مواد ڏانھن هلو

جماليات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاءِ ٻيو استعمال, ڏسو Aesthetics (disambiguation)۔
Ethics يا Asceticism سان ڀل نہ کائو.
جي. اي. وسلر جو ڊزائين ڪيل پيڪاڪ روم جيڪو جمالياتي ڊزائين جو مثال آھي

جماليات (Aesthetics) فلسفي جي هڪ شاخ آهي جن جو تعلق خوبصورتي ۽ ذائقي جي نوعيت سان لاڳاپيل موضوعن سان آهي ۽ اها وسيع معنيٰ ۾ فن جي فلسفي طور سمجهي ويندي آھي. [1] جماليات فنڪارانه احساس جي قدرن، فني ذوق ۽ ترجيح جي تنقيدي فيصلن جي جانچ ڪري ٿي.[2] اهڙيءَ طرح اها آرٽ جي فلسفياتي جائزي، ته ڪيئن فنڪار تصور، تخليق ۽ فن جا ڪم انجام ڏين ٿا ۽ انهي سان گڏ ماڻهو ڪيئن فن کي استعمال ڪن ٿا، لطف اندوز ٿين ٿا ۽ تنقيد ڪن ٿا، جو مطالعو آهي. جماليات غور ڪري ٿي ته ماڻهو ڪجهه شين کي ڇو خوبصورت ۽ ٻين کي نه سمجهن ٿا ۽ انهي سان گڏ خوبصورتي ۽ فن جون شيون ڪئين اسان جي مزاج ۽ ڀروسن کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.[3]

جماليات جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته فن اصل ۾ ڇا آهي ۽ سٺو فن ڪئين وجود ۾ اچي ٿو. اها پڻ غور ڪري ٿو ته بصري فن ڏسڻ، موسيقي ٻڌن، شاعري پڙهڻ، لذيذ کاڌي کان لطف اندوز ٿيڻ، فن جي وڏي منصوبن ۾ مشغول ٿيڻ، جهڙوڪ ڊراما، فيشن شو، فلمون ۽ ٽيليويزن پروگرام ٺاهڻ ۽ تجربو ڪرڻ، جو اثر اسان جي ذهنن ۾ ڇا ٿئي ٿو. اها ان تي پڻ ڌيان ڏئي ٿي ته انسان فطري دنيا ۾ خوبصورتي جي مختلف شڪلن کي ڪيئن ڏسن ٿا. اهڙي طرح اها اصل ۾ "فن، ثقافت ۽ فطرت تي تنقيدي عڪاسي" آهي. [4][5]

جمالياتي نظريو

[سنواريو]

’جماليات‘ لفظ ’جمال‘ سونهن مان نڪتل آهي. ’جماليات‘ کي ‘Aestheticism’ سڏيو وڃي ٿو. Aestheticism هڪ يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي”اُهي شيون، جيڪي حواسن سان ماڻي سگهجن.“ 1750ع ۾ اي. ٽي. بامگرٽن هڪ دستاويز ”ايسٿيٽيڪ “ نالي شايع ڪيو، جنهن ۾ ”لذت يا ذائقي“ کي فلسفياڻو نظريو سمجهڻ تي تنقيد ڪئي وئي هئي. آهستي آهستي اهو اصطلاح خوبصورتي يا لذت جي نظريي بابت تنقيد سان لاڳاپجي ويو. ادبي تنقيد ۾ وري هي نظريو ادب يا آرٽ جي ظاهري سونهن بابت تصورسبب هيئتي (formalistic) عنصر رکي ٿو. هڪ aesthete اُهو آهي جيڪو آرٽ، موسيقيءَ ۽ ادب ۾ ”حُسن“ تلاش ڪري ۽ ان سان وابسته ٿئي. هتي ’جماليات‘ اُن مفهوم سان وابسته آهي.[6]

جماليات جي معنيٰ سونهن يا سونهن واري شيءِ يا وجود جي ٻـُوجھ، پرک ۽ انهن جو ماخذ تلاش ڪرڻ آهي. سونهن فطرت ۾ به هوندي آهي ۽ فن ۾ به هوندي آهي. فطرت ۽ ان جا سمورا مظاهر قدرت جي عطا آهن. هي اڀرندڙ لهندڙ سج واري ويل، شفق ۽ سنڌيا، پونم جو چنڊ، چانڊوڪيءَ جو اُهاءُ، سمنڊ جي ويرَ، درياھه جون ڇوليون، ڏکڻ جي هير، سنڌوءَ ۾ تڙڳندڙ چنڊ ۽ ان جو ڦهليل عڪس، وُٺي کان پوءِ ڌرتيءَ مان ايندڙ مٽيءَ جي سـُڳنڌ، ملهار، ڪڪرن جي لس، وُٺي کان پوءِ ڌوتل وڻ ٽڻ ۽ گهرو نيرو اُڀ، وسڪاري کان پوءِ واري اوڀڙ، تاڙي جي تنوار، بربلن جو ڳٽڪو، ڪويل جي ڪوڪ، ماڪ جي شفافيت ۽ ٿڌيرو ڇهاءُ، گلن جي سرهاڻ ۽ ڪوملتا، مٽيءَ جي عظمت، ڊيل جو ٽلڻ، ڪبوتر جي اڏام، اِهي سڀ فطري سونهن جا مظهر آهن، پر انهن مڙني کان اعليٰ ۽ سونهن جو عظيم تر مظهر خود انسان آهي. ائين سُر به سونهن آهي ته لفظ ۽ رنگ به سونهن آهن ته تند ۽ تنوار ۾ بہ حسن موجود آهي، جنهن کي ”جماليات“ چئبو آهي.[6]

جمالياتي وڇوٽي

[سنواريو]

جماليتي وڇوٽي (Aesthetic distance) : ڪنهن ادبي يا فني ڪارنامي جي فني ڪاميابيءَ لاءِ مشاهدي ڪرڻ واري کي فن جي غير واقعي هجڻ جو احساس هجي. ان احساس جي ڪري مشاهدو ڪرڻ وارو فني ڪارنامي کان پري ٿي وڃي. مثال طور ڪنهن ڊرامي ۾ ڪوبہ بدمعاش هيروئن جي مدد نه ڪندو آهي، ڇو جو هن وٽ جمالياتي سگھ جي کوٽ هوندي آهي. ان طرح سان فن ۽ مشاهدي جي وڇوٽيءَ واري رويي کي نفسياتي اصطلاح ۾ ”جمالياتي وڇوٽي“ چئبو آهي.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Slater, B. H., Aesthetics, Internet Encyclopedia of Philosophy, آرڪائيو ڪيا ويا 31 March 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., accessed on 15 September 2024.
  2. Zangwill, Nick. "Aesthetic Judgment آرڪائيو ڪيا ويا 2 August 2019 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.", Stanford Encyclopedia of Philosophy, 02-28-2003/10-22-2007. Retrieved 07-24-2008.
  3. Thomas Munro, "Aesthetics", The World Book Encyclopedia, Vol. 1, ed. A. Richard Harmet, et al., (Chicago, Illinois: Merchandise Mart Plaza, 1986), p. 80.
  4. Kelly (1998), p. ix.
  5. Riedel, Tom (Fall 1999). "Review of Encyclopedia of Aesthetics 4 vol. Michael Kelly". Art Documentation: Journal of the Art Libraries Society of North America 18 (2): 48. doi:10.1086/adx.18.2.27949030.
  6. 1 2 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.