي راز موجود آهن انگريزي جا صرف ۽ صرف چار لفظن ۾ اي جي سي ۽ ٽي، انھي چئن لفظن جي وجھ سان دنيا جي سڀ جاندار مختلف شڪلن ۾ موجود آهن انهن جي ترتيب کي جينز چيو ويندو آهي هڪ خاص جين هڪ خصوصيت جو ذميوار هوندو آهي جيڪو نسل در نسل اڳتي منتقل ٿيندا رهندا آهن

اصل ۾ هڪ خاص جين هڪ خاص قسم جو پروٽين ٺاهڻ جو ذميوار هوندو آهي جيڪو مختلف جسماني عضون جي بناوت ۾ ڪم ايندو آهي جيئن هڪ قسم جا پروٽين وار ٺاهيندا آهن ٻئي قسم جو ڪن ٽيون قسم ٻانهن جو گوشت جيڪڏهن اسانجي اکين جو رنگ منھن جي بناوت يا ڪنھن ٻئي جسماني ڊانچو هڪ ٻئي يا ٻين جاندارن کان الڳ آهي تہ انجي صرف هڪ وجھ آهي اسانجا جينز انگريزي چئن لفظن جي ترتيب ۾ فرق

ڊي اين اي جي هڪ عجيب خصوصيت آهي تہ هي هميشہ هڪ جھڙا ناهين رهندا تبديل ٿيندا ويندا آهن ميلاپ کانپوءِ اڌ ڊي اين اي ماءُ کان اڌ پيءَ کان ملي ڪري هڪ نيو سيٽ اپ ٺاهيندا آهن انڪري اسان ٿورا گھڻا پنھنجي والدين کان مختلف هوندا آهيون ٻئي وجھ جيڪو ڊي اين اي کي تبديل ڪندي آهي پيداوار آهي جيڪڏهن پيداوار نہ هجي تہ اسان مان نسل در نسل ڪا تبديلي نہ اچي ها اسان هڪ جھڙا هجون ها پيداوار ان وقت ٿيندي آهي جڏهن اسان جي جسم جي خليا الڳ ٿيندا آهن ان الڳ ٿيڻ جي دوران اي جي سي يا ٽي سي کان پنھنجي جڳھ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي شروع ۾ هي گهڻي معمولي تبديلي جو ڪارڻ بڻبا آهن پر آهستي آهستي جڏهن هي تبديليون اڳئين نسلن ۾ منتقل ٿيندي آهي هي وڏي تبديلين جو ڪارڻ بڻبيون آهن جيئن هڪ ڳاڙهي رنگ جو ڪوئو ڪاري رنگ جي ڪوئي ۾ تبديل ٿيو ٻنھي ڪوئن جي خوردبيني مشاهدي کان پتو پيو تہ ٻنهي جا جينز هڪ جهڙا آهن سوائيء چار جڳھن تي ڪاري ڪوئي ۾ ڳاڙهي جي مقابلي ۾ ٽن مقامن تي سي جي جڳھ ٽي ۽ هڪ مقام تي اي جي جڳھ سي جو فرق موجود هئو


ڪاري رنگ جي ڪوئا ڳاڙهي علائقن ۾ خطري جي وجھ سان ختم ٿي رهيا آهن جڏهن تہ ڳاڙها ڪوئا ڪاري علائقن ۾ خطري جي منھن ۾ آهن ان لاءِ هاڻ ڪاري علائقن ۾ ڪارا ڪوئا ۽ ڳاڙهي علائقي ۾ ڳاڙهي ڪوئن جي گهڻائي آهي

ان دريافت کانپوءِ نظريہ ارتقاء ۾ موجود وڏو کڏو ڀرجي ويو آهي سڀني جاندارن ۾ ارتقائي تبديلين جي وڏي وجھ جينياتي پيداوار آهي جيڪڏهن جاندارن جي ويجهو واسطو يا فرق جو مشاهدو ڪرڻو هجي تہ انھن جي جينز جو مطالعو ڪريو سڀ ڪجھ ملي ويندو جيڪڏهن ڊارون کي پتو پئي اسان اهو جواب ڳولهي ورتو آهي جيڪو اهوئي ڄاڻي نہ سگھيا هئا تہ اسان جينز جي پيداوار دريافت ڪري چڪا آهيون تہ اهو ڪيترو خوش ٿيندو

1990ع ۾ سائنسدانن انساني جينوم پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي اسانجي ڊي اين اي ۾ موجود سڀني ٽن بيلن اکرن ۽ انجي ترتيب کي جانچو وڃي رهيو آهي ڪجھ ٻين جاندران جي ڊي اين اي جا بہ ترتيب ڏنا ويا آهن هي اسان لاءِ ارتقاء کي سمجھڻ ۾ هڪ وڏو پنڌ آهي

شروع ۾ اسان سمجھندا هياسين تہ پيچيدهہ جاندرا جيئن انسان ۾ گھڻا جينز هوندا ۽ ننڍين ۽ ساڌن جاندارن ۾ گھٽ پر ٻہ هزار ٽي ۾ جينوم اسٽڊي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو انسانن ۾ صرف ٽي ويھ هزار جينز موجود آهن هڪ ڪڪڙ ۾ بہ ٽي ويھ هزار جينز هوندا آهن جڏهن تہ مڪئي ۾ انکان گھڻا وڌيڪ آهن

هاڻي تائين نہ صرف اسان اهو ڄاڻي چڪا آهيون تہ اسانجو جينوم ۾ ٻين ڪيترن جاندارن مان گهٽ انگ جا جينز موجود آهن بلڪ هي بہ تہ اسانجا ڪيترائي اهم جينز ٻين جاندارن ۾ ۽ اسان ۾ هڪجهڙا آهن ڊي اين اي جينز ۽ پيداوار پوري ڪهاڻي جو هڪ ننڍڙو حصو آهي پر انکان سواءِ ڪيترائي هلندڙ راز موجود آهن ۽ اهوئي سوال بہ جن جا چارلس ڊارون وٽ جواب نہ هئا

#EvaluationTREE

Group #ScienceJeDuniya Page #ScienceJeDunya

Blog https://sciencejeduniya.blogspot.com/

Evolution of Slider Closure Technology.png

ارتقا: Evolution: جو مطلب حياتيات جي سائنس مطابق اهو آهي تہ سمورا جاندار ماضيءَ ۾ ڪنهن هڪ ئي جاندار مان وجود ۾ آيا آهن. هاڻوڪا سمورا جاندار پنهنجن ابن ڏاڏن وٽان ترقي ڪندا موجوده منزل تائين پهتا آهن. ارتقا ۾ تبديليءَ جو ماپو هڪ ٻن نسلن سان نٿو لڳائي سگهجي، هلڪي ارتقائي تبديليءَ جي ماپ لاءِ به لکين سال گهرجن ٿا. يعني موجوده ڪتو پنهنجن جهنگي ابن ڏاڏن وٽان ڇڄي هڪ ڌار جنس تڏهن بنجي پيو جڏهن هن جو تعلق پنهنجي جهنگلي ابن ڏاڏن سان بلڪل ختم ٿي ويو. هن وقت ڪتا فقط انساني آبادين ۾ ئي رهن ٿا.

ارتقا جي نظريي جي حامين مطابق اڄ جا يا ماضيءَ جا سمورا جاندار پنهنجي هڪ ئي اوائلي جاندار ابي مان پيدا ٿيا آهن. ارتقائي تبديلي نسل در نسل ايندي آهي جيڪا جاندار جي موروثي مواد تي تمام آهستگيءَ سان مسلسل اثرانداز ٿيندي رهندي آهي. سائنسدانن مطابق جاندارن جي ارتقا هميشه کان ٿيندي رهي آهي ۽ ٿيندي رهندي.
ارتقا جو نظريو سڀ کان اول فرانسي سائنسدان زَان لَمارڪ 1809ع ۾ پيش ڪيو. سندس دعوى هئي ته سادي قسم جي جسمي بناوت اڻ-جيئندڙ مادي مان اسري آهي، جڏهن ته اعلى درجي جي حيوانن سادي قسم جي حيوانن مان ترقي (ارتقا) ڪري، هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي آهي. انسان جي باري ۾ هن جو خيال هو، ته اهو چوپاين جي نسل مان آهي ۽ ڏاڍي ڊگهي مدي جي ارتقا جا ڏاڪا طَي ڪندي ماڻهو ٿيو آهي. هن ڪيترن ئي قسمن جي ٻوٽن ۽ جانورن جي مثالن سان ثابت ڪيو ته جسم جي ڪنهن عضوي جو لاڳيتو استعمال توانائيءَ ۽ ترقي جو ڪارڻ بڻيو آهي ۽ جيڪڏهن استعمال گهٽائي ڇڏجي، ته ان ۾ کوٽ شروع ٿي ويندي آهي ۽ آخرڪار بيڪار ۽ گم ٿي ويندي آهي. مثال طور مال ڍوئيندڙ گودي يا گدام جي مزدورن جي پيرن جون تندون ڏاڍيون مضبوط هونديون آهن. ملاحن، نانوائين، ڪاسائين ۽ ڊکڻن جي ٻانهن ۽ ڪلهن جو گوشت ڏاڍو طاقتور هوندو آهي ۽ ڌٻڻ يا گپ جي پکين، مثال طور سارس، ٻگهه، چيهي وغيره جون ڄنگهون، چهنبون ۽ ڳچيون ڏاڍيون ڊگهيون هونديون آهن. لمارڪ اهو به ثابت ڪيو ته واهپي يا اڻ واهپي سان جسم ۾ جيڪي تبديليون اينديون آهن، اهي نئين نسل ۾ ورثي طور اينديون رهنديون آهن، پر سندس خيال هو ته ٻوٽن ۽ جانورن ۾ مٿاهين سطح تائين ترقي ڪرڻ جي خواهش موجود هوندي آهي ۽ اهي اندروني طرح ترقيءَ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. سائنس اڃا مابعد الطبعيات جي اثر کان آزاد ڪا نه ٿي هئي.[1]ارتقا جي نظريي جو حقيقي مؤجد چارلس ڊاروِن (1809-1882ع) آهي. لَمارڪ ۽ ڊارون جي تحقيقن ۾ جيتوڻيڪ 50 سالن جي وٿي آهي ۽ ان وچ ۾ ڪيترن ئي سائنسدانن ارتقا جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، پر ڊارون ئي اهو عظيم سائنسدان هو جنهن حياتيءَ جي سڀني پاسن کي نج قدرتي لقائن جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ قدرتي سببن ۽ ٺوس حقيقتن وسيلي انهن جي تشريح ڪئي. ڊارون جي جڳ مشهور تصنيف ”جنسن جو بڻ بنياد“ (Origin of Species) 1859ع ۾ شايع ٿي. هيءُ ڪتاب سندس 28 سالن جي تحقيق ۽ جاچ جو نتيجو هو[1]ڊارون جو چوڻ هو ته ٻوٽن ۽ جانورن جي شروعاتي شڪل اها نه هئي جيڪا اڄ آهي، پر ان ۾ لکن ڪروڙن سالن کان تبديليون ٿينديون آيون آهن. انهن تبديلين جو بنيادي سبب موسم ۽ جاگرافيائي ماحول جي تبديلي هئي. جن ٻوٽن ۽ جانورن موسم ۽ ماحول جي ڦير سان پنهنجن جسمن ۾ تبديليون آنديون، اهي زنده رهيا ۽ جيڪي موسم ۽ ماحول سان هڪجهڙائي پيدا نه ڪري سگهيا، اهي فنا ٿي ويا. ڊارون بقا ۽ فنا جي قانون جي تائيد ۾ موجود ۽ گم ٿيل ٻوٽن ۽ جانورن جا ڪيترائي مثال ڏنا ۽ ٻڌايو ته ڪهڙيءَ طرح عضوِي تبديليون نوَن نسلن ۾ تبديل ٿيون ۽ نين جنسن جي وجود ۾ اچڻ جو ڪارڻ بڻيون. ڊارون قدرت جي ان عمل کي ”قدرتي چونڊ“ جو عمل چئي ٿو.[1]

نيچرل سليڪشن[سنواريو]

ڊارون ”قدرتي چونڊ“ جي طريقي کي ”هٿراڌو چونڊ“ جي وسيلي سمجهايو. هٿراڌو چونڊ جو مطلب سٺن يا نون قسمن جي ٻوٽن ۽ جانورن جي واڌاري جون اهي تدبيرون آهن جيڪي انسان پنهنجي فائدي لاءِ اختيار ڪندو آهي. مثال طور اسان جو روزانو ٿيندڙ تجربو آهي ته هاري، مالهي ۽ باغائي اَنَ، ڀاڇين ۽ مَيون جا سٺي کان سٺا ٻج چونڊيندا آهن، ته جيئن نئون فصل وڌيڪ سٺو ٿئي. هيءُ عمل هزارين سالن کان هلندو اچي، ان جي ڪري پيداوار جي مقدار ۾ ئي واڌارو نه ٿيو آهي، پر ڪيترن ئي قسمن جا اهڙا نوان اناج، ٻوٽا ۽ ٻج حاصل ٿيا آهن جيڪي اڳ قدرت ۾ موجود نه هئا. اسين اڄ جيڪا ڪڻڪ ۽ جوَ کائون ٿا، اهي اڳ جهنگلي گلن جا ٻج هئا جن انسانن جي ڪوششن سان ترقيءَ جا ڏاڪا طَي ڪيا ۽ آخرڪار پنهنجِي اصل جنس کان صفا ڌار قسم جا ٿي ويا. فطرت ۾ هارين، مالهين، باغائين ۽ نسل وڌائڻ جي ماهرن جو ڪردار ”قدرتي چونڊ“ ڪري ٿو. اهو ايئن، ته ٻوٽا ۽ جانور پنهنجي ماحول ۽ حريف (مخالف) ٻوٽن ۽ جانورن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي جسم ۾ ضروري تبديليون ڪندا رهن ٿا. بقا لاءِ جدوجهد جو هيءُ عمل ڪروڙين سالن کان جاري آهي. تبديليون نون نسلن ۾ ورثي طور منتقل ٿينديون رهن ٿيون ۽ نوان نسل پنهنجي ماحول مطابق وڌيڪ تبديليون ڪندا رهن ٿا. رد ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ جي ان عمل ڪري نيون جنسون وجود ۾ اچن ٿيون. انسان به قدرت جي ان قانون کان ٻاهر ڪونهي، تنهنڪري انسانذات به لکن سالن ۾ ارتقائي عمل جا کوڙ ڏاڪا طي ڪري، هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي آهي. جڏهن ته ان جا اڳوڻا وڏا بوزينه (بندر) هئا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 [1] ڪتاب:موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ: سبط حسن